توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
أَلهىٰكُمُ التَّكاثُرُ (آيت : 1) |
(اي ماڻھو) پاڻ ۾ گھڻائي (تي مرڪڻ) اوھان کي ويسلو ڪيو.(علامه تاج محمود امروٽي) اوهان کي (دولت، معتبرائپ ۽ منصب ۾) واڌاري جي حرص (۽ هڪ ٻئي کان اڳ ڪڍڻ جي هوس) غافل ڪيو. (جو اوهان انسانيت جي صحيح منزل مقصود کان به ڀٽڪي ويؤ).(علامه علي خان ابڙو) ملڪيت جي ڪثرت توهان کي غافل بنايو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) نسل ۽ دولت جي (گهڻي ٿيڻ جي) حرص اوهان کي غافل ڪري ڇڏيو آهي.(سيد فرمان علي) غافل ڪيو اوهان کي گهڻي جي طلب .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) اوهان کي زيادتي جي حرص غافل ڪيو (مولانا محمد مدني) گهڻائي جي چاهت توهان کي غافل ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آن کي موهيو مال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
حَتّىٰ زُرتُمُ المَقابِرَ (آيت : 2) |
تان جو قبرن کي ڏٺوَ.(علامه تاج محمود امروٽي) (اوهان پنهنجي طلب کي پنهنجي بنيادي ضرورتن موجب رکڻ بجاءِ هوس وڌائيندا رهيؤ) تان جو وڃي قبرن کي پهتؤ (يعني مري ويئو).(علامه علي خان ابڙو) ايستائين جو توهان قبرن تي پهتا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ايتري تائين جو اوهان قبرن کي ڏٺو مري ويا.(سيد فرمان علي) تانجو ڏٺيون اوهان قبرون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ايتري تائين جو اوهان قبرن کي ڏٺو (يعني مري ويئو) (مولانا محمد مدني) ايستائين جو توهان قبرون (وڃي) ڏٺيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تان وَڃِي بُٺيون ڀـيٽيان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
كَلّا سَوفَ تَعلَمونَ (آيت : 3) |
ائين نه آھي سگھوئي ڄاڻندؤ.(علامه تاج محمود امروٽي) (زندگي رڳو) ائين نه آهي، (جيڪڏهن عقل ۽ فهم کان ڪم وٺو ته ان روش جي بڇڙاين ۽ تباهه ڪارين کي) اوهين ڄاڻي وٺندؤ.(علامه علي خان ابڙو) خبردار ! توهان جلد معلوم ڪندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) خبردار! اوهين ڄاڻي وٺندو.(سيد فرمان علي) ها ها جلد ڄاڻندؤ اوهان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ائين نه آهي (جيئن خيال ڪريو ٿا) اوهين ڄاڻي وٺندو (مولانا محمد مدني) يقينًا ! توهان جلد ڄاڻي وٺندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سَچ ته سِگھو سَمجھندا، سڀ حقِيقت حال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
ثُمَّ كَلّا سَوفَ تَعلَمونَ (آيت : 4) |
وري (چئون ٿا ته) سگھوئي ڄاڻندؤ.(علامه تاج محمود امروٽي) وري (چئون ٿا ته زندگي) ائين نه آهي، اوهين (ان روش جي تباهه ڪارين کي جلد ئي) ڄاڻي وٺندؤ.(علامه علي خان ابڙو) ان کان پوءِ خبردار ! توهان جلد معلوم ڪندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) وري (چئون ٿا ته) ائين نه آهي اوهين ڄاڻي وٺندو.(سيد فرمان علي) ان کان پوءِ ها ها جلد ڄاڻندؤ اوهان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) وري (چئون ٿا ته) ائين نه آهي اوهين ڄاڻي وٺندو (مولانا محمد مدني) وري به يقينًا توهان جلدي ڄاڻي وٺندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وَرِي به صَحِيح سَمجھندا، اوڏِيهر اَحوال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
كَلّا لَو تَعلَمونَ عِلمَ اليَقينِ (آيت : 5) |
نه نه! جيڪڏھن پڪي ويساھ سان ڄاڻو ھا (ته ويسلو نه ويھو ھا).(علامه تاج محمود امروٽي) پڪ سان ائين نه آهي، جيڪڏهن (اوهان به) يقيني طرح (گهرائيءَ ۾ وڃي غور ڪرڻ) سان ڄاڻو ها (ته غافل نه ٿيو ها).(علامه علي خان ابڙو) خبردار ! جيڪڏهن توهان کي يقيناً معلوم هجي ها ته (ملڪيت جي حرص ۾ غافل نه ٿيو ها)(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) ڏسو! جيڪڏهن اوهان کي يقيني طور تي معلوم هجي ها (ته هرگز غافل نه ٿيو ها).(سيد فرمان علي) ها ها جيڪڏهن ڄاڻندؤ اوهان علم يقين جو ته .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) ائين نه آهي جيڪڏهن يقيني طرح سان ڄاڻو ها (ته غافل نه ٿيو ها) (مولانا محمد مدني) هائو جي اگر (دنيا ۾ ئي پنهنجي انجام کي) اوهان يقيني طرح ڄاڻو ها.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي ڄاڻو، ڄاڻ يَقِين جو، ته اِيئن نه هُجي اَڄ ڪالھ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
لَتَرَوُنَّ الجَحيمَ (آيت : 6) |
قسم آھي ته ضرور دوزخ کي ڏسندؤ.(علامه تاج محمود امروٽي) (پوءِ) قسم سان (قيامت ۾) دوزخ کي ضرور ڏسندؤ.(علامه علي خان ابڙو) توهان بيشڪ جهنم ڏسندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) اوهين ضرور دوزخ کي ڏسندو.(سيد فرمان علي) البته ضرور ڏسندؤ دوزخ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) قسم آهي ته دوزخ کي ضرور ڏسندؤ (مولانا محمد مدني) توهان ضرور جهنم کي ڏسندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَوهِين ڏِسندا اکين سان، جَھنّم جِئَ جَنجال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
ثُمَّ لَتَرَوُنَّها عَينَ اليَقينِ (آيت : 7) |
وري به ان کي يقين واريءَ اک سان ضرور ڏسندؤ.(علامه تاج محمود امروٽي) وري ان ڏينهن (دوزخ ۾ داخل ٿي) ان کي يقيني طرح سان ڏسندؤ.(علامه علي خان ابڙو) ان کان پوءِ توهان يقيناً ان کي اکين سان ڏسندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) وري ان کي يقيني طرح ڏسندو.(سيد فرمان علي) ان کان پوءِ البته ضرور ڏسندؤ ان کي يقين جي اک سان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) وري ان کي يقيني طرح ڏسندؤ. (مولانا محمد مدني) پوءِ توهان ان کي يقين جي اک سان ڏسندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڏِسنداسِ ڏِسڻ يَقِين جو، تنهان بَعد بَحال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |
ثُمَّ لَتُسـَٔلُنَّ يَومَئِذٍ عَنِ النَّعيمِ (آيت : 8) |
وري اُن ڏينھن نعمتن بابت اوھان کان ضرور پڇبو.(علامه تاج محمود امروٽي) وري ان ڏينهن (خدا جي طرفان اوهان کي عطا ڪيل سڀني) نعمتن بابت اوهان کان پڇبو (ته انهن کي اوهان پنهنجي خواهشن ۽ هوس جي تسڪين لاءِ ڇو استعمال ڪيو.)(علامه علي خان ابڙو) ان کان پوءِ يقيناً توهان کان ان ڏينهن الله جي طرفان ڏنل نعمتن بابت ضرور سوال پڇيو ويندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي) پوءِ اوهان کان ان ڏينهن (قيامت ۾) ضرور نعمت بابت پڇيو ويندو.(سيد فرمان علي) ان کان پوءِ البته ضرور پڇيا ويندؤ ان ڏينهن نعمتن جي باري ۾ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري) وري ان ڏينهن نعمت بابت اوهان کان پڇيو ويندو (مولانا محمد مدني) پوءِ ان ڏينهن ضرور توهان کان نعمتن جي باري ۾ پڇيو ويندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وَرِي بابت هَر ڪِنهن ڀال، پُڇبان اَوس اُن ڏينهن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) |