103 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 3 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
وَالْعَصْرِ 1ۙ
زماني جو قسم آهي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريزماني جو قسم آهي
— مولانا محمد مدنيقسم آهي زماني جو.
— عبدالسلام ڀُٽواِنَّ الْاِنْسَانَ لَفِيْ خُسْرٍ 2ۙ
بيشڪ انسان البته خساري ۾ آهي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريته بيشڪ انسان وڏي نقصان ۾ آهي
— مولانا محمد مدنيته بيشڪ انسان (وڏي) خساري ۾ آهي.
— عبدالسلام ڀُٽواِلَّا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَتَوَاصَوْا بِالْـحَقِّ ڏ وَتَوَاصَوْا بِالصَّبْرِ 3ۧ
مگر جن ايمان آندو ۽ عمل صالح ڪيائون ۽ حق جي تلقين ڪيائون ۽ صبر جي تلقين ڪيائون .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريانهن کان سواءِ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا ۽ هڪ ٻئي کي حق جي نصيحت ڪئي ۽ هڪ ٻئي کي صبر جي نصيحت ڪئي (۳)
— مولانا محمد مدنيپر اُهي ماڻهو بچي ويندا: جن ايمان آندو ــ نيڪ عمل ڪيا ــ هڪ ٻئي کي حق ڳالهه ڪرڻ جي نصيحت ڪئي ۽ هڪ ٻئي کي (تڪليفن تي) صبر ڪرڻ جو تاڪيد ڪندا رهيا.
— عبدالسلام ڀُٽو