104 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 9 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
وَيْلٌ لِّكُلِّ هُمَزَةٍ لُّمَزَةِ 1ۙ
هلاڪت آهي هر گلا ڪندڙ، عيب ڳوليندڙ جي لاءِ .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريوڏي خرابي هجي سڀڪنهن گلا خور ٽوڪ هڻندڙ لاءِ
— مولانا محمد مدني(وڏو) ويل آهي هر اُن شخص لاءِ جيڪو ماڻهن کي منھن تي مِھڻا ڏئي ٿو ۽ پر پٺ (ويھي) گلا ڪري ٿو.
— عبدالسلام ڀُٽوۨالَّذِيْ جَمَعَ مَالًا وَّعَدَّدَهٗ 2ۙ
جنهن گڏ ڪيو مال ۽ ڳڻي ٿو ان کي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريجنهن مال کي ميڙي ۽ ان کي ڳڻي رکيو آهي
— مولانا محمد مدنيجنھن مال گڏ ڪيو ۽ ان کي (بار بار) ڳڻي رکيو.
— عبدالسلام ڀُٽويَحْسَبُ اَنَّ مَالَهٗ ٓ اَخْلَدَهٗ 3ۚ
ڀانئين ٿو ته بيشڪ ان جو مال هميشہ رهائيندو ان کي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريخيال ڪري ٿو ته سندس مال ان کي سدائين رهائيندو
— مولانا محمد مدنيهو سمجهي ٿو ته سندس مال ان وٽ هميشه (موجود) رهندو.
— عبدالسلام ڀُٽوكَلَّا لَيُنْۢبَذَنَّ فِي الْحُطَمَةِ ڮ 4
هرگز نه البته ضرور اڇلايو ويندو حطمہ ۾ .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريائين نه ٿيندو ضرور ان کي پرزا پرزا ڪري ڇڏڻ واري باهه ۾ اڇلايو ويندو
— مولانا محمد مدنيٿي ئي نٿو سگهي! اِهو ماڻهو ضرور حُطمہ ۾ اڇلايو ويندو.
— عبدالسلام ڀُٽووَمَآ اَدْرٰىكَ مَا الْحُطَمَةُ 5ۭ
۽ ڪنهن ڄاڻايو توکي ته ڇا آهي حطمہ؟ .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽توکي ڪهڙي خبر ته پرزا پرزا ڪري ڇڏڻ واري ڇا آهي؟
— مولانا محمد مدني۽ توکي ڪهڙي خبر ته حطمہ ڇا آهي؟
— عبدالسلام ڀُٽونَارُ اللّٰهِ الْمُوْقَدَةُ 6ۙ
الله جي ٻاريل باھ .
— مولانا محمد ادريس ڏاھرياها الله جي ٻاريل باهه آهي
— مولانا محمد مدني(حُطمہ) الله تعالى جي طرفان ڀڙڪايل باهه آهي.
— عبدالسلام ڀُٽوالَّتِيْ تَـطَّلِــعُ عَلَي الْاَفْــِٕدَةِ 7ۭ
جيڪا پهچي ٿي دلين تي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريجا دلين کي وٺي وڃي ٿي
— مولانا محمد مدنيجيڪا (دوزخين جي) دلين تائين وڃي پهچندي.
— عبدالسلام ڀُٽواِنَّهَا عَلَيْهِمْ مُّؤْصَدَةٌ 8ۙ
بيشڪ اها انهن تي بند ڪيل آهي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريبيشڪ اها مٿن دميل هوندي
— مولانا محمد مدنيبيشڪ اها (باهه) انهن تي هر طرف کان بند ڪيل هوندي.
— عبدالسلام ڀُٽوفِيْ عَمَدٍ مُّمَدَّدَةٍ 9ۧ
ڊگهن ٿنبن ۾ .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريڊگهن ٿنڀن ۾
— مولانا محمد مدني(جڏهن ته اهي) وڏن ڊگهن ٿنڀن ۾ (ٻڌل هوندا).
— عبدالسلام ڀُٽو