القرآن الڪريم

  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • علامه تاج محمود امروٽي
    • علامه علي خان ابڙو
    • علامه عبدالوحيد جان سرهندي
    • سيد فرمان علي
    • مولانا محمد ادريس ڏاهري
    • مولانا محمد مدني
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
×

توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.




 

رڪوع : 1 سُوۡرَۃُ الۡفِیۡـلِ مَکِّیَّۃٌ آيتون : 5


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

أَلَم تَرَ كَيفَ فَعَلَ رَبُّكَ بِأَصحٰبِ الفيلِ (آيت : 1)

(اي پيغمبر) نه ڏٺئي ڇا؟ ته تنھنجي پالڻھار ھاٿي وارن سان ڪئن ڪيو؟(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر!) ڇا تو نه ڏٺو ته تنهنجي پاليندڙ (طاقت جي گهمنڊ ۾ مبتلا) هاٿيءَ وارن سان ڪيئن ڪيو.(علامه علي خان ابڙو)


رسولِ عربي توهان نه ڏٺو ته توهان جي رب هاٿين وارن (ابرهه ۽ ان جي لشڪر) سان ڇا ڪيو؟(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول) ڇا تو نه ڏٺو تنهنجي پروردگار هاٿي وارن سان ڇا ڪيو،(سيد فرمان علي)


ڇا نه ڏٺو تو ته ڪهڙي طرح ڪيو رب تنهنجي هاٿين وارن سان ڇا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي پيغمبر) ڇا تو نه ڏٺو ته تنهنجي پاليندڙ هاٿيءَ وارن سان ڪيئن ڪيو؟ (مولانا محمد مدني)


ڇا تو نه ڏٺو ته تنهنجي پالڻهار هاٿي وارن سان ڇا ڪيو؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڏِٺئـِي ڪِين ته ڪِيئن ڪيو، تنهنجي پَروَر پاڪ؟ هاٿِيَن جي ساٿين سان، جِن جِي هيڏِي هُئـِي هاڪ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَلَم يَجعَل كَيدَهُم فى تَضليلٍ (آيت : 2)

سندن بڇڙي رٿ کي ناس نه ڪيائين ڇا؟(علامه تاج محمود امروٽي)


ڇا (ڪعبته الله کي ڊاهڻ متعلق) سندن شرارت کي ناڪام نه ڪيائين.(علامه علي خان ابڙو)


ڇا الله تعالى سندن رٿ کي باطل ۽ ضايع نه ڪيو؟(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ڇا سندن تدبير غلط نه ڪيوسون؟ (بيشڪ ڪيوسون)،(سيد فرمان علي)


ڇا نه ڪيائين انهن جي رٿ کي ناڪام .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ڇا سندن شرارت کي بيڪار نه ڪيائين (مولانا محمد مدني)


ڇا انهن جي سازش کي بيڪار نه ڪيائين؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڪِ اُجڙ ڪيائين نه اُنهن جو حملو هيبتناڪ؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَأَرسَلَ عَلَيهِم طَيرًا أَبابيلَ (آيت : 3)

۽ وَلر وَلر پکي مٿن موڪليائين.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ مٿن ولرن جا ولر پکي موڪليائين.(علامه علي خان ابڙو)


۽ انهن تي پکين جا ولر موڪليا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ مٿن ولرن جا ولر ابابيل (پکي) موڪلياسين،(سيد فرمان علي)


۽ موڪليائين انهن جي مٿان پکي، ابابيل .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ مٿن ولرن جا ولر پکي موڪليائين (مولانا محمد مدني)


۽ انهن تي اڏامندڙ پکين جا ولر موڪليائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


مَٿن پَکِي موڪليائين، بلڪل ڪي بيباڪ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


تَرميهِم بِحِجارَةٍ مِن سِجّيلٍ (آيت : 4)

جن ڪنڪريٽ جون پھڻيون کين ھنيون ٿي.(علامه تاج محمود امروٽي)


جن انهن کي (پنهنجي پيرن ۽ چهنبن ۾ جهليل) ڪڪريءَ جون پٿريون هنيون ٿي.(علامه علي خان ابڙو)


جن انهن کي باه مان پڪل ٺڪريون هنيون(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جن هنن کي ڪڪري جون پٿريون هنيون ٿي.(سيد فرمان علي)


چُٽين پيا انهن کي پٿرين سان پڪيءَ مٽيءَ مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جن انهن کي ڪڪريءَ جون پٿريون هنيون ٿي (مولانا محمد مدني)


جن انهن کي پڪل مٽيءَ جي پٿرين سان پئي چُٽيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جي چُٽيو ڪَڙهيل ڪَڪَريون، چِيريون ڪَننِ چاڪ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَجَعَلَهُم كَعَصفٍ مَأكولٍ (آيت : 5)

پوءِ اولڙ گاھ جان کين ڪيائين.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ انهن کي اولڙ گاهه جهڙو (پائمال) ڪري ڇڏيائين. (پوءِ اي مڪي جا مشرڪو! هي سڀ ڪجهه اوهان جي اکين جي سامهون ٿيو، سو اوهان حق سان ٽڪر کائڻ لاءِ طاقت جي ڪهڙي گهمنڊ ۾ آهيو).(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ انهن کي کاڌل بوسي وانگر ڪيائين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ انهن کي چٻاڙيل گاھ جهڙو ڪري ڇڏيو.(سيد فرمان علي)


پوءِ ڪري ڇڏيائين انهن کي کاڌل اولڙ وانگر .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ انهن کي اولڙ گاهه جهڙو ڪري ڇڏيائين (مولانا محمد مدني)


پوءِ انهن کي لتاڙيل گاهه وانگر ڪري ڇڏيائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ جِن جو کِيرو خاڪ، ڪيائـِين اُن ڪانن جِيئن.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))



© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017