توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
لِإيلٰفِ قُرَيشٍ (آيت : 1) |
قريشين کي اُلفت ڏيارڻ لاءِ.(علامه تاج محمود امروٽي) قريشن کي چاهه ڏيڻ جي ڪري، (جو اهي ڪعبي جا متولي آهن.)(علامه علي خان ابڙو) قريش وارا رغبت رکن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) قريش کي مانوس ڪرڻ لاءِ،(سيد فرمان علي) سببان محبت ڏيارڻ قريشين جي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) قريشن کي چاهه ڏيڻ جي ڪري (مولانا محمد مدني) قريشن کي رغبت ڏيارڻ لاءِ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪارڻ سُک قُريشِيَن، سُک سَندنِ ئـِي ڪاڻ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
إۦلٰفِهِم رِحلَةَ الشِّتاءِ وَالصَّيفِ (آيت : 2) |
جو سياري ۽ اونھاري جي سفر سببان کين اُلفت ڏيارڻ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي) (ان عزت ۽ احترام جو نتيجو آهي جو چوڌاري قبيلن ۽ ملڪن انهن کي) سياري ۽ اونهاري جي مسافريءَ سان انهن (جي قافلن) کي چاهت سان (حفاظت ۾) رکيو آهي.(علامه علي خان ابڙو) (يعنى) اهي اونهاري ۽ سياري ۾ سفر جي رغبت رکن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) سردي ۽ گرمي جي مسافري سان مانوس ڪري ڇڏيو آهي.(سيد فرمان علي) محبت ڏيارڻ انهن جي سفر سياري ۽ اونهاري جي سان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) سياري ۽ اونهاري جي مسافريءَ سان انهن کي چاهه ڏيڻ جي ئي ڪري (مولانا محمد مدني) انهن کي سياري ۽ اونهاري جي سفر سان مانوس ڪيوسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سِياري ۽ سانول جا، سانگ ٻئـِي سُک ساڻ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
فَليَعبُدوا رَبَّ هٰذَا البَيتِ (آيت : 3) |
تنھنڪري گُھرجين ته ھِن گھر جي (انھيءَ) پالڻھار جي عبادت ڪن.(علامه تاج محمود امروٽي) (ليڪن قريشين ان ڪعبي جي امين بنجڻ واري ذميواريءَ کي وساري ڇڏيو آهي،) سو کين جڳائي ته اهي هن گهر جي مالڪ جي عبادت ڪن.(علامه علي خان ابڙو) پوءِ اهي هن بيت الله جي رب جي عبادت ڪن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ته انهن کي هاڻي هن گهر (ڪعبه) جي مالڪ جي عبادت ڪرڻ گهرجي.(سيد فرمان علي) پوءِ گهرجي ته عبادت ڪن هن گهرجي رب جي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اهي هن گهر جي مالڪ جي عبادت ڪن (مولانا محمد مدني) پوءِ انهن کي گهرجي ته هن گهر (بيت الله) جي مالڪ جي عبادت ڪن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) گُھرجي ته گَھر ڌَڻِئ کي، پوڄِينِ، پوءِ پاڻ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
الَّذى أَطعَمَهُم مِن جوعٍ وَءامَنَهُم مِن خَوفٍ (آيت : 4) |
جنھن کين بُک ۾ کاڄ کاريايو، ۽ کين ڀؤ کان امن ڏنو.(علامه تاج محمود امروٽي) جنهن انهن کي (ڪعبي جي ڪري تجارت ۾ سهولت ڏيئي) بک کان کاڌو ڏنو ۽ (قبيلن جي ڦرلٽ جي) ڊپ کان بچايو. (ته جيئن مطمئن ٿي ڪعبي کي خدائي نظام جو مرڪز بنائن.)(علامه علي خان ابڙو) جنهن انهن کي بک ۾ روزي عطا ڪئي، ۽ انهن کي خوف مان امن ڏنائين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) جنهن انهن کي بک ۾ کاڌو ڏنو ۽ ڊپ کان بچايو.(سيد فرمان علي) جنهن کارايو انهن کي بک کان ۽ امن ڏنو انهن کي خوف کان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) جنهن انهن کي بک کان کاڌو ڏنو. ۽ ڊپ کان بچايو (مولانا محمد مدني) جنهن انهن کي بک ۾ کاڌو کارايو ۽ انهن کي خوف کان امن ڏنائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جِنهن ڀَرپاسي بُک وِچان، سُهنجي ڏِنَين سانجاڻ، ۽ هَر سونڪي کان سُڄاڻ، اَمن ڏِنائـِين اُنهن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |