توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
إِنّا أَعطَينٰكَ الكَوثَرَ (آيت : 1) |
(اي پيغمبر) بيشڪ اسان توکي ڪوثر عطا ڪيو.(علامه تاج محمود امروٽي) (اي پيغمبر!) بيشڪ اسان توکي (قرآن جهڙي نعمت جي) تمام وڏي ڀلائي ڏني آهي.(علامه علي خان ابڙو) رسولِ عربي بيشڪ اسان توهان کي تمام گھڻي ڀلائي عطا ڪئي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) (اي رسول) بيشڪ اسان تو کي ڪوثر عطا ڪيو.(سيد فرمان علي) بيشڪ اسان عطا ڪيون توکي ڪوثر .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) (اي پيغمبر) بيشڪ اسان توکي ڪوثر ڏنو آهي (مولانا محمد مدني) بيشڪ اسان تو کي گھڻي کان گھڻو (خيرِ ڪثير) ڏنو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) بي شڪ بي اَنداز، توه ڪيا سون تو مٿي،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَصَلِّ لِرَبِّكَ وَانحَر (آيت : 2) |
تنھنڪري پنھنجي پالڻھار جي لاءِ نماز پڙھ ۽ قرباني ڪر.(علامه تاج محمود امروٽي) پوءِ تون پنهنجي پالڻهار جي (پالڻهاريءَ کي عام ڪرڻ جي فرض ادائگي) لاءِ نماز پڙهه ۽ قرباني ڪر!(علامه علي خان ابڙو) پوءِ توهان پنهنجي خالق لاءِ نماز پڙهو ۽ قرباني ڪريو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ته تون پنهنجي پالڻهار لاءِ نماز پڙھ ۽ قرباني ڪندو رھ(سيد فرمان علي) پوءِ پنهنجي رب جي لاءِ نماز پڙھ ۽ قرباني ڪر .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) پوءِ تون پنهنجي پاليندڙلاءِ نماز پڙهه (مولانا محمد مدني) پوءِ تون پنهنجي پالڻهار لاءِ نماز پڙهه ۽ قرباني ڪر.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ دُعا گُھر ڌَڻِئ کان، پڻ ڪر نَذر نِياز،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إِنَّ شانِئَكَ هُوَ الأَبتَرُ (آيت : 3) |
بيشڪ تنھنجو ويري ئي بي نسل آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) بيشڪ تنهنجو دشمن ئي بي نسل آهي. (جو ان جو نالو نشان مٽجي ويندو.((علامه علي خان ابڙو) بيشڪ توهان جو مخالف ئي هر ڀلائي کان پري آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) بيشڪ تنهنجو دشمن بي نسل آهي.(سيد فرمان علي) بيشڪ دشمن تنهنجو اهو ئي بي بنياد آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽ قرباني ڪر! بيشڪ تنهنجو دشمن ئي بي نسل آهي (مولانا محمد مدني) بيشڪ تنهنجو دشمن نِپُٽو (بي اولاد يا بي نام و نشان) رهندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) توسان جو ناساز، نانگو، نِپٽو آھِ سو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |