القرآن الڪريم

  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • علامه تاج محمود امروٽي
    • علامه علي خان ابڙو
    • علامه عبدالوحيد جان سرهندي
    • سيد فرمان علي
    • مولانا محمد ادريس ڏاهري
    • مولانا محمد مدني
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
×

توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.




 

رڪوع : 1 سُوۡرَۃُ الۡمَاعُوۡنِ  مَکِّیَّۃٌ آيتون : 7


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

أَرَءَيتَ الَّذى يُكَذِّبُ بِالدّينِ (آيت : 1)

(اي پيغمبر) انھي کي ڏٺيءِ ڇا جيڪو عملن جي بدلي ملڻ کي ڪوڙ ڀانئيندو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر!) ڇا تو ان کي ڏٺو جو (زبان سان ته اطاعت جو اقرار ڪري ٿو، پر عملن جي) بدلي ملڻ واري ڏينهن کي ڪوڙو ڪري ٿو.(علامه علي خان ابڙو)


ڇا توهان ان ماڻهوءَ کي نه ڏٺو جيڪو دين جي تڪذيب ڪري ٿو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ڇا تو ان شخص کي به ڏٺو جو روز جزا کي ڪوڙو ڪري ٿو.(سيد فرمان علي)


ڇا ڏٺو تو ان کي جيڪو ڪوڙو چوي پيو قيامت کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي پيغمبر) ڇا تو ان کي ڏٺو جو (عملن جي)بدلي ملڻ کي ڪوڙو ڪري ٿو؟ (مولانا محمد مدني)


ڇا تو ان ماڻهو کي ڏٺو جيڪو دين کي ڪوڙو چوي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اَکـئـِين اُن ماڻهوءَ جو، هُوند ڏِٺئـِي ڪو حال؟ جو مزوري مِلڻ کي، ڪوڙِي چَئي ڪُلال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَذٰلِكَ الَّذى يَدُعُّ اليَتيمَ (آيت : 2)

پوءِ اُھو آھي جو ڇوري ٻار کي ڌِڪيندو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ هي (اطاعت جو ڪوڙو دعويدار ۽ بدلي جي ڏينهن جو منڪر) اهو آهي، جيڪو يتيم (جون ضرورتون پوريون ڪرڻ بجاءِ ان) کي لوڌي ٿو.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ اهو ئي آهي جيڪو يتيم کي جھڻڪي ٿو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


هي ته اهو (بدبخت) آهي جيڪو يتيم کي لوڌي ٿو.(سيد فرمان علي)


پوءِ اهو ئي آهي جيڪو ڌڪا ڏئي ٿو يتيم کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ هي اهو آهي جو يتيم کي لوڌي ٿو (مولانا محمد مدني)


پوءِ هي اُهو ماڻهو آهي جيڪو يتيم کي ڌڪا ڏئي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ ڇِينڀي ڇورڙن کي، سوئـِي خام خيال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلا يَحُضُّ عَلىٰ طَعامِ المِسكينِ (آيت : 3)

۽ (ڪنھن کي) مسڪين جي کارائڻ تي رغبت نه ڏياريندو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ مسڪين کي (پاڻ به کاڌو نٿو کارائي ۽ ٻين کي به) کاڌي کارائڻ جي رغبت نه ٿو ڏي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ مسڪينن کي طعام کارائڻ لاءِ (ڪنهنکي) شوق نٿو ڏياري(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ مسڪين کي کاڌي کارائڻ جي رغبت (به) نه ٿو ڏئي.(سيد فرمان علي)


۽ نه ٿو رغبت ڏياري مسڪين جي کاڌي کارائڻ تي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ مسڪين کي کاڌي کارائڻ جي رغبت (به) نه ٿو ڏئي (مولانا محمد مدني)


۽ مسڪين کي کاڌي کارائڻ جي رغبت نه ٿو ڏئي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ اُسريو، نه اُسري، مَٿي قُوت ڪَنگال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَوَيلٌ لِلمُصَلّينَ (آيت : 4)

پوءِ انھن نمازين لاءِ وَيل آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(انسانيت جي ڪمن ۾ کٽل اهو ماڻهو پاڻ کي ديندار ظاهر ڪرڻ لاءِ بنا اخلاص واري نمازن تي زور ٿو ڏئي) پوءِ ويل انهن نمازين لاءِ هجي.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ ويل آهي انهن نمازين لاءِ(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ ويل انهن نمازين لاءِ آهي (سيد فرمان علي)


پوءِ ويل آهي انهن نمازين جي لاءِ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ ويل انهن نمازين لاءِ هجي (مولانا محمد مدني)


پوءِ بربادي آهي (انهن) نمازين لاءِ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ آهي وادِي وَيل جِي، تِن نِمازِين نال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


الَّذينَ هُم عَن صَلاتِهِم ساهونَ (آيت : 5)

جي پنھنجين نمازن کان ويسلا رھندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


جيڪي پنهنجيءَ نماز (جي روح ۽ مقصد) کان غافل آهن.(علامه علي خان ابڙو)


جيڪي پنهنجي نمازن ۾ غافل آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جيڪي پنهنجيءَ نماز کان غافل آهن.(سيد فرمان علي)


جيڪي پنهنجي نماز کان غافل آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جيڪي پنهنجيءَ نماز کان غافل آهن. (مولانا محمد مدني)


جيڪي پنهنجي نماز کان غافل آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جي سَندنِ دُعا، دُرُود کان، آهِن ڀُليل بَحال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


الَّذينَ هُم يُراءونَ (آيت : 6)

اُھي جيڪي رياءُ ڪندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


جيڪي ڏيکاءُ ڪن ٿا. (نمازون هن لاءِ پڙهن ٿا ته، پاڻ کي ٺلهي دينداري جو دلبو ڏين ۽ ماڻهو انهن کي نيڪ نمازي چون).(علامه علي خان ابڙو)


اهي ئي ڏيکاءُ لاءِ عمل ڪن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جيڪي ڏيکاءُ ڪن ٿا.(سيد فرمان علي)


اهي جيڪي رياء ڪن ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جيڪي ڏيکاءُ ڪن ٿا(مولانا محمد مدني)


جيڪي رياڪاري ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڪَن خُوشامد خير ۾، چَلن اِهائي چال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَيَمنَعونَ الماعونَ (آيت : 7)

۽ اُڌاريون شيون جھليندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


(ساڳي وقت هوڏانهن سندن حالت هيءَ آهي جو ضرورت جي عام ۽ معمولي) نه روڪڻ جهڙين شين (کي به ٻين کان) روڪين ٿا.(علامه علي خان ابڙو)


۽ گھريلو استعمال جون شيون هڪ ٻئي کي نٿا ڏين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ روزمره جون معمولي شيون ٻين کي ڏيڻ کان پاڻ کي روڪين ٿا.(سيد فرمان علي)


۽ روڪين ٿا عام استعمال جون شيون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ اڻ روڪڻ جهڙي شيءِ (ٻين کان) روڪين ٿا (مولانا محمد مدني)


۽ (اهڙا ڪنجوس آهن جو) عام استعمال جون معمولي شيون به (ڪنهن کي) نه ٿا ڏين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ بَند رکن ٿا ڀال، اُهکِي، سُهکِي عام سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))



© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017