القرآن الڪريم

  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • علامه تاج محمود امروٽي
    • علامه علي خان ابڙو
    • علامه عبدالوحيد جان سرهندي
    • سيد فرمان علي
    • مولانا محمد ادريس ڏاهري
    • مولانا محمد مدني
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
×

توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.




 

رڪوع : 11 سُوۡرَۃُ یُوۡنُسَ مَکِّیَّۃٌ آيتون : 109


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

الر تِلكَ ءايٰتُ الكِتٰبِ الحَكيمِ (آيت : 1)

الٓرٰ، ھيءُ آيتون حِڪمت واري ڪتاب جون آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


الف- لام- را- هي آيتون آهن حڪمت سان ڀريل ڪتاب جون. (يعني اهڙي ڪتاب جون جنهن جون سڀ ڳالهيون حڪمت ۽ دانائيءَ جون ڳالهيون آهن.)(علامه علي خان ابڙو)


الٓرٰ ۔ اهي حڪمت سان ڀريل قرآن ڪريم جون آيتون آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


آلرا، اهي حڪمت واري ڪتاب جون آيتون آهن.(سيد فرمان علي)


الف، لام را- هي آيتون آهن ڪتاب حڪمت واري جون .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


الٓرٰ . اهي حڪمت واري ڪتاب جون آيتون آهن. (مولانا محمد مدني)


الف لام را. (هي) ان ڪتاب جون آيتون آهن جو حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


الٓرٰ جو، عِلم آهي، کي عَلام، پَڪي پاڪ ڪتاب جا، آهن هِي اَحڪام،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَكانَ لِلنّاسِ عَجَبًا أَن أَوحَينا إِلىٰ رَجُلٍ مِنهُم أَن أَنذِرِ النّاسَ وَبَشِّرِ الَّذينَ ءامَنوا أَنَّ لَهُم قَدَمَ صِدقٍ عِندَ رَبِّهِم قالَ الكٰفِرونَ إِنَّ هٰذا لَسٰحِرٌ مُبينٌ (آيت : 2)

ماڻھن کي (ھيءَ ڳالھ) عجب ۾ وجھندي آھي ڇا ته منجھائن ھڪ مڙس ڏانھن وحي موڪليوسون ته ماڻھن کي ڊيڄار ۽ جن ايمان آندو تن کي خوشخبري ڏي ته انھن لاءِ سندن پالڻھار وٽ وڏومرتبو آھي، ڪافرن چيو ته ھي پڌرو جادوگر آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


ڇا ماڻهن کي هن ڳالهه تي عجب ٿو لڳي ته منجهانئن ئي هڪڙي ماڻهوءَ ڏي اسان وحي موڪليو آهي؟ (اهو هن ڳالهه جو وحي آهي) ته ماڻهن کي (انڪار ۽ بدعمليءَ جي نتيجن کان) خبردار ڪري ۽ ايمان وارن کي خوشخبري ڏئي ته هنن لاءِ پروردگار وٽ چڱي ۽ وڏي پوزيشن (درجو) آهي. (پر) ڪافرن چيو ته، بلاشبه هي شخص جادوگر آهي، ظاهرظهور (جادوگر!)(علامه علي خان ابڙو)


ڇا عرب جي ڪافرن کي عجب وٺي ٿو ته اسان رسولِ عربيءَ تي وحي موڪلي، جيڪو انهن مان ئي آهي، ان لاءِ ته ماڻهن کي ڊيڄاري ۽ مبارڪ ڏي مؤمنن کي ته بيشڪ انهن لاءِ سندن رب وٽ وڏو درجو آهي، (معجزا ڏسي) ڪافرن چيو بيشڪ هيءُ صاف جادوگر آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ڇا انهن ماڻهن لاءِ هيءَ اچرج جي ڳالھ آهي جو اسان انهن مان هڪ مرد کي وحي ڪيو ته تون (بي ايمان ماڻهن) کي ڊيڄار ۽ ايماندارن کي خوشخبري ٻڌائي ته انهن لاءِ سندن پروردگار وٽ سچائيءَ جا قدم (وڏا مرتبا) آهن. (پر) ڪافر (هنن آيتن کي ٻڌي) چوڻ لڳا ته هي (شخص) ته پڪ پڌرو جادوگر آهي.(سيد فرمان علي)


ڇا آهي ماڻهن لاءِ عجب؟ ته وحي ڪيو اسان هڪ مڙس ڏانهن انهن مان ته ڊيڄار ماڻهن کي ۽ بشارت ڏي انهن کي جو ايمان آندائون ته تحقيق انهن لاءِ جاءِ سچائيءَ جي آهي رب انهن جي وٽ، چيو ڪافرن ته بيشڪ هي البته کليل جادوگر آهي.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ڇا ماڻهن لاءِ هيءَ عجب جي ڳالهه آهي جو اسان انهن مان هڪ مڙس کي چوائي موڪليو ته ماڻهن کي ڊيڄار ۽ ايمان وارن کي هيءَ خوشخبري ٻڌاءِ ته انهن لاءِ سندن پاليندڙ وٽ سچائي جا قدم (وڏا مرتبا) آهن. ڪافرن چيو ته بيشڪ هي پڌرو جادوگر آهي. (مولانا محمد مدني)


ڇا ماڻهن لاءِ هيءَ ڳالهه عجيب آهي؟ جو اسان انهن مان هڪ مرد ڏانهن وحي ڪئي ته: ”تون (بي فرمان) ماڻهن کي ڊيڄار ۽ جن ماڻهن ايمان آندو تن کي خوشخبري ڏي ته بيشڪ انهن لاءِ سندن رب وٽ اعلى مرتبا آهن“. ڪافرن چيو ته: ”بلاشڪ هي چِٽو پِٽو جادوگر آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڇا حيرت لَـڳي هِن ۾، اِنسانن کي عام؟، ته مَنجھانئـِين ڪنهن مَرد ڏي، اسان ڪيو اِلهام، ته ڪَنان ڄيري ڄام!، ڪر خبردار خَلق کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِنَّ رَبَّكُمُ اللَّهُ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ فى سِتَّةِ أَيّامٍ ثُمَّ استَوىٰ عَلَى العَرشِ يُدَبِّرُ الأَمرَ ما مِن شَفيعٍ إِلّا مِن بَعدِ إِذنِهِ ذٰلِكُمُ اللَّهُ رَبُّكُم فَاعبُدوهُ أَفَلا تَذَكَّرونَ (آيت : 3)

بيشڪ اوھان جو پالڻھار اُھو الله آھي جنھن آسمانن ۽ زمين کي ڇھن ڏينھن ۾ بڻايو (۽) وري عرش ڏانھن توجّه ڪيائين اھوئي ڪمن کي رِٿيندو آھي، ڪوئي سفارش ڪندڙ نه آھي پر سندس اجازت کانپوءِ، اھوئي اوھان جو پالڻھار الله آھي تنھنڪري سندس عبادت ڪريو، پوءِ ڇونه نصيحت وٺندا آھيو؟(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي انسانؤ!) اوهان جو پروردگار ته اهوئي الله آهي جنهن آسمانن کي ۽ زمين کي ڇهن ايامن ۾ پيدا ڪيو. (يعني ڇهن مقرر زمانن ۾ پيدا ڪيو) پوءِ پنهنجي حڪومت جي تخت تي با قدرت قائم رهيو. اهوئي سڀني ڪمن جو بندوبست ڪري رهيو آهي، (يعني دنيا پيدا به پاڻ ڪيائين ۽ ان تي حڪومت به فقط سندس ئي رهي) هن وٽ ڪوبه سفارش ڪندڙ ٿي نه ٿو سگهي، سواءِ ان جي جنهن کي پاڻ اجازت ڏئي، (۽ اجازت کان پوءِ هو سفارش ڪرڻ جي جرئت ڪري) اهوئي آهي الله اوهان جو پروردگار. تنهن ڪري انهيءَ جي بندگي ڪيو، ڇا توهان غور ۽ فڪر کان ڪم نٿا وٺو؟(علامه علي خان ابڙو)


بيشڪ رب توهان جو الله آهي جنهن آسمانن ۽ زمين کي ڇَهَن ڏينهن ۾ پيدا فرمايو ان کانپوءِ عرشِ عظيم تي رونق افروز ٿيو (جيئنڪ سندس شان وٽان آهي) اُهوئي (ڪائنات جي هر ڪم جي) تدبير ڪري ٿو، ڪوبه سندس اجازت کان سواءِ سفارش نٿو ڪري، توهان جو اهوئي رب آهي، پوءِ توهان ان جي عبادت ڪريو، ڇا پوءِ توهان غور نٿا ڪريو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


هن ۾ ڪهڙو شڪ (آهي) جو اوهان جو پالڻهار اهو ئي خدا آهي جنهن آسمانن ۽ زمين کي ڇهن ڏينهن ۾ پيدا ڪيو وري هن عرش کي بلند ڪيو. اهو ئي هر ڪم جو انتظام ڪري ٿو. (هن وٽ) ڪو به (ڪنهين جو) سفارشي نه آهي، پر سندس اجازت (حاصل) ڪرڻ کان پوءِ. اهو ئي خدا ته توهان جو پاليندڙ آهي ته ان جي عبادت ڪريو ته ڇا اوهين اڃا به نه ٿا سوچيو؟(سيد فرمان علي)


بيشڪ رب اوهان جو اهو آهي جنهن پيدا ڪيا آسمان ۽ زمين ڇهن ڏينهن ۾ تنهن کان پوءِ استواءَ فرمايائين عرش تي تدبير ٿو فرمائي امر جي ناهي ڪو شفاعت ڪندڙ مگر پڄاڻان اذن ان جي اهو الله رب اوهان جو آهي پوءِ عبادت ڪيو ان جي ڇا پوءِ نه ٿا نصيحت وٺو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


بيشڪ اوهان جو پاليندڙ اهو الله آهي جنهن آسمانن ۽ زمين کي ڇهن ڏينهن ۾ پيدا ڪيو وري عرش تي قائم ٿيو. (اهو ئي سڀڪنهن) ڪم جي تدبير ڪري ٿو ڪو به سفارش ڪندڙ نه آهي پر سندس اجازت کان پوءِ. اهو الله اوهان جو پاليندڙ آهي سو ان جي عبادت ڪريو. ڇا پوءِ اوهين ڌيان نه ٿا ڪريو. (مولانا محمد مدني)


بيشڪ توهان جو پالڻهار الله آهي جنهن آسمانن ۽ زمين کي ڇهن ڏينهن ۾ پيدا ڪيو پوءِ عرش تي قائم ٿيو (يعني پنهنجي تختِ سلطنت تي جلوه گر ٿيو) هر ڪم جي رٿابندي ڪري ٿو. سندس اجازت بنا ڪو به سفارش ڪندڙ نه آهي. اُهو الله اوهان جو پالڻهار آهي پوءِ اوهان ان جي عبادت ڪيو. ڇا پوءِ به اوهان نصيحت نه ٿا پرايو؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ آندوجن ايمان، کِير کِلي ڏي تن کي، ته اَچڻ سَچو اُنهن جو، سائـِينءَ وٽ، سُبحان، ڪَهڻ لـَڳا ڪُفرانَ ته هِيء ڪارو ڪُو ڪَٽ آھِ ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِلَيهِ مَرجِعُكُم جَميعًا وَعدَ اللَّهِ حَقًّا إِنَّهُ يَبدَؤُا۟ الخَلقَ ثُمَّ يُعيدُهُ لِيَجزِىَ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ بِالقِسطِ وَالَّذينَ كَفَروا لَهُم شَرابٌ مِن حَميمٍ وَعَذابٌ أَليمٌ بِما كانوا يَكفُرونَ (آيت : 4)

اوھان مڙني جو ڏانھس موٽڻ آھي، الله جو انجام سچو آھي، اھوئي پھريون (به) بڻائيندو آھي وري (به) کين ھن لاءِ موٽائي بڻائيندو ته جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي انصاف سان بدلو ڏئي، ۽ جن نه مڃيو تن لاءِ ٽھڪندڙ پاڻي ۽ ڏکوئيندڙ عذاب انھيءَ ڪري آھي جو ڪُفر ڪيو ھئائون.(علامه تاج محمود امروٽي)


اوهان سڀني کي آخر ڏانهس ئي موٽڻو آهي. اهو الله جو سچو واعدو آهي. اهوئي آهي جو خلقڻ جي شروعات ڪري ٿو ۽ وري ان کي ٻيهر دهرائيندو (يعني مرڻ کان پوءِ ٻيهر زنده ڪندو) انهيءَ لاءِ ته جن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيا تن کي عدل ۽ انصاف سان بدلو ڏئي. (باقي رهيا اهي ماڻهو) جن ڪفر جي راه اختيار ڪئي سو انهن کي ڪفر جي عيوض ۾ ٽهڪندڙ پاڻي پيئڻ لاءِ ملندو ۽ دردناڪ عذاب ملندو.(علامه علي خان ابڙو)


توهان سڀني کي اُن ڏانهن موٽڻو آهي، الله جو وعدو سچو آهي، بيشڪ الله شروعات ۾ مخلوق کي پيدا ڪيو اُن کان پوءِ کين موٽائيندو انهي لاءِ ته جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا انهن کي پورو پورو ثواب ڏئي، ۽ ڪافرن لاءِ گرم پاڻي آهي ۽ دردناڪ عذاب آهي انهيءَ سببان جو ڪفر ڪندا هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اوهان سڀني کي (نيٺ) ان ڏي موٽڻو آهي. خدا جو وعدو سچو آهي. پڪ اهو ئي مخلوق کي پهرين ڀيري پيدا ڪري ٿو وري (مرڻ کان پوءِ) اهو ئي ٻيهر جياريندو ته جيئن جن ماڻهن ايمان آندو ۽ سٺا سٺا ڪم ڪيا تن کي انصاف سان نيڪ اجر عطا ڪري. ۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو انهن لاءِ سندن ڪفر جي سزا ۾ پيئڻ لاءِ ٽهڪندڙ پاڻي ۽ درددناڪ عذاب هوندو.(سيد فرمان علي)


ان ڏانهن آهي موٽڻ اوهان سڀني جو وعدو الله جو سچو بيشڪ اهو شروع ۾ پيدا ٿو ڪري مخلوق کي ان کان پوءِ موٽائي ٿو ان کي تانته بدلو ڏئي انهن جو ايمان آندائون، ۽ ڪيائون ڀلا ڪم انصاف سان ۽ جن ڪفر ڪيو انهن لاءِ پيڻ آهي گرم ٽهڪندڙ پاڻيءَ مان ۽ عذاب دردناڪ سببان ان جي جو ڪفر ٿي ڪيائون.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ان ڏي ئي اوهان سڀني کي موٽڻو آهي. الله سچو وعدو ڪيو آهي. بيشڪ اهو ئي نئين سر پيدا ڪري ٿو وري ٻيهر پيدا ڪندو هن لاءِ ته جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي انصاف سان بدلو ڏي. ۽ جن ڪفر ڪيو تن کي گرم پاڻيءَ مان پيڻو آهي ۽ دردناڪ عذاب آهي هن ڪري جو اهي ڪفر پيا ڪن. (مولانا محمد مدني)


ان ڏانهن اوهان سڀني جو موٽڻ آهي. (هي) الله جو سچو وعدو آهي. بيشڪ اُهو ئي پيدائش جو آغاز ڪري ٿو پوءِ وري ورجائيندو (يعني ماري وري جياريندو) هن لاءِ ته انهن ماڻهن کي انصاف سان بدلو ڏئي جن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيائون ۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو انهن جي پيئڻ لاءِ ٽهڪندڙ پاڻي ۽ دردناڪ عذاب آهي هن ڪري جو ڪفر ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


سو اَلله آگو اَهنجو، بي شڪ، بي گمان، جِنهن ڇَهَن ڏِينهن ۾، جوڙيازمين، آسمان، چَڙهيو، تِنهان پوءِ تَـخت تي، ٿو هلائـٖي فرمان، تِنهن ڌاران داڙُو ناھِ ڪو، مُقرر مِهربان، مگر سدس موڪل پُٺيان؛ اَهنجو ربُّ، اُهو رَحمان، پوءِ، ٿِيو اُنهِيء وَٽ بانِ، پوءِ ڇونه سَنڀاليو پاڻ کي؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


هُوَ الَّذى جَعَلَ الشَّمسَ ضِياءً وَالقَمَرَ نورًا وَقَدَّرَهُ مَنازِلَ لِتَعلَموا عَدَدَ السِّنينَ وَالحِسابَ ما خَلَقَ اللَّهُ ذٰلِكَ إِلّا بِالحَقِّ يُفَصِّلُ الءايٰتِ لِقَومٍ يَعلَمونَ (آيت : 5)

اُھو (الله) آھي جنھن سج کي چمڪندڙ ۽ چنڊ کي روشن ڪيو ۽ اُن (چنڊ) جون منزلون ھن لاءِ مَقرّر ڪيون ته اوھين ورھن جو ڳاڻيٽو ۽ حساب ڄاڻو، الله اِھو سچ کانسواءِ نه بڻايو آھي، ڄاڻندڙ قوم لاءِ کولي نشانيون بيان ڪندو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


اهوئي آهي جنهن سج کي چمڪندڙ بنايو ۽ چنڊ کي روشن ڪيو، ۽ وري چنڊ جي منزلن جو اندازو ٺهرايو، انهيءَ لاءِ ته توهان سالن جو ڳاڻيٽو ۽ حساب معلوم ڪيو. الله تعاليٰ هي سڀ ڪجهه بنا حڪمت ۽ مصلحت جي ڪونه ٺاهيو آهي. جيڪي ماڻهو علم وارا آهن تن جي لاءِ هو (پنهنجي قدرت ۽ حڪمت جا) دليل کولي کولي بيان ڪري ٿو.(علامه علي خان ابڙو)


الله تعالى اُهو آهي جنهن (پنهنجي قدرت سان) سج کي روشني وارو بنايو ۽ چنڊ کي نور وارو بنايو ۽ انهن مان هر هڪ لاءِ منزلون مقرر ڪيائين ان لاءِ ته توهان سالن جي ڳڻپ ۽ حساب معلوم ڪريو، الله تعالى انهن کي پنهنجي حڪمت سان پيدا فرمايو، الله پنهنجون آيتون بيان ڪري ٿو انهي قوم لاءِ جيڪي ڄاڻن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اهو ئي (قادر مطلق) آهي جنهن سج کي چمڪندڙ ۽ چنڊ کي روشن بنايو آهي ۽ ان لاءِ منزلون مقرر ڪيون اٿس هن لاءِ ته اوهين ورهين جي ڳاڻيٽي ۽ حساب کي ڄاڻو. خدا انهن کي پوريءَ تدبير ۽ مصلحت سان ئي بنايو آهي. اهو (پنهنجي) آيتن کي عقلمند ماڻهن کي تفصيل وار ٻڌائي ٿو.(سيد فرمان علي)


اهو (الله) اهو آهي جو ڪيائين سج کي روشن ۽ چنڊ کي نور ۽ مقرر (اندازو) ڪيائين ان جون منزلون تانته ڄاڻو عدد سالن جو ۽ حساب (به ڄاڻو) نه پيدا ڪيو الله ان کي مگر حق سان کولي کولي بيان ٿو ڪري آيتون واسطي ان قوم جي جيڪي ڄاڻن ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


هو اُهو آهي جنهن سج کي چمڪندڙ ۽ چنڊ کي روشن ڪيو آهي ۽ ان لاءِ منزلون مقرر ڪيون آهن هن لاءِ ته اوهين ورهين جي ڳاڻيٽي ۽حساب کي ڄاڻو. الله انهن کي پوريءَ تدبير سان ئي پيدا ڪيو آهي. هو ڄاڻندڙ قوم لاءِ نشانيون کولي بيان ڪري ٿو. (مولانا محمد مدني)


اُهو ئي آهي جنهن سج کي چمڪندڙ ۽ چنڊ کي روشن بنايو ۽ ان لاءِ منزلون مقرر ڪيائين ته جيئن اوهان سالن جو ڳاڻيٽو ۽ (وقت جو) حساب ڄاڻو. اُهو (سڀ) الله برحق ئي پيدا ڪيو آهي. اهو کولي کولي نشانيون بيان ڪري ٿو ان قوم لاءِ جيڪي علم رکن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


هَلڻ هيڪاندو اَهنجو، اُن ڏي آخرڪار، آهي، اِهو الله جو، سَچو قول قرار، پِهرين جوڙي جوڙکي، پوءِ موٽائيسِ مَحشر وار، تان ڏي اُجورو اُنهن کي، جن آندو اِعتبار، پڻ ڪَيَئون ڪم اِنصاف سان، مِڙوئـِي موچار، ۽ جن ڪفر ڪيو، تن لئي، آهي گَرم اُتار، ۽ اُهکو ٻيو آزار، جيلانهن ڪَيؤن ڪم، ڪُفران جا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِنَّ فِى اختِلٰفِ الَّيلِ وَالنَّهارِ وَما خَلَقَ اللَّهُ فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَتَّقونَ (آيت : 6)

بيشڪ رات ۽ ڏينھن جي ڦيرگھير (۾) ۽ الله جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ بڻايو تنھن ۾ پرھيزگار قوم لاءِ ضرور نشانيون آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


بيشڪ رات ڏينهن جي هڪٻئي پٺيان اچڻ ۾ ۽ انهن سڀني شين ۾ جي الله تعاليٰ آسمانن ۽ زمين ۾ پيدا ڪيون آهن، انهن ماڻهن لاءِ (سندس قدرت ۽ حڪمت جون) نشانيون آهن جيڪي متقي (يعني خدا جو خوف رکي گناهن کان پاڻ کي بچائڻ وارا) آهن.(علامه علي خان ابڙو)


بيشڪ رات ۽ ڏينهن جي بدلجڻ ۾ ۽ جيڪي شيون الله تعالى آسمانن ۽ زمينن ۾ پيدا ڪيون آهن (انهن ۾) نشانيون آهن، انهي قوم لاءِ جيڪي خوف ڪن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


بيشڪ رات ۽ ڏينهن جي بدلجڻ ۾ ۽ خدا جو ڪجھ آسمانن ۽ زمين ۾ پيدا ڪيو آهي (تنهن ۾) پرهيزگارن لاءِ نشانيون آهن.(سيد فرمان علي)


بيشڪ رات ۽ ڏينهن جي ڦرڻ ۾ ۽ جيڪو پيدا ڪيو الله آسمانن ۾ ۽ زمين ۾ البته نشانيون آهن واسطي ان قوم جي جيڪي ڊڄن ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


بيشڪ رات ۽ ڏينهن جي بدلجڻ ۾ ۽ الله جو ڪجهه آسمانن ۽ زمين ۾ پيدا ڪيو آهي تنهن ۾ پرهيزگار قوم لاءِ نشانيون آهن. (مولانا محمد مدني)


بيشڪ رات ۽ ڏينهن جي مَٽِجَڻَ ۾ ۽ جيڪي الله آسمانن ۽ زمين ۾ پيدا ڪيو آهي (ان ۾) نشانيون آهن ان قوم لاءِ جيڪي پرهيزگاري ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


سِج ڪيائـِين سوجھرو ۽ چَنڊ ڪيائين نُور، اُن جون ڪَئـِين اَنداز سان، مَنزلون مَشهور، تان سالن ۽ شُمار جِي، پَوَنِيئان خُوب پَروڙ، هَرگز نه بَنايوحق سوا، داناء! اِهو دستور، اَ کـئين ڏِٺيون آيتون، تو کولي خُوب ضرور، جي پورِي رکن پروڙ، ڪارڻ تِنهِين قوم جي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِنَّ الَّذينَ لا يَرجونَ لِقاءَنا وَرَضوا بِالحَيوٰةِ الدُّنيا وَاطمَأَنّوا بِها وَالَّذينَ هُم عَن ءايٰتِنا غٰفِلونَ (آيت : 7)

بيشڪ جيڪي اسان جي ملڻ جو آسرو نه ٿا رکن ۽ دنيا جي حياتيءَ ساڻ ريجھي ويا ۽ اُنھيءَ سان آرامي ٿي رھيا ۽ اُھي جيڪي اسان جي آيتن کان بيخبر رھيا.(علامه تاج محمود امروٽي)


جيڪي ماڻهو (مرڻ بعد) اسان سان ملڻ (۽ اسان جي اڳيان پيش ٿيڻ) جي اميد نٿا رکن (يعني قيامت کان ئي انڪار ٿا ڪن) فقط هن دنيا جي زندگيءَ ۾ مگن ۽ خوش آهن ۽ انهيءَ حالت تي ريجهي ويا آهن ۽ جيڪي ماڻهو اسان جي آيتن (يعني نشانين ۽ حڪمن) کان غافل آهن.(علامه علي خان ابڙو)


بيشڪ جيڪي ماڻهو اسان سان ملاقات جي اميد نٿا رکن ۽ دنيا جي حياتيءَ تي راضي ۽ اُن تي مطمئن ٿين ٿا ۽ جيڪي ماڻهو اسان جي آيتن کان غافل آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


بيشڪ جيڪي (قيامت ۾ اسان جي بارگاھ جي) حضوري جو انديشو نه ٿا رکن ۽ دنيا جي (فاني) زندگيءَ کان نهال آهن ۽ ان سان دل لڳائي اٿن پڻ جيڪي اسان جي آيتن کان غافل آهن.(سيد فرمان علي)


بيشڪ اهي شخص جيڪي نه ٿا اميد رکن ملڻ اسان جي جي ۽ راضي ٿيا حياتيءَ دنيا جي سان ۽ مطمئن ٿيا ان سان ۽ اهي شخص جيڪي اهي آيتن اسان جن کان غافل آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


بيشڪ جيڪي اسان سان ملڻ جي اميد نه ٿا رکن ۽ دنيا جي حياتيءَ سان خوش ٿيا آهن ۽ ان سان دل لڳائي اٿن ۽ جيڪي اسان جي آيتن کان بي خبر آهن. (مولانا محمد مدني)


بيشڪ جيڪي ماڻهو اسان سان ملڻ جي اميد نه ٿا رکن ۽ دنيا جي زندگي سان راضي ٿي ويا ۽ ان تي ئي مطمئن ٿي ويا ۽ جيڪي اسان جي آيتن کان غافل آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


"(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أُولٰئِكَ مَأوىٰهُمُ النّارُ بِما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 8)

اھي جيڪي ڪمائيندا رھيا تنھن سببان انھن جو مڪان باھ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


تن جو ٽڪاڻو دوزخ آهي. انهيءَ ڪمائي جي سببان جيڪا (پاڻ پنهنجي ئي عملن جي ذريعي) ڪمائيندا رهن ٿا.(علامه علي خان ابڙو)


انهن جي جاءِ جهنم آهي سندن بداعماليءَ جي ڪري(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اهي ئي اهي ماڻهو آهن جن جو ٺڪاڻو سندن ڪرتوتن سبب دوزخ آهي.(سيد فرمان علي)


اهي جاءِ انهن جي (جھنم جي) باھ آهي ان سببان جيڪو ڪيائون ٿي.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اهي جيڪي پيا ڪن، تنهن جي ڪري سندن رهڻ جي جاءِ باهه آهي. (مولانا محمد مدني)


انهن جي جاءِ جهنم آهي انهن عملن جي بدلي جيڪي ڪمائيندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جي اَوس نه رکن آسرو، اَسان جي ديدار، نِپٽ ننڍِي ڄَمار تي، رِيجِھي ويٺا، ڪا وار، ۽ اُنهِيء سان آرامِيا، پڻ ٻيا اُهي آوار، اَسان جي آيتن کان، بي خبر، بَدڪار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ يَهديهِم رَبُّهُم بِإيمٰنِهِم تَجرى مِن تَحتِهِمُ الأَنهٰرُ فى جَنّٰتِ النَّعيمِ (آيت : 9)

(۽) جن مڃيو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي سندن پالڻھار سندن ايمان سببان (اھڙن بھشتن ڏانھن) سڌو رستو ڏيکاريندو، جن جي ھيٺان نعمتن وارن باغن ۾ واھيون وھنديون آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


جن ماڻهن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيا تن جي ايمان جي سببان (ڪاميابي ۽ سعادت جي راهه) سندن پروردگار انهن لاءِ کولي ڇڏيندو. جڏهن هو الاهي نعمتن جي باغن ۾ هوندا تڏهن سندن هيٺان نهرون وهي رهيون هونديون.(علامه علي خان ابڙو)


بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ سهڻا عمل ڪيا الله تعالى انهن جي (آخرت ۾) سندن ايمان آڻڻ جي ڪري رهنمائي فرمائيندو، انهن بهشتين جي هيٺان بهشت ۾ نهرون وهنديون(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي سندن ايمان جي ڪري منزل مقصود تي پهچائيندو جي آرام ۽ آسائش وارن باغن ۾ رهندا جن جي هيٺان واھ وهندڙ هوندا.(سيد فرمان علي)


بيشڪ جن ايمان آندو ۽ ڪيائون ڀلا ڪم هدايت ڪندو انهن کي رب انهن جي سببان ايمان انهن جي وهن ٿيون هيٺان انهن جي نهرون بهشتن نعمتن جي ۾، .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي سندن پاليندڙ سندن ايمان جي ڪري رستو ڏيکاريندو. سندن هيٺان نعمت وارن باغن ۾ واهه وهندا. (مولانا محمد مدني)


بيشڪ اُهي ماڻهو جن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيائون انهن کي سندن ايمان سبب انهن جوپالڻهار (بهشتن جي) واٽ وٺائيندو جن جي هيٺان کان نهرون وهن ٿيون نعمتن وارن باغن ۾.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


آهي آسڻ اُنهن جو، هاوِي هيبتدار، جي ڪيائون ڪَم ڪار، ڪارڻ تِنهن، ڪاراٽ جي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


دَعوىٰهُم فيها سُبحٰنَكَ اللَّهُمَّ وَتَحِيَّتُهُم فيها سَلٰمٌ وَءاخِرُ دَعوىٰهُم أَنِ الحَمدُ لِلَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 10)

منجھن سندين دُعا (ھيءَ) آھي ته اي الله توکي پاڪائي جڳائي ۽ منجھن سندن آڌرڀاءُ سلام آھي، سندين پوئين دُعا ھيءَ آھي ته سڀ ساراھ جھانن جي پالڻھار الله کي جُڳائي.(علامه تاج محمود امروٽي)


اتي (انهن باغن ۾، يعني بهشت ۾) سندن صدا (يا پڪار) هيءَ هوندي ته، اي خدا! سڀ پاڪايون تنهنجي لاءِ ئي آهن. هنن جي دعا هيءَ هوندي ته، سلامتي هجي ۽ دعائن جو خاتمو هيءُ هوندو ته الحمدلله رب العالمين.(علامه علي خان ابڙو)


انهن جي دُعا بهشت ۾ سُبۡحَانَکََ اللّٰهُمَّ هوندي ۽ انهن جي کيڪار بهشت ۾ سلام سان هُوندي، ۽ سندن دُعا جي پڇاڙي اَلۡحَمۡدُ لِلهِ رَبِّ الۡعَالَمِيۡنَ سان هوندي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


انهن باغن ۾ سندن قول هيءُ هوندو ته اي الله! تون پاڪ آهين ۽ اتي سندن آجيان سلام سان ٿيندي، ۽ سندن پڇاڙي جو قول هيءُ هوندو ته سڀ تعريفون الله جون آهن جو جهانن جو پاليندڙ آهي.(سيد فرمان علي)


دعا انهن جي ان ۾ (هيءَ آهي) پاڪائي آهي تنهنجي اي الله! ۽ ملاقات انهن جي ان ۾ سلام آهي ۽ پڄاڻي دعا انهن جي ان ۾ هيءَ آهي ته سڀ ساراھ ثابت آهي الله رب جھانن جي لاءِ. ع(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


انهن (باغن) ۾ سندن دعا هيءَ هوندي ته اي الله! تون پاڪ آهين ۽ اتي پاڻ ۾ سندن آجيان سلام (سان) ٿيندي. ۽ سندن پڇاڙيءَ جي دعا هيءَ هوندي ته سڀ تعريفون الله جون آهن جو جهانن جو پاليندڙ آهي. (مولانا محمد مدني)


انهن ۾ سندن دعا هي هوندي: ”اي الله تون پاڪ آهين“! ۽ ان ۾ هڪ ٻئي سان سندن آجيان ”سلام“ (يعني السلام عليڪم) سان هوندي ۽ سندن پڇاڙي جي دعا هوندي: ”سڀ تعريفون الله لاءِ آهن جيڪو جهانن جو پالڻهار آهي.“(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


وِسهيا، جي وَريام، پڻ چَڱاڪيائون ڪَمڙا، سَنئـِين سُهائيندو تن کي، آگو سَندنِ، عَلام، سبب سندنِ اِيمان جي؛ جن هيٺان وَهن جام، نالِيون مِٺيون مُدام، باغن مَنجھ، بِهشت جي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلَو يُعَجِّلُ اللَّهُ لِلنّاسِ الشَّرَّ استِعجالَهُم بِالخَيرِ لَقُضِىَ إِلَيهِم أَجَلُهُم فَنَذَرُ الَّذينَ لا يَرجونَ لِقاءَنا فى طُغيٰنِهِم يَعمَهونَ (آيت : 11)

۽ جيڪڏھن الله ماڻھن لاءِ مدائي جلد موڪلي ھا جھڙو اُھي پنھنجي چڱائي جلد گھرندا آھن ته سندين (ٺھرايل) مدت انھن لاءِ پوري ڪئي وڃي ھا، پوءِ جيڪي اسان جي ملڻ جي اميد نه رکندا آھن تن کي سندن گمراھيءَ ۾ حيران ڇڏيندا آھيون.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (ڏسو ته) انسان جهڙيءَ طرح فائدي لاءِ تڪڙ لائي ٿو ڏئي، تهڙيءَ طرح جيڪڏهن الله به (سندس بدعملن جي ڪري) کيس نقصان پهچائڻ ۾ جلدي ڪري ته سندس وقت (سزا يا موت جو) ڪڏهن پورو ٿي وڃي ها. (پر جزا ڏيڻ ۾ خدائي قانون مهلت ڏيڻ جو آهي) پوءِ جيڪي ماڻهو (مرڻ بعد) اسان وٽ پيش ٿيڻ جي اميد نٿا رکن (يعني کين قيامت کان ئي انڪار آهي) تن کي اسان سندن سرڪشين ۽ بدڪارين ۾ سرگردان ڇڏي ڏيون ٿا.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جيڪڏهن الله تعالى، ماڻهن لاءِ بُرائي جلدي موڪلي ها جيئنڪ اهي چڱائي لاءِ تڪڙ ڪن ٿا ته اهي هلاڪ ٿي وڃن ها. پوءِ جيڪي ماڻهو قيامت تي ايمان نٿا آڻن اسين انهن کي سندن گمراهي ۾ ڇڏي ڏيون ٿا جو اهي حيران رهن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جيئن ماڻهو پنهنجي ڀلائي لاءِ تڪڙ ڪن ٿا، تئين جيڪڏهن خدا سندن شرارتن (جي سزا) برائيءَ ۾ جلدي وٺ پڪڙ ڪري وهي ها ته هوند، سندن موت مٿن ڪڏهين جو اچي ڪڙڪي ها. پر اسين ته انهن ماڻهن کي جن وٽ (مرڻ کان پوءِ) اسان جي بارگاھ ۾ اچڻ جو کٽڪو نه آهي (تن کي) ڊگهو رسو ڇڏي ڇڏيون ٿا ته اهي پنهنجي انڌ ۾ رلندا ڦرندا رهن.(سيد فرمان علي)


۽ جيڪڏهن جلد موڪلي ها الله واسطي ماڻهن جي مدائي مثل تڪڙي گھرڻ انهن جي ڀلائيءَ کي ته البته پورو ڪيو وڃي ها انهن لاءِ مدو انهن جو پوءِ ڇڏيون ٿا انهن کي جو نه ٿا اميد رکن اسان جي ملڻ جي گمراهي پنهنجيءَ ۾ ٿا حيران ڦرن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جيڪڏهن الله ماڻهن کي سختي جلد پهچائي ها جيئن ڀلائي جلد گهرن ٿا. ته سندن موت جي گهڙي مٿن اچي وڃي ها. پوءِ جيڪي اسان سان ملڻ جي اميد نه ٿا رکن تن کي سندن سرڪشيءَ ۾ حيران ڇڏيون ٿا. (مولانا محمد مدني)


۽ جيڪڏهن الله ماڻهن کي نقصان پهچائڻ ۾ (ائين ) جلدي ڪري ها! جيئن اُهي خير طلب ڪرڻ ۾ جلدي مچائن ٿا ته سندن مقرر مدت پوري ٿي چڪي هجي ها! (پر اسان جو طريقو ائين نه آهي) بلڪه جيڪي اسان سان ملڻ جي اميد نه ٿا رکن انهن کي اسان (سندن حال تي) ڇڏي ڏيون ٿا ته پنهنجي سرڪشي ۾ ڀٽڪندا رهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


دَعواى اُنهن جِي اُن ۾، سانيمِ! تون سُبحان، ۽ مَنجِھين اُن مَڪان، جِيءُ، جيءُ، سَندنِ سلام ٿِيو ۽ آخر دعواى انهن جي، ته سڀڪائي ساراه، آهي لڳ الله، جو پالڻهار پرٿڻئين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِذا مَسَّ الإِنسٰنَ الضُّرُّ دَعانا لِجَنبِهِ أَو قاعِدًا أَو قائِمًا فَلَمّا كَشَفنا عَنهُ ضُرَّهُ مَرَّ كَأَن لَم يَدعُنا إِلىٰ ضُرٍّ مَسَّهُ كَذٰلِكَ زُيِّنَ لِلمُسرِفينَ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 12)

۽ جنھن مھل ماڻھوءَ کي ڪو ڏُک پھچندو آھي (ته) پنھنجي پاسي ڀر ويٺي يا بيٺي اسان کي سڏيندو آھي، پوءِ جنھن مھل کانئس سندس ڏک لاھيندا آھيون (ته اُن وقت اھڙي ويساري ۾ پئجي) ھليو ويندو آھي (جو) ڄڻڪ کيس جا اوکائي پُھتي ھئي تنھن (جي لاھڻ) لاءِ اسان کي سڏيو ئي نه ھوائين، اھڙي طرح حد کان لنگھندڙ جيڪي ڪندا آھن سو اُنھن لاءِ سينگاريو ويو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جڏهن ڪنهن انسان کي ڪا تڪليف پهچي ٿي ته ڪهڙي به حال ۾ هجي، پاسي ڀر ليٽيل هجي يا بيٺو هجي، اسان کي پڪارڻ لڳي ٿو، پر جڏهن اسان سندس تڪليف لاهي ٿا ڇڏيون تڏهن هو اهڙيءَ طرح (منهن موڙي) هليو وڃي ٿو جو ڄڻ ته مصيبت جي وقت هن اسان کي پڪاريو ئي ڪونه هو. پوءِ ڏسو ته جيڪي ماڻهو حدون لنگهي وڃن ٿا تن جي نظر ۾ سندن ڪم سهڻا ڪري ڏيکاريا ويا آهن.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جڏهن انسان کي ڪا تڪليف پهچي ٿي ته اسان کي پُڪاري ٿو پاسي ڀر ۽ ويهي ۽ بيهي (مطلب ته هر حال ۾)، پوءِ جڏهن اسين اُن تان تڪليف لاهيون ٿا ته ايئن معلوم ٿئي ٿو ته گوياڪ ان اسان کي انهيءَ تڪليف ۾ پڪاريوئي نه هو، اهڙي طرح حد کان وڌندڙن کي سندن بداعمالي سندن نظرن ۾ سهڻي ڪئي وڃي ٿي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جڏهن ماڻهوءَ کي ڪا تڪليف پهچي ٿي ته پنهنجي پاسي ڀر يا ويٺي يا بيٺي (مطلب ته هر حالت ۾) اسان کي سڏي ٿو، پوءِ جڏهن ان تان سندس تڪليف لاهيون ٿا ته اهڙو (آهستي) کسڪي وڃي ٿو جو ڄڻ ته هن تڪليف جي (لاهڻ) لاءِ جيڪا کيس پهتي هئي، ان اسان کي سڏيو ئي نه هو. جيڪي ماڻهو زيادتي ڪن ٿا تن کي سندن ڪڌا ڪرتوت ائين ئي چڱا ڪري ڏيکاريا ويا آهن.(سيد فرمان علي)


۽ جڏهن پهچي ٿي انسان کي تڪليف ته سڏي ٿو اسان کي پنهنجي ڀرپاسي يا ويٺي يا بيٺي پوءِ جڏهن لاٿي سون ان کان تڪليف ان جي ته لنگھيو ڄڻ ته اسان کي سڏيو ئي نه هيائين ان تڪليف ڏانهن جيڪا ان کي پهتي هئي اهڙي طرح سينگاريو ويو حد کان لنگھندڙن جي لاءِ جيڪي ڪندا هئا.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جڏهن ماڻهوءَ کي تڪليف پهچي ٿي ته پنهنجي پاسي ڀر يا ويٺي يا بيٺي اسان کي سڏي ٿو، پوءِ جڏهن ان تان سندس تڪليف لاهيون ٿا ته ائين هليو ٿو وڃي جو ڄڻ ته جا تڪليف کيس پهتي هئي تنهن ڏي ان اسان کي سڏيو ئي نه هو. اهڙيءَ طرح حد کان لنگهندڙ جو ڪجهه پيا ڪن سوکين (سندن خيال موجب) چڱو ڪري ڏيکاريو ويو آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ جڏهن انسان کي ڪا تڪليف رَسي ٿي ته اسان کي سڏي ٿو پنهنجي پاسي ڀر (سُتي) يا ويٺي يا بيٺي، پوءِ جڏهن اسان ان تان سندس تڪليف لاهيون ٿا ته ائين گذري وڃي ٿو ڄڻڪ جا تڪليف کيس پهتي هئي ان ۾ اسان کي سڏيو ئي نه هئائين. اهڙي طرح حد کان لنگهڻ وارن لاءِ انهن جا (بد) عمل سينگاريا ويا آهن جيڪي ڪندا رهندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ مَولىٰ ماڻهن لئي گُھري، وهلو هُوند وَبال، سيگھ سَندنِ، سُکن لئي، جِيئن، جيئن بَچِين شال!، ته اُنهن جي اَجل جو، ٿِي وِيو، فيصلو فى الحال، مُهلت ڏِيون مِلڻ جِي، جن آس نَه اسان نال، ڦِرندا پِيا ڦٖيريال، مُنجھ سَندنِ ۾، مُورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلَقَد أَهلَكنَا القُرونَ مِن قَبلِكُم لَمّا ظَلَموا وَجاءَتهُم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ وَما كانوا لِيُؤمِنوا كَذٰلِكَ نَجزِى القَومَ المُجرِمينَ (آيت : 13)

۽ بيشڪ اوھان کان اڳ (گھڻن) جُڳن وارن جڏھن ظلم ڪيو ته (کين) ھلاڪ ڪيو اٿون ۽ وٽن سندن پيغمبر چِٽن معجزن سان آيا ۽ اھڙا نه ھوا جو ايمان آڻين، اھڙي طرح ڏوھارڻ قوم کي سزا ڏيندا آھيون.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ توهان کان اڳي گهڻيون ئي امتون ٿي گذريون آهن جن جڏهن ظلم جي واٽ ورتي تڏهن اسان کين برباد ڪري ڇڏيو. انهن جا رسول انهن ڏي روشن دليلن سان آيا هئا، پر تنهن هوندي به هو ايمان آڻڻ تي آماده نه ٿيا. (سو ڏسو ته) گنهگارن کي اهڙيءَ طرح (تباهه ڪرڻ سان) سندن گناهن جو بدلو ڏيندا آهيون.(علامه علي خان ابڙو)


۽ بيشڪ توهان کان اڳ ۾ اسان ڪيتريون ئي قومون هلاڪ ڪيون جڏهن انهن ظلم ڪيو، ۽ انهن (قومن) وٽ سندن رسول معجزن سان تشريف فرما ٿيا ۽ انهن رسولن تي ايمان نه آندو، اسين اهڙي طرح مجرمن جي قوم کي سزا ڏيون ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ بيشڪ اسان اوهان کان اڳ وارن گروهن کي، جڏهين هنن شرارت ڪئي ته اسان کين ضرور هلاڪ ڪيو. حالانڪه ان (وقت جا) رسول، ظاهر (ظهور) روشن نشانيون کڻي آيا هئا. ۽ انهن ماڻهن (ايمان نه آڻي) نه آندو. اسين ته ڏوهاري ماڻهن کي اهڙيءَ طرح سزا ڏيندا آهيون.(سيد فرمان علي)


۽ البته تحقيق هلاڪ ڪيون اسان قومون اڳي اوهان کان جڏهن حد کان لنگھيا ۽ آيا انهن وٽ رسول انهن جا چٽن دليلن سان ۽ نه هئا تانته ايمان آڻين اهڙي طرح بدلو ڏيون ٿا مجرم قوم کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ بيشڪ اسان اوهان کان اڳ (ڪيترين) جماعتن کي برباد ڪيو جڏهن ظلم ڪيائون، هوڏانهن وٽن سندن رسول ظاهر نشانيون کڻي آيا ۽ اهي هرگز ايمان آڻڻ وارا نه هئا. ڏوهاري قوم کي اهڙيءَ طرح بدلو ڏيون ٿا. (مولانا محمد مدني)


۽ بيشڪ اسان اوهان کان اڳ گهڻيون قومون انهن جي ظلمن سبب اسان هلاڪ ڪري چُڪا آهيون ۽ انهن وٽ سندن رسول چِٽيون نشانيون کڻي آيا ۽ اُهي هرگز ايمان آڻڻ وارا نه هئا. اهڙي طرح اسان ڏوهاري قوم کي سزا ڏيون ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ مُصِيبت ماڻهوءَ کي، جَڏهن آئـِي مَٿي سِر، ته دانهِينِ اسان کي، دَرد مان، پَنهنجي پاسي ڀَر، ۽ ويٺي؛ بِيٺي؛ پوءِ جڏهن ڪَيو سونسِ گُم گُوندر، ته چَليو اِهڙي چال سان، ته ڪالھ نَه لَـڳسِ ڪَر، اَسان کي، جِنهن آزار ۾، ٿٖي واڪا ڪَئـِين وَر وَر، ڪا ڍورن کي، ڪَيا وِيا، پَسند اِهڙِيءَ پَر، ڪِنان ڪَم، ڪَمتر، جيڪِي ڪَن، جَھان ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ثُمَّ جَعَلنٰكُم خَلٰئِفَ فِى الأَرضِ مِن بَعدِهِم لِنَنظُرَ كَيفَ تَعمَلونَ (آيت : 14)

وري کائن پوءِ مُلڪ ۾ اوھان کي سندين جاڳھن تي وھاريوسون ته اوھين ڪھڙي طرح ڪم ڪريو ٿا.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ انهن (امتن) بعد اسان توهان کي سندن جانشين بنايو انهيءَ لاءِ ته ڏسون ته توهان جا عمل ڪهڙا ٿا ٿين.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ اسان توهان کي زمين ۾ جاءِ نشين بنايو انهن کان پوءِ، ان لاءِ ته اسين ڏسون ته توهان ڪهڙا نيڪ عمل ڪريو ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


وري اسان انهن کان پوءِ اوهان کي زمين ۾ (سندن) قائم مقام ڪيو ته جيئن ڏسون ته اوهين ڪهڙي طرح ڪم ڪريو ٿا.(سيد فرمان علي)


ان کان پوءِ بنايو سون اوهان کي نائب زمين تي پڄاڻان انهن جي تانته ڏسون ته ڪهڙي طرح ٿا عمل ڪيو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


وري اسان اوهان کي انهن کان پوءِ زمين ۾ جانشين ڪيو هن لاءِ ته ڏسون ته اوهين ڪهڙيءَ طرح ڪم ڪريو ٿا. (مولانا محمد مدني)


وري اسان اوهان کي انهن کان پوءِ زمين ۾ جانشين بنايو هن لاءِ ته اسان ڏسون ته اوهان ڪيئن عمل ڪيو ٿا؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ اڳ اَوهان کان، ڳوٺ ڪَئـِين، ڪياسون بَنڀُو ڀنڀور، جن جاڙون، تن ڪيون؛ پڻ مُرسل سندنِ مور، ۽ جَڏهن اُهڃاڻِن سان، آيا کينِ اَتور، ۽ ڪو مُعجزو مَڃِينِ کڻِي، اِهڙا نه هُئا اَٺور، اَجرِ اهڙٖي طور، ڏِيون ڏُوهارِيءَ قوم کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِذا تُتلىٰ عَلَيهِم ءاياتُنا بَيِّنٰتٍ قالَ الَّذينَ لا يَرجونَ لِقاءَنَا ائتِ بِقُرءانٍ غَيرِ هٰذا أَو بَدِّلهُ قُل ما يَكونُ لى أَن أُبَدِّلَهُ مِن تِلقائِ نَفسى إِن أَتَّبِعُ إِلّا ما يوحىٰ إِلَىَّ إِنّى أَخافُ إِن عَصَيتُ رَبّى عَذابَ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 15)

۽ جڏھن اسان جون چٽيون آيتون کين پڙھي ٻڌائبيون آھن (ته) جيڪي اسان جي ملڻ جي اُميد نه رکندا آھن سي چوندا آھن ته ھن کانسواءِ ٻيو قرآن آڻ يا کيس مٽاءِ، چؤ ته پنھنجي طرفان ان جي مٽائڻ جو مون کي اختيار ڪونھي، جيڪي مونکي وحي ڪيو ويندو آھي تنھن کانسواءِ (ٻئي ڪنھن جي) تابعداري نه ڪندو آھيان، بيشڪ آءٌ جيڪڏھن پنھنجي پالڻھار جي نافرماني ڪريان ته وڏي ڏينھن جي عذاب کان ڊڄان ٿو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (اي پيغمبر!) جڏهن تون اسان جون چٽيون آيتون کين پڙهي ٻڌائين ٿو تڏهن جيڪي ماڻهو (مرڻ بعد) اسان وٽ حاضر ٿيڻ جي اميد نه ٿا رکن (يعني سمجهن ٿا ته نڪا قيامت ٿيڻي آهي، نڪي خدا وٽ پيش ڪيا وينداسين) سي چون ٿا ته هن قرآن جي بدران ڪو ٻيو قرآن آڻي ٻڌاءِ يا انهيءَ قرآن (جي مطلبن) ۾ ڦيرڦار ڪر. تون کين چئو ته، مون کي طاقت ناهي جو مان پنهنجي خيال ۽ مرضيءَ تي ان ۾ ڦيرڦار ڪريان. مان ته بس انهيءَ حڪم جو تابعدار آهيان جو مون ڏي وحي جي رستي موڪليو وڃي ٿو. جيڪڏهن پروردگار جي حڪم کان منهن موڙيندس ته (مون تي عذاب اچي ويندو) مان ته عذاب جي وڏي ڏينهن کان ڊڄان ٿو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جڏهن انهن تي اسان جون آيتون تلاوت ڪيون وڃن ٿيون ته اهي ماڻهو چون ٿا، جيڪي قيامت تي ايمان نٿا رکن ته اسان وٽ رسولِِ عربي هن قرآن کان علاوه آڻي يا قرآن کي تبديل ڪري، رسولِ عربي توهان فرمايو مون کي مناسب ناهي جوقرآن ڪريم کي پنهنجي طرفان تبديل ڪريان، آئون ته فقط وَحِي ربانيءَ جي تابعداري ڪريان ٿو، جيڪا مون وٽ اچي ٿي، جيڪڏهن آئون (بالفرض) پنهنجي رب جي نافرماني ڪريان ته مون کي قيامت جي ڏينهن جو خوف آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جڏهن انهن کي اسان جون ظاهر (۽ کليل) آيتون پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون ته جن کي (مرڻ کان پوءِ) اسان جي حضوريءَ جو کٽڪو نه آهي. اهي چون ٿا ته هن کان سواءِ ٻيو قرآن آڻ يا ان کي بدلائي! (اي رسول! کين) چئو ته منهنجو اختيار نه آهي جو ان کي پنهنجي طرفان بدليان، آءُ رڳو، جيڪو منهنجي طرف حڪم موڪليو وڃي ٿو، تنهنجي پيروي ڪريان ٿو. بيشڪ آءُ ته پنهنجي پروردگار جي نافرماني ڪرڻ ۾ تمام وڏي (سخت) ڏينهن جي عذاب کان ڊڄان ٿو.(سيد فرمان علي)


۽ جڏهن پڙهيون ٿيون وڃن انهن تي آيتون اسان جون روشن ته چيو انهن جو نه ٿا اميد رکن اسان جي ملڻ جي ته آڻ تون قرآن سواءِ هن جي يا مٽاءِ ان کي فرماءِ نه ٿو هجي مون وٽ هي (اختيار) ته مٽايان ان کي پنهنجي ذات طرفان نه ٿو تابعداري ڪيان مان مگر ان جي جو وحي ٿو ڪيو وڃي مون ڏانهن بيشڪ مان ڊڄان ٿو جيڪڏهن بي فرماني ڪئي مون رب پنهنجي جي عذاب وڏي ڏينهن جي کان.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جڏهن انهن کي اسان جون ظاهر آيتون پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون ته جيڪي اسان سان ملڻ جي اميد نه ٿا رکن، سي چون ٿا ته هن کان سواءِ ٻيو قرآن آڻ يا ان کي بدلاءِ !. چئو ته منهنجو ڪم نه آهي جو ان کي پنهنجي طرفان بدلايان. جيڪو منهنجي طرف حڪم موڪليو وڃي ٿو آءُ رڳو ان جي پيروي ڪريان ٿو. بيشڪ آءُ جيڪڏهن پنهنجي پاليندڙ جي نافرماني ڪريان ته وڏي ڏينهن جي عذاب کان ڊڄان ٿو. (مولانا محمد مدني)


۽ جڏهن انهن تي اسان جون چِٽيون آيتون پڙهيون وڃن ٿيون ته جيڪي اسان سان ملڻ جي اميد نه ٿا رکن سي چون ٿا ته: ”هن کان سواءِ ٻيو قرآن آڻ يا ان کي بدلاءِ“. چؤ ته: ”مون کي حق ناهي جو آءٌ ان کي پنهنجي طرفان بدلايان، آءٌ ته رڳو ان جي پيروي ڪيان ٿو جيڪو مون ڏانهن وحي ڪيو وڃي ٿو. بيشڪ آءٌ ڊڄان ٿو جي مون پنهنجي پالڻهار جي بي فرماني ڪئي تمام وڏي ڏينهن جي سزا کان“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڀُون ۾ ڏِنيوُن سُونِيئان، ڀِيڻِيُون، تِنيان پوءِ تڪرار، تان پَسون اَسِين پار، ته اَوهين به ڪِهڙا ڪم ڪريو؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل لَو شاءَ اللَّهُ ما تَلَوتُهُ عَلَيكُم وَلا أَدرىٰكُم بِهِ فَقَد لَبِثتُ فيكُم عُمُرًا مِن قَبلِهِ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 16)

چؤ ته جيڪڏھن الله گھري ھا ته آءٌ اُن (قرآن) کي اوھان تي نه پڙھان ھا ۽ نڪي (الله) اُن سان اوھان کي ڄاڻي ھا، بيشڪ آءٌ اوھان ۾ ھن کان اڳ (سڄي) ڄمار رھيس (ته نه پڙھيم)، پوءِ ڇونه ٿا سمجھو؟(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ کين (اهو به) چئو ته، جيڪڏهن الله تعاليٰ چاهي ها ته مان توهان کي قرآن ٻڌايان ئي ڪونه ها، نڪي ان جي ذريعي اوهان کي خبردار ڪريان ها. (پر سندس مرضي اها آهي ته سندس ڪلام اوهان لاءِ نازل ٿئي ۽ اوهان کي سڄي جهان جي هدايت جو ذريعو بنائي) پوءِ ڏسو ته هيءَ حقيقت آهي ته هن معاملي کان اڳي (يعني نبوت ملڻ کان اڳي 40 سال) اوهان ماڻهن جي وچ ۾ هڪ پوري عمر گذاري چڪو آهيان، ڇا توهان سمجهه ۽ عقل نٿا هلايو؟(علامه علي خان ابڙو)


توهان فرمايو جيڪڏهن الله چاهي ها ته آئون توهان تي (قرآن) نه پڙهان ها ۽ نه ئي اهو توهان کي ڪا معلومات ڏي ها، پوءِ تحقيق آئون توهان وٽ انهيءَ کان اڳ گھڻو حصو عمر جو رهي چڪو آهيان، ڇا پوءِ توهان نٿا سمجھو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول!) چوين ته جيڪڏهن خدا گهري ها ته، نه آءُ اوهان کي اهو پڙهي ٻڌايان ها ۽ نه هو اوهان کي ان جي خبر ڏئي ها. ڇو ته آءُ (آخر) اوهان وٽ ان کان اڳ (ڪيتري) عمر رهيو آهيان (۽ ڪڏهين مون وحي جو نالو به نه کنيو) ته ڇا اوهين (ايترو به) نه ٿا ڄاڻو.(سيد فرمان علي)


فرماءِ جيڪڏهن گھري ها الله ته نه پڙهان ها اهو اوهان تي ۽ نه مطلع ڪري ها اوهان کي ان تي پوءِ تحقيق رهيس مان اوهان ۾ زندگي ان کان اڳي ڇا پوءِ نه ٿا عقل رکو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي پيغمبر! کين) چئو ته جيڪڏهن الله گهري ها ته نه آءُ اوهان کي اهو پڙهي ٻڌايان ها ۽ نه الله اوهان کي ان جي خبر ڏئي ها، پوءِ بيشڪ آءٌ اوهان وٽ ان کان اڳ (سڄي) عمر رهيو آهيان، ڇا پوءِ عقل کان ڪم نه ٿا وٺو؟ پوءِ ان کان وڌيڪ ظالم ڪير آهي جنهن الله تي ڪوڙ گهڙيو يا سندس ڳالهين کي ڪوڙو ڪيو. (مولانا محمد مدني)


چؤ ته: ”جيڪڏهن الله چاهي ها ته آءٌ اوهان تي (هي قرآن) تلاوت نه ڪيان ها ۽ نه اُهو (الله خود) اوهان کي ان کان آگاهه ڪري ها. پوءِ بيشڪ مون هن کان اڳ اوهان ۾ عمر گذاري آهي ڇا پوءِ اوهان عقل کان ڪم نه ٿا وٺو؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ اَسان جا، اُنهن تي، پَڙهجن، جڏهن فَرمان، ته اُٽلو جن اسان سان، آس ملڻ جِي ڪا نَه، ته آڻ ڪو قرآن، هِن بَدل، يا بدلائينسِ تون. چئو، مون نه مجال، ته مَنجهس، ڪريان پاڻان ڦيرڦار، نه هَلان، مَگر حُڪم تي، جو مڪو وَڃٖي مون پار، آئون وَڏي ڏِينهن جي، ڏُ ک کان، ڏَران ڀَر ڏاتار، جي ڪو، حُڪم ڀَڃان هيڪار، پنهنجي پالڻهار جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا أَو كَذَّبَ بِـٔايٰتِهِ إِنَّهُ لا يُفلِحُ المُجرِمونَ (آيت : 17)

پوءِ ان کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي جو الله تي ڪُوڙو ٺاھ ٺاھي يا سندس آيتن کي ڪوڙ ڄاڻي، سچ آھي ته ڏوھاري نه ڇُٽندا.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ ٻڌايو ته انهيءَ کان وڌيڪ ظالم ڪير ٿي سگهي ٿو جو پنهنجي اندر مان ڪوڙي ڳالهه ٺاهي الله تي مڙهي (ته هي الله جو وحي آهي) ۽ انهيءَ کان جيڪو الله تعاليٰ جي سچين آيتن کي ڪوڙو سمجهي رد ڪري (وڌيڪ ظالم ۽ شرير ڪير آهي؟) يقيناً گناه ڪندڙ ڪڏهن به ڪاميابي حاصل ڪري نٿا سگهن.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ اُن ماڻهو کان وڌيڪ ڪير ظالم ٿي سگھي ٿو جيڪو الله تعالى تي ڪوڙ مڙهي يا الله تعالى جي آيتن کي ڪوڙو سمجھي ٿو، بيشڪ مجرم ڪامياب نٿا ٿين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ ان کان وڌيڪ ظالم ڪير آهي جو خدا تي ڪوڙ مڙهي يا سندس آيتن کي ڪوڙو ڪري، ان ۾ ڪو شڪ نه (آهي) ته (اهڙا) ڏوهاري ڪامياب نه ٿيندا.(سيد فرمان علي)


پوءِ ڪير آهي وڌيڪ ظالم ان کان جو ٺاهيائين الله تي ڪوڙ يا ڪوڙو ڪيائين آيتن ان جي کي بيشڪ نه ڪامياب ٿيندا مجرم .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


بيشڪ ڳالهه هيءَ آهي ته ڏوهاري ڪامياب نه ٿيندا. (مولانا محمد مدني)


پوءِ ان کان وڏو ظالم ڪير هوندو؟ جو الله تي ڪوڙو الزام ٻڌي يا ان جي آيتن کي ڪوڙو چوي. حقيقت هي آهي ته ڏوهاري ماڻهو ڪامياب ڪونه ٿيندا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چئو، جي گُھريو هوند غَفار، ته پَڙهيمِ نَه، اُو اوهان تي، ۽ نَڪا ڏِنمِ اوهان کي، اُنِ جِي خَبر چار، ۽ آندمِ اوهان ۾، ڪيترِي، اِنهيان اڳ ڄَمار، پوءِ آخر ڪِنهن آڌار، سوچيو نٿا سَچ ڪُوڙ کي؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَيَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ ما لا يَضُرُّهُم وَلا يَنفَعُهُم وَيَقولونَ هٰؤُلاءِ شُفَعٰؤُنا عِندَ اللَّهِ قُل أَتُنَبِّـٔونَ اللَّهَ بِما لا يَعلَمُ فِى السَّمٰوٰتِ وَلا فِى الأَرضِ سُبحٰنَهُ وَتَعٰلىٰ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 18)

۽ الله کانسواءِ جن کي پوڄيندا آھن سي نڪي کين ڏک پھچائيندا آھن ۽ نڪي کين سُک پھچائيندا آھن ۽ چوندا آھن ته ھي الله وٽ اسان جا شفاعت ڪندڙ آھن، چؤ ته اوھين الله کي اھڙيءَ شيءَ بابت چتائيندا آھيو ڇا جيڪا شيء (ھو) نڪي آسمانن ۾ ۽ نڪي زمين ۾ ڄاڻندو آھي، اُھو پاڪ آھي ۽ جنھن شيء کي ساڻس شريڪ ڪندا آھيو تنھن کان اُھو مٿاھون آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (هي مشرڪ) الله کي ڇڏي اهڙين هستين جي پوڄا ڪن ٿا جي نڪي کين نقصان پهچائي سگهن ٿيون، نڪي فائدو. ۽ هو چون ٿا ته، (اسان هن ڪري انهن جي پوڄا ڪيون ٿا جو) اهي الله وٽ اسان جا سفارشي آهن. (اي پيغمبر!) تون چئي ڏي ته، ڇا توهان الله کي اهڙي ڳالهه جي خبر ڏيڻ چاهيو ٿا جا خود کيس به معلوم ناهي؟ نڪي آسمانن ۾ نڪي زمين ۾؟ پاڪ ۽ بلند آهي سندس ذات انهيءَ شرڪ کان جيڪو هي ماڻهو ڪري رهيا آهن.(علامه علي خان ابڙو)


۽ (اهي) غيرالله جي عبادت ڪن ٿا جيڪي انهن کي نفعو ۽ نقصان پهچائي نٿا سگھن ۽ چون ٿا ته اهي (بُت) الله وٽ اسان جا سفارشي آهن، توهان فرمايو ڇا توهان الله تعالى کي اُها خبر ٻڌايو ٿا جيڪا پاڻ آسمانن ۽ زمينن ۾ نٿو ڄاڻي، الله تعالى پاڪ آهي ۽ انهن جي شرڪ کان مٿاهون آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اهي خدا کي ڇڏي اهڙين شين کي پوڄين ٿا جي نه ته انهن کي نقصان پهچائي سگهن ٿيون ۽ چون ٿا ته اهي خدا وٽ اسان جا سفارشي آهن. (اي رسول! کين) چئو ته ڇا اوهين خدا کي اهڙي ڳالھ ٻڌايو ٿا جنهن کي اهو نه ته آسمانن ۾ (ڪٿي) ڏسي ٿو ۽ نه زمين ۾. اهي ماڻهو جنهن شيءِ کي سندس شريڪ بنائين ٿا تنهن کان هو پاڪ صاف ۽ بلند آهي.(سيد فرمان علي)


۽ عبادت ڪن ٿا سواءِ الله جي ان جي جو نه ٿو نقصان ڏئي انهن کي ۽ نه ٿو نفعو ڏئي انهن کي ۽ چون ٿا ته هي سفارشي اسان جا آهن الله وٽ فرماءِ ڇا خبر ڏيو ٿا الله کي ان جي جو نه ٿو ڄاڻي آسمانن ۾ ۽ زمين ۾؟ پاڪائي آهي ان جي ۽ مٿاهون ٿيو ان کان جو شرڪ ڪن ٿا.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ الله کان سواءِ اهڙين شين کي پوڄين ٿا جي نه ته انهن کي نقصان پهچائين ٿيون ۽ نه ڪي کين فائدو پهچائين ٿيون ۽ چون ٿا ته اهي الله وٽ اسان جا سفارشي آهن. (اي پيغمبرﷺ! کين) چئو ته ڇا اوهين الله کي اهڙي شيءَ ٻڌايو ٿا جا آسمانن ۽ زمين ۾ کيس معلوم نه آهي. اهو پاڪ آهي ۽ انهن کان بلند آهي جن کي (سندس) شريڪ ڪن ٿا. (مولانا محمد مدني)


۽ الله کان سواءِ انهن (بتن) جي پوڄا ڪن ٿا جي نه انهن کي نقصان ڏئي سگهن ٿا ۽ نه نفعو پهچائي سگهن ٿا ۽ چون ٿا ته: ”اهي الله وٽ اسان جا سفارشي آهن“. چؤ ته: ”ڇا اوهان الله کي اهڙي شيءِ جي خبر ٻڌايو ٿا؟ جيڪا آسمانن ۽ زمين ۾ کيس معلوم نه آهي.“ اُهو پاڪ آهي ۽ مٿاهون آهي انهن کان جن کي شريڪ بنائن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ اِنهيان اڳرو ڪير، ٻِيو، هاڻُو هرگز هوءِ، جنهن ٻَڌاڪُوڙ ڪريم تي، پڻ چِٽسِ، ڪُوڙا چوءِ، پَڪ اِهائـِي پوءِ، ته وِرسِيَل، وَرسَن ڪِين ڪِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَما كانَ النّاسُ إِلّا أُمَّةً وٰحِدَةً فَاختَلَفوا وَلَولا كَلِمَةٌ سَبَقَت مِن رَبِّكَ لَقُضِىَ بَينَهُم فيما فيهِ يَختَلِفونَ (آيت : 19)

۽ (اصل) ماڻھو ھڪ ٽوليءَ کانسواءِ نه ھوا پوءِ اختلاف ڪيائون، ۽ جيڪڏھن تنھنجي پالڻھار جو حُڪم اڳ ٿيل نه ھجي ھا ته جنھن (ڳالھ) بابت اختلاف ڪن ٿا تنھنجو سندن وچ ۾ فيصلو پورو ڪيو وڃي ھا.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (شروعات ۾) انسانن جي هڪ ئي امت هئي پوءِ هو الڳ الڳ ٿي ويا ۽ جيڪڏهن توهان جي پروردگار جي طرفان اڳ ئي هڪڙي ڳالهه نه ٺهرائي ويئي هجي ها (يعني ته ماڻهو الڳ الڳ واٽن تي هلندا ۽ ان اختلاف ۾ انهن لاءِ عملن جي آزمائش ٿيندي) ته جن ڳالهين ۾ ماڻهو اختلاف ڪري رهيا آهن تن جو فيصلو ڪڏهن کان ٿي چڪو هجي ها.(علامه علي خان ابڙو)


۽ سڀئي ماڻهو هڪ ئي اُمت هئا پوءِ اختلاف ڪيائون (ڪن ڪفر ڪيو ۽ ڪي اسلام تي رهيا) ۽ جيڪڏهن تنهنجي رب جو اڳي ئي (عذاب جي تاخير جو) فيصلو ڪيل نه هجي ها ته انهن جو (دنيا ۾ ئي) فيصلو ڪري ها جن ڳالهين ۾ انهن اختلاف ڪيو ٿي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ سڀ ماڻهو (پهرين) هڪ ئي امت هئي. پوءِ الڳ الڳ ٿيا. ۽ (اي رسول!) جي تنهنجي رب جي طرف کان هڪ ڳالھ (قيامت جي وعدي واري) اڳ ٿيل نه هجي ها ته جي اختلاف ڪن ٿا تنهن جو انهن جي وچ ۾ (ڪڏهين جو) فيصلو ٿي وڃي ها.(سيد فرمان علي)


۽ نه هئا ماڻهو مگر ٽولو هڪ پوءِ اختلاف ڪيائون ۽ جيڪڏهن نه هجي ها حڪم جيڪو اڳي ٿيو رب تنهنجي جي طرفان ته فيصلو ڪيو وڃي ها سندن وچ ۾ ان ڳالھ جي باري ۾ جو ان ۾ اختلاف ڪن ٿا.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ ماڻهو رڳو هڪ جماعت هئا، پوءِ اختلاف ڪيائون.۽ (اي پيغمبرؑ) جيڪڏهن هڪ (مقرر ٿيل) ڳالهه نه هجي ها جا تنهنجي پاليندڙ جي طرفان اڳي (مقرر) ٿي آهي ته جنهن (ڳالهه) ۾ اختلاف ڪن ٿا تنهن جو انهن جي وچ ۾ فيصلو ٿي وڃي ها. (مولانا محمد مدني)


۽ سڀ انسان (ابتداء ۾) هڪ ئي جماعت هئا پوءِ اختلاف ڪيائون. ۽ جيڪڏهن تنهنجي پالڻهار جي طرفان هڪ ڳالهه طئي ٿيل نه هجي ها ته انهن جي وچ ۾ فيصلو ٿي وڃي ها جن ڳالهين ۾ پاڻ ۾ اختلاف ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ اُهي ڇَڏيو اَلله کي، پُوڄِين ٺَلها ٿان، جي پُرئـِين نه پهچائـِينِ، اُنهن ئي، نَفعو يا نُقصان، ۽ چي، سائـِين وَٽ سفارشِي، هِي اَسان جا عيان، چئو، الله کي، ڇااُن جِي خَبر ڏِيو ٿا خان!؟ ڄاڻي نه جِنهن زمين ۾، نه اَندر آسمان ، پاڪ اُنهيء کان، پَڪ اُهو، پڻ اُن کان اعلى شان، جِنهن کي، هِي حيوان، ڪَن ٿا، شريڪ شان۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَيَقولونَ لَولا أُنزِلَ عَلَيهِ ءايَةٌ مِن رَبِّهِ فَقُل إِنَّمَا الغَيبُ لِلَّهِ فَانتَظِروا إِنّى مَعَكُم مِنَ المُنتَظِرينَ (آيت : 20)

۽ چوندا آھن ته سندن پالڻھار کان مٿس ڪو مُعجزو ڇونه لاٿو ويو آھي؟ چؤ ته ڳُجھ (جي خبر) الله کانسواءِ ٻئي ڪنھن کي نه آھي پوءِ انتظار ڪريو، آءٌ به اوھان سان گڏ انتظار ڪندڙ آھيان.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ هي ماڻهو چون ٿا ته، ڇو هن تي (يعني رسولﷺ تي) سندس پروردگار وٽان ڪا نشاني (يا معجزو) نٿو نازل ٿئي؟ (اي پيغمبر!) تون چئي ڏي ته غيب جو علم ته فقط الله جي لاءِ آهي. پوءِ ترسو مان به توهان سان گڏ ترسڻ وارن مان آهيان (ٿورن ئي سالن ۾ سچائي ۽ ڪوڙائي جو فيصلو ٿيو ۽ سچن کي فتح نصيب ٿي.)(علامه علي خان ابڙو)


۽ ڪافر چون ٿا ته اسان جي مٿان رب جي طرفان ڪا آيت ڇو نٿي نازل ٿئي، پوءِ توهان فرمايو غيب ته فقط الله وٽ آهي پوءِ توهان انتظار ڪريو، بيشڪ آئون به توهان سان گڏ انتظار ڪندڙ آهيان(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ چون ٿا ته هن (نبي) تي ڪو اهڙو معجزو (اسان جي مرضيءَ موجب) ڇو ڪين نازل ٿيو؟ ته (اي رسول! کين) چئو ته غيب (داني) ته رڳو خدا جي لاءِ آهي، ته پوءِ انتظار ڪريو. بيشڪ آءُ (به) اوهان سان گڏ انتظار ڪندڙن مان آهيان.(سيد فرمان علي)


۽ چون ٿا ته ڇو نه نازل ڪئي وئي ان تي ڪا نشاني سندس رب جي طرفان پوءِ فرماءِ ته: غيب ته آهي ئي الله جي لاءِ پوءِ انتظار ڪريو مان به اوهان سان گڏ انتظار ڪندڙن مان آهيان. ع(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ چون ٿا ته سندس پاليندڙ جي طرفان مٿس نشاني ڇو نه نازل ڪئي وئي؟ سو (اي پيغمبر! کين) چئو ته غيب جو علم الله کي ئي آهي پوءِ انتظار ڪريو، بيشڪ آءُ به اوهان سان گڏ انتظار ڪندڙن مان آهيان. (مولانا محمد مدني)


۽ چون ٿا ته ان (رسول) تي سندس پالڻهار پاران ڪا نشاني ڇو نه نازل ڪئي وئي؟ پوءِ چؤ ته: ”غيب جو علم ته صرف الله وٽ ئي آهي پوءِ انتظار ڪيو ۽ بيشڪ آءٌ به اوهان سان گڏ انتظار ڪندڙن مان آهيان“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اَصل نه هُئا اِنسان مگر اُمت هيڪڙِي، پوءِ پاڻهِين پاڻ ۾، بِگڙيا بي گمان، هُوند نه اڳي حُڪم ٿيو، تُنهنجي ربَّ کان، رَحمان، ته جنهن ۾ جھڳڙن پاڻ ۾، سوڌُريَن دَرميان، جَلدِي دَرجَهان، نِياء نِبيريو وِيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِذا أَذَقنَا النّاسَ رَحمَةً مِن بَعدِ ضَرّاءَ مَسَّتهُم إِذا لَهُم مَكرٌ فى ءاياتِنا قُلِ اللَّهُ أَسرَعُ مَكرًا إِنَّ رُسُلَنا يَكتُبونَ ما تَمكُرونَ (آيت : 21)

۽ جڏھن ماڻھن کي اوکائي پھچڻ کانپوءِ (پنھنجي) ٻاجھ (سان سُک جو مزو) چکائيندا آھيون (ته) اُتي جو اُتي اُنھن کي اسانجي آيتن ۾ بدگمانيون ٿينديون آھن، چؤ ته الله رِٿ رٿڻ ۾ ڏاڍو تڪڙو آھي، بيشڪ جيڪي اوھين بڇڙيون رٿون ڪندا آھيو سي اسانجا ملائڪ لکندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جڏهن اسان (يعني الله تعاليٰ) ماڻهن کي ڏکن بعد رحمت جو مزو چکايون ٿا تڏهن هڪدم اسان جي (رحمت جي) نشانين جي خلاف باريڪ باريڪ حيلا ٺاهڻ شروع ڪري ڏين ٿا. (اي پيغمبر!) تون چئو ته، الله اهڙين باريڪين ۾ سڀني کان وڌيڪ تيز آهي. سندس فرشتا توهان جون اهي سڀ مڪاريون لکي رهيا آهن.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جنهن وقت اسان ڪافرن کي ڏک کان پوءِ سُک پهچايو ته اهي اسان جي آيتن ۾ خفيه تدبيرون (اٽڪلون) ڪن ٿا، توهان فرمايو الله تعالى جلد خفيه تدبير ڪندڙ آهي، بيشڪ توهان جون خفيه تدبيرون اسان جا فرشتا لکن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جڏهن ماڻهن کي ڪنهن تڪليف کان پوءِ جا کين پهتي، پنهنجي رحمت جو مزو چکايو ته يڪدم انهن اسان جي آيتن ۾ چالاڪيون شروع ڪري ڏنيون (اي رسول! کين) چئو ته خدا رٿ رٿڻ ۾ سڀني کان تيز آهي. تن کي پڪ!اسان جا موڪليل (فرشتا) لکندا رهن ٿا.(سيد فرمان علي)


۽ جڏهن چکائي سون ماڻهن کي رحمت پڄاڻان تڪليف جي جو پهتي انهن کي ان وقت انهن جون بدگمانيون آهن آيتن اسان جن ۾ فرماءِ ته: الله تڪڙو آهي (ان بدگمانيءَ جي) سزا ڏيڻ ۾ بيشڪ اسان جا موڪليل (ملائڪ) لکن ٿا جيڪي (بريون) رٿون رٿيو ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جڏهن ماڻهن کي ڪنهن تڪليف کان پوءِ جا کين پهتي ڪا مهرباني چکايون ٿا ته اتي جو اتي اهي اسان جي آيتن ۾ چالاڪيون ڪرڻ لڳن ٿا. (اي پيغمبرﷺ) چئو ته الله رٿ رٿڻ ۾ ڏاڍو تڪڙو آهي جيڪي اوهين چالاڪيون ڪريو ٿا تن کي بيشڪ اسانجا موڪليل (ملائڪ) لکن ٿا. (مولانا محمد مدني)


۽ جڏهن اسان ماڻهن کي تڪليف پهچڻ بعد رحمت چکايون ٿا ته فوراً اسان جي آيتن ۾ چالاڪيون ڪن ٿا. چؤ: ”الله مڪر جي سزا جلد ڏيڻ وارو آهي. بيشڪ اسان جا موڪليل قاصد (ملائڪ) لکن ٿا اوهان جيڪي چالاڪيون ڪيو ٿا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ چي، هُوند اُتسِ اُترو، ڪو سائـِينءَ کان سُهڃاڻ، چئو، راز حوالي ربَّ جي، پَوءِ پَسو ويٺا پاڻ، آئون به اَوهان ساڻ، اِنتظارِيُن مان، آهيان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


هُوَ الَّذى يُسَيِّرُكُم فِى البَرِّ وَالبَحرِ حَتّىٰ إِذا كُنتُم فِى الفُلكِ وَجَرَينَ بِهِم بِريحٍ طَيِّبَةٍ وَفَرِحوا بِها جاءَتها ريحٌ عاصِفٌ وَجاءَهُمُ المَوجُ مِن كُلِّ مَكانٍ وَظَنّوا أَنَّهُم أُحيطَ بِهِم دَعَوُا اللَّهَ مُخلِصينَ لَهُ الدّينَ لَئِن أَنجَيتَنا مِن هٰذِهِ لَنَكونَنَّ مِنَ الشّٰكِرينَ (آيت : 22)

اُھو (الله) آھي جو اوھان کي بر ۽ دريائن ۾ گھمائيندو آھي، ايتري تائين جو جڏھن ٻيڙين ۾ ھوندا آھيو، ۽ (اُھي) پاتڻين سميت سڻائن وائن سان ھلنديون آھن ۽ اُنھن سان سرھا ٿيندا آھن ته اوچتو کين اڻائو واءُ پھچندو آھي ۽ کين چوڌاري لھر ايندي آھي ۽ ڀائيندا آھن ته بيشڪ (اُھا) کين ويڙھي ويئي (ته) الله جي عبادت ۾ سچائيءَ وارا ٿي کيس سڏيندا آھن، (۽ چوندا آھن) ته جيڪڏھن ھن (اوکائي) کان اسان کي بچائين ته ضرور شڪراني ڪندڙن مان ٿينداسون.(علامه تاج محمود امروٽي)


اهوئي (الله) آهي جنهن توهان جي لاءِ زمين تي ۽ پاڻيءَ تي سير ڪرڻ جو بندوبست ڪري ڇڏيو آهي. پوءِ جڏهن توهان جهازن ۾ سوار ٿيو ٿا ۽ جهاز سڻائي واءَ لڳڻ ڪري توهان کي کڻي روانا ٿين ٿا ۽ مسافر خوش ٿين ٿا (ته ڪهڙي نه چڱي هوا لڳي رهي آهي) پوءِ اوچتو سخت هوا جا جهوٽا لڳن ٿا ۽ هر طرف کان لهرن جي ڌم لڳي وڃي ٿي ۽ مسافر ڀانئن ٿا ته بس هاڻي انهن لهرن ۾ گهيرجي وياسين (۽ بچڻ جي ڪابه اميد ڪانهي) ته پوءِ (هنن کي خدا کان سواءِ ٻي ڪابه هستي ياد نٿي اچي ۽ هو) دين جي اخلاص (۽ سچائيءَ) سان خدا کي پڪارڻ لڳن ٿا ته، اي خدا! جيڪڏهن هن حالت منجهان اسان کي ڇوٽڪارو ڏئين ته اسان ضرور تنهنجا شڪرگذار رهنداسين.(علامه علي خان ابڙو)


الله تعالى اُهو آهي جيڪو توهان کي زمين ۽ پاڻي تي سفر ڪرائي ٿو، ايستائين جو اهي ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿين ٿا، ۽ انهن کي هلڪي هلڪي هوا هلائي ٿي ۽ اهي ان تي خوش ٿين ٿا (ته اوچتو) انهن تي طوفان اچي ٿو ۽ هر طرف کان انهن تي موجون اچن ٿيون ۽ انهن يقين ڪيو ته اهي گھيري ۾ آهن، ان وقت اهي مخلص ٿي الله تعالى کي پڪارين ٿا ته قسم سان جيڪڏهن تو اسان کي هن مصيبت مان نجات ڏني ته ضرور اسين شڪرگذار ٿينداسين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


هو اهو (پروردگار) آهي جو اوهان کي خشڪيءَ ۽ دريا ۾ سير ڪرائيندو وتي ٿو، ايتري تائين جو (جڏهن) اوهين ٻيڙين ۾ هجو ٿا ۽ اهي سڻائي واءُ سان ماڻهن کي وٺي هلن ٿا ته (اوچتو) انهيءَ ٻيڙيءَ تي سخت اچي (وڌي) ٿي ۽ جتان ڪٿان مٿن لهرون (وڌنديون) اچن ٿيون ۽ خيال ڪندا آهن ته هاڻي گهيري ۾ اچي وياسون (جان نه بچندي) تڏهن پنهنجي سچي عقيدي سان خدا کي سڏيندا آهن ته (يا الله) جيڪڏهن تو اسان کي هن (مصيبت) کان بچايو ته اسين ضرور وڏا شڪر گذار ٿينداسون.(سيد فرمان علي)


اهو (الله) ئي آهي جو سير ڪرائي ٿو اوهان کي پٽ ۽ سمنڊ ۾ تانجو جڏهن هوندا آهيو ٻيڙين ۾ ۽ هليون کڻي انهن کي هوا سڻائيءَ سان ۽ خوش ٿيا ان سان ته آئي انهن کي هوا اڻائي ۽ آئي انهن وٽ (پاڻيءَ جي) لهر هر جاءِ (طرف) کان ۽ خيال ڪيائون ته بيشڪ اهي گھيراءُ ڪيو ويو انهن کي ته سڏيائون الله کي خالص ڪندڙ ان جي لاءِ عبادت البته جيڪڏهن ڇڏايو تو اسان کي هن کان ته البته ضرور ٿينداسون شڪر ڪندڙن مان.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


هو اُهو آهي جو اوهان کي خشڪيءَ ۽ درياءَ تي گهمائي ٿو، ايتري تائين جو جڏهن اوهين ٻيڙيءَ ۾ هجو ٿا ۽ اهي سڻائي واه سان ماڻهن کي وٺي هلن ٿيون ۽ اهي ان سان خوش ٿين ٿا ته (اوچتو) انهن (ٻيڙين) تي سخت هوا اچي وڃي ٿي ۽ جتان ڪٿان مٿن موج اچي ٿي ۽ خيال ڪندا آهن ته کين گهيرو ڪيو ويو آهي (پوءِ) الله کي سڏيندا آهن ان جي لاءِ عبادت کي خالص ڪري (غير الله کي وساري). ته جيڪڏهن تو اسان کي هن کان بچايو ته ضرور اسين شڪر ڪندڙن مان ٿينداسون. (مولانا محمد مدني)


اهو (الله) ئي آهي جيڪو اوهان کي خشڪي ۽ درياءَ ۾ سير ڪرائي ٿو. ايستائين جو جڏهن اوهان ٻيڙين ۾ هجو ٿا ۽ اُهي (ٻيڙيون) ماڻهن کي موافق هواءِ سان وٺي هلن ٿيون ته ان سان خوش ٿين ٿا ۽ (اوچتو) انهن کي سخت هوا اچي وٺي ٿي ۽ هر پاسي کان انهن تي موج (يعني تُند ۽ تيز لهرون اچن ٿيون) ۽ سمجهن ٿا ته اُهي (موجن ۾) گهيرجي ويا آهن ته الله کي سڏن ٿا (ان مهل) پنهنجي دين کي الله لاءِ خالص ڪندڙ آهن. (چون ٿا ”اي الله!) جيڪڏهن تو اسان کي هن کان بچايو ته اسان ضرور شڪر گذارن مان ٿينداسين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ماڻهن، پَنهنجِي مِهر جو، جڏهن مَزو چَکايونسون مُور، جِنهن پُڃاڻا، اُنهن کي، ڪو پهتو ضَرر ضَرُور، ته اِجھو اَسان جي ڪَمن ۾، سَندنِ فَند فُتور، چئو، آهي تَمان هِڪڙو، مَنجھ رِٿن رَبَّ حضور، جي مَڪريو، مَغرور!، سي لِکن، اَسان جي ايلچِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَلَمّا أَنجىٰهُم إِذا هُم يَبغونَ فِى الأَرضِ بِغَيرِ الحَقِّ يٰأَيُّهَا النّاسُ إِنَّما بَغيُكُم عَلىٰ أَنفُسِكُم مَتٰعَ الحَيوٰةِ الدُّنيا ثُمَّ إِلَينا مَرجِعُكُم فَنُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 23)

پوءِ جنھن مھل کين ڇڏايائين (ته) اُتي جو اُتي مُلڪ ۾ ناحق شرارت ڪندا آھن، اي ماڻھؤ اوھان جو شرارتون اوھان تي ئي آھن (ھيءُ) دُنيا جي حياتي جو فائدو (لڌو) وري اوھان جو موٽڻ اسان ڏانھن آھي پوءِ جيڪي ڪندا آھيو تنھن جي اوھان کي سُڌ ڏينداسون.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ (ڏسو ته) جڏهن الله تعاليٰ کين ڇوٽڪارو ڏئي ٿو تڏهن هڪدم (پنهنجي عهد اقرار وساري ڇڏين ٿا ۽) ناحق ملڪ ۾ سرڪشي ۽ فساد ڪرڻ لڳن ٿا. اي انسانؤ! توهان جي سرڪشي ۽ شرارتن جو وبال ته خود توهان جي ئي جانين تي پوڻ وارو آهي. اهي دنيا جي (ٿورڙن ڏينهن جي) زندگي جا فائدا آهن سي ڀلي ماڻيو. پوءِ توهان کي اسان ڏي ئي موٽي اچڻو آهي. ان وقت اسان توهان کي ٻڌائينداسين ته جيڪي جيڪي دنيا ۾ ڪندا رهيؤ تنهن جي حقيقت ڇا هئي؟(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ جڏهن اسان انهن کي نجات ڏني ته ان وقت اهي زمين ۾ ناحق فساد ڪن ٿا، اي انسانو توهان جو فساد ڪرڻ توهان لاءِ نقصان ڪار آهي، توهان زندگيءَ جي مال مان ٿورو نفعو حاصل ڪري سگھو ٿا، ان کان پوءِ توهان کي اسان ڏانهن موٽڻو آهي پوءِ اسين توهان کي توهان جي بداعماليءَ جو بدلو ڏينداسين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ جڏهن خدا کين ڇوٽڪارو ڏنو ته اهي زمين تي (قدم رکندي ئي) يڪدم ناحق سرڪشي ڪرڻ لڳن ٿا. اي انسانو! توهان جي سرڪشيءَ (جو وبال ته) توهان جي سر تي آهي. (اهو به) دنيا جي (فاني) زندگي جو فائدو آهي. پوءِ نيٺ اسان ڏي (ئي) موٽي اچڻو آهي. پوءِ (تڏهن) اسين جيڪي اوهين (دنيا ۾) ڪندا هئا، ٻڌائينداسون.(سيد فرمان علي)


پوءِ جڏهن ڇڏايائين انهن کي ته اتي ئي اهي طلب ٿا ڪن زمين ۾ ناحق اي انسانو! ان کان سواءِ ناهي ته اوهان جي بغاوت اوهان جي سرن تي آهي سامان حياتيءَ دنيا واريءَ جو- ان کان پوءِ اسان ڏانهن موٽڻ اوهان جو آهي پوءِ خبر ڏينداسون اوهان کي ان جي جيڪو ڪندا هيئو.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ جڏهن کين بچائي ٿو ته اتي جو اتي زمين ۾ ناحق سرڪشي ڪندا آهن. اي انسانو! اوهان جي سرڪشي اوهان تي آهي، دنيا جي حياتي جا مزا ڪري وٺو. وري اسان ڏي ئي اوهان جو موٽڻ آهي پوءِ جيڪي اوهين پيا ڪريو تنهن جي اوهان کي خبر ڏينداسون. (مولانا محمد مدني)


پوءِ جڏهن انهن کي بچائي ٿو ته يڪدم اُهي زمين ۾ ناحق سرڪشي ڪن ٿا. اي انسانو! بيشڪ اوهان جي سرڪشي (جو وبال) اوهان جي پنهنجي سِرن تي آهي، دنياوي زندگي جا (ٿورا) سامان آهن پوءِ اسان ڏانهن اوهان جو موٽڻ آهي پوءِ ضرور اوهان کي آگاهه ڪنداسين انهن ڪمن کان جيڪي اوهان ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


سو ڪَرائـِينِيان ڪَرم سان، سَير سُڪِي ۽ مَنجھ سِير، تان هُئا، جڏهن هوڙن ۾، لڳن واء سَڻائو وِير!، ته سَرها مَنجھ سَرِير، ساڻسِ سَڀ سُوار ٿِيا. ۽ آيَنِ ڏُوا اوچتو، تِکو ڪو طُوفان، اُٿلي آيون اُنهن مَٿي، موجُون هَرمَڪان، ۽ ڪيائون اِي گُمان، ته گھمسان کِين گھيرو. دانهيؤن ڌڻيء کي، اُن جا، ٿِي ٻانها نِج نِبار، ڇَڏائـِينِيون ڇو هَن مان، جيڪر رَبَّ، جبّار، ته هُونداسُون هر بار، مَنجھان ڳُڻنِ ڳائڻِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِنَّما مَثَلُ الحَيوٰةِ الدُّنيا كَماءٍ أَنزَلنٰهُ مِنَ السَّماءِ فَاختَلَطَ بِهِ نَباتُ الأَرضِ مِمّا يَأكُلُ النّاسُ وَالأَنعٰمُ حَتّىٰ إِذا أَخَذَتِ الأَرضُ زُخرُفَها وَازَّيَّنَت وَظَنَّ أَهلُها أَنَّهُم قٰدِرونَ عَلَيها أَتىٰها أَمرُنا لَيلًا أَو نَهارًا فَجَعَلنٰها حَصيدًا كَأَن لَم تَغنَ بِالأَمسِ كَذٰلِكَ نُفَصِّلُ الءايٰتِ لِقَومٍ يَتَفَكَّرونَ (آيت : 24)

دُنيا جي حياتي جو مثال رڳو انھي پاڻي وانگر آھي جنھن کي آسمان کان وسايوسون پوءِ ساڻس زمين جا (اُھي) اوڀڙ رليا مليا جن مان ماڻھو ۽ ڍور کائيندا آھن، ايتري تائين جو جنھن مھل زمين پنھنجي ساوڪ ورتي ۽ سينگاري ۽ سندس رھڻ وارن ڀانيو ته پاڻ مٿس وسوارا آھن (تنھن مھل) اوچتو اُن کي رات جو يا ڏينھن جو اسانجو حُڪم پھتو پوءِ اُن کي لُڻيل (ناس) ڪري ڇڏيوسون ڄڻڪ ڪالھ ئي نه ھُئي، اھڙي طرح سمجھندڙ قوم لاءِ کولي نشانيون بيان ڪندا آھيون.(علامه تاج محمود امروٽي)


دنيا جي زندگيءَ جو مثال ته بس اهڙوئي آهي، جهڙو هيءُ معاملو ته آسمان مان اسان مينهن وسايو ۽ زمين جا اوڀڙ جي ماڻهن ۽ چوپاين جانورن لاءِ کاڌ ۽ خوراڪ جو ڪم ڏئي ٿي سا ان مينهن سان سرسبز ٿي، پوءِ جڏهن اهو وقت آيو جو زمين (پنهنجي ساوڪ ۽ لعلائي جا) سڀ زيور پاتا ۽ (لڏندڙ پوکن ۽ ميويدار باغن سان) سينگارجي ويئي ۽ زمين جي مالڪن سمجهيو ته، هاڻي فصل اسان جي قبضي ۾ اچي ويو، تڏهن اوچتوئي اوچتو اسان جو حڪم ڏينهن جي وقت يا رات جي وقت اچي ويو ۽ اسان زمين جو سڄو فصل اهڙيءَ طرح پاڙون پٽي ڦٽي ڪيو جو ڄڻ ته گذريل هڪ ڏينهن تائين ان جو ڪو نالو نشان به ڪونه هو. اهڙيءَ طرح اسان (حقيقت جا) دليل کولي کولي بيان ڪيون ٿا انهن ماڻهن لاءِ جيڪي غور ۽ فڪر ڪندڙ آهن.(علامه علي خان ابڙو)


دنيا جي حياتيءَ جو مثال اُن پاڻيءَ جهڙو آهي جيڪو آسمان مان اسان نازل ڪيو آهي پوءِ ان پاڻيءَ جي سببان (زمين مان) گھڻا سَلا پيدا ٿيا جن مان ماڻهو ۽ جانور کائن ٿا، ايستائين جو زمين پنهنجي رونق ۽ خوبصورتي پيدا ڪئي ۽ زمين جي مالڪن خيال ڪيو ته بيشڪ اهي زمين جو فصل مڪمل طرح حاصل ڪري سگھندا، اوچتو انهي زمين تي رات يا ڏينهن جو اسان جو عذاب نازل ٿيو پوءِ اسان ان کي لُڻي ڇڏيو گوياڪ ڪالهه اهو فصل هوئي ڪونه، اهڙي طرح اسين کولي کولي پنهنجون آيتون اُن قوم لاءِ بيان ڪريون ٿا جيڪي غور ڪن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


دنيا جي حياتي جو مثال ائين آهي جيئن پاڻيءَ کي اسان آسمان مان وسايو، پوءِ زمين جا اوڀڙ ان سان رلي ملي نڪتا جن کي ماڻهو ۽ وهٽ کائن ٿا، تان جو جڏهن زمين پنهنجي ساوڪ ورتي ۽ سونهن واري ٿي ۽ زميندارن کي پڪ ٿي ته هاڻي (فصل) اسان جي قبضي ۾ آهي (جڏهن گهرون لابارو ڪريون ته) اوچتو اسان جو حڪم (عذاب) رات يا ڏينهن جو اهڙو ته آيو جو اسان ان کي لڻيل (ڍير) ڪري ڇڏيو، ڄڻ ته ڪالھ اتي ڪا آبادي ئي ڪا نه هئي. جيڪي ماڻهو سوچين ٿا تن لاءِ اسين آيتن کي اهڙي طرح کولي بيان ڪريون ٿا.(سيد فرمان علي)


ان کان سواءِ ڪجھ ناهي ته دنيا جي حياتيءَ جو مثال پاڻيءَ وانگر آهي جو نازل ڪيو سون ان کي آسمان مان پوءِ گھاٽا ٿي نڪتا ان مان سلا زمين جا ان مان جو کائن ٿا ماڻهو ۽ چوپايا جانور تانجو جڏهن ورتي زمين ساوڪ پنهنجي ۽ سينگارجي وئي ۽ گمان ڪيو رهندڙن (مالڪن) ان جي ته تحقيق اهي قدرت رکندڙ آهن ان تي ته آيو ان تي امر اسان جو رات جو يا ڏينهن جو پوءِ ڪيو اسان ان کي ڪٽيل گويا نه هئي ڪالھ اهڙيءَ طرح کولي کولي بيان ڪيون ٿا آيتون واسطي ان قوم جي جيڪي فڪر ڪن ٿا.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


دنيا جي حياتيءَ جو مثال ائين آهي جيئن پاڻيءَ کي اسان آسمان مان لاٿو پوءِ زمين جا اوڀڙ ان سان رلي ملي نڪتا جن کي ماڻهو ۽ وهٽ کائين ٿا، تان جو جڏهن زمين پنهنجي ساوڪ ورتي ۽ سُونهن واري ٿي ۽ زمين وارن خيال ڪيو ته بيشڪ سندن ان تي قبضو آهي ته (اوچتو) ان تي رات يا ڏينهن جو اسان جو حڪم پهتو پوءِ اسان ان کي لڻيل (ڍير) ڪري ڇڏيو ڄڻ ته ڪالهه (اتي ڪا آبادي) نه هئي. اهڙيءَ طرح ان قوم لاءِ نشانيون کولي بيان ڪريون ٿا جيڪي فڪر ڪن ٿا. (مولانا محمد مدني)


دنيا جي زندگي جو مثال ته ان پاڻي وانگر آهي جنهن کي اسان آسمان کان لاٿو پوءِ ان جي ذريعي زمين مان سلا رَلي مِلي نڪتا جنهن مان انسان کائن ٿا ۽ جانور به. تانجو جڏهن زمين پنهنجي رونق ورتي ۽ سينگارجي وئي زمين وارن سمجهيو ته يقينًا اهي ان (جي نفعي وٺڻ) تي قادر (اوچتو) ان تي اسان جو حڪمِ (عذاب) رات جو يا ڏينهن جو اچي پهتو. پوءِ اسان ان کي ائين پاڙان پٽيل (ڍير) ڪري ڇڏيو ڄڻڪ ڪالهه هتي ڪجھه هيو ئي ڪونه. اهڙي طرح اسان آيتون کولي کولي بيان ڪيون ٿا ان قوم لاءِ جيڪي غور فڪر ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ، جڏهن ڇڏايون اُنهن کي، اِجھو اُنهِيء وار، ڀُونءَ ۾ ڪن بي واجبِي، بَڙائـِي بيڪار، ماڻهئا! اوهان تي مُورهِين، اَهنجٖي بَڙائـِي جو بار، ۽ نَفعو نَنڍِي ڄَمار جو؛ پوءِ اَسان جي پار، موٽِي موٽڻ اَهنجو، ۽ ڪريو جي ڪم ڪار، پوءِ آن کي آخرڪار، کولي ڏِينداسون خَبرون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَاللَّهُ يَدعوا إِلىٰ دارِ السَّلٰمِ وَيَهدى مَن يَشاءُ إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 25)

۽ الله سلامتيءَ جي گھر ڏانھن سڏيندو آھي، ۽ جنھن کي وڻيس تنھن کي سڌي واٽ ڏانھن ھدايت ڪندو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ الله تعاليٰ سلامتيءَ جي گهر ڏانهن سڏي ٿو ۽ جنهن لاءِ وڻيس ٿو تنهن کي (ڪاميابي ۽ نجات جي) سڌي واٽ تي لڳائي ٿو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ الله تعالى توهان کي بهشت ڏانهن پُڪاري ٿو، ۽ جنهنکي چاهي سنئين رستي تي هلائي ٿو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ خدا ته آرام جي گهر (بهشت) ڏي سڏي ٿو ۽ جنهن کي گهري ٿو سڌي رستي جي هدايت ڪري ٿو.(سيد فرمان علي)


۽ الله سڏي ٿو گھر سلامتيءَ جي طرف ۽ هدايت ٿو ڪري جنهن کي گھري واٽ سڌيءَ ڏانهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ الله سلامتيءَ جي گهر ڏي سڏي ٿو. ۽ جنهن کي گهري ٿو تنهن کي سڌو رستو ڏيکاري ٿو. (مولانا محمد مدني)


۽ الله سلامتي جي گهر ڏانهن سڏي ٿو. ۽ اهو جنهن کي چاهي سڌي راهه ڏانهن هدايت ڪري ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


آهي، مِينهن جيئن مُورِهين، نِپٽ ننڍِي ڄمار، اُتاريوسُونسِ اُڀ ڪنان، مَٿي مُنڍ مَلهار، پوءِ اوڀَر ڀُونء جااُن سان، ٿِيا ڀاڱي ڀائيوار، ماڻهو کائـِن جِنهن مَنجھان، پڻ ڇوپايا چوڌار، تان زمين سَندسِ جَھلڪ تي، وَرِي جِھڙيء وار، ۽ وَرتئـِين سَندسِ سنيگار کي، وه وه! وَڻ ڪار، ۽ ڀانيو سَندسِ ڀاتيِن پَسِي وِيءَ وَلهار، ته قابُو قَبضيدار، اَسين اُن تي آهيون. آيَسِ اَمر اسان جو، آڌِيءَ، ياڪِ، اَسُور، پوءِ، اولڙَ ڪيو سون اُن کي، ڪَر ڪالھ نه موريو مُور، اِن پَر ڪريون قدرتون، بَيان ڀَري ڀَرپُور، ته ڪن مُطالع مَذڪور، ڪارڻ تِنهن، قوم جي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


لِلَّذينَ أَحسَنُوا الحُسنىٰ وَزِيادَةٌ وَلا يَرهَقُ وُجوهَهُم قَتَرٌ وَلا ذِلَّةٌ أُولٰئِكَ أَصحٰبُ الجَنَّةِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 26)

جن چڱائي ڪئي تن لاءِ (اَھڙي) چڱائي ۽ بلڪ وڌيڪ آھي، ۽ سندن منھن کي نڪي ڪارنھن ۽ نڪي خواري ويڙھيندي، اھي بھشتي آھن، اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


(الله جو قانون هيءُ آهي ته) جن ماڻهن چڱائي ڪئي تن جي لاءِ چڱائي ئي ٿيندي، بلڪ ان کان به گهڻو زياده چڱائي کين ملندي. سندن چهرن تي نڪي (محروميءَ جي) ڪاراڻ لڳندي، نڪي ذلت ۽ خواري جو اثر ظاهر ٿيندو. اهڙا ئي ماڻهو جنتي آهن ۽ هميشه جنت ۾ رهندا.(علامه علي خان ابڙو)


نيڪوڪارن لاءِ ثواب آهي ۽ الله جي طرفان مٿن وڌيڪ عنايت ٿيندي، ۽ انهن جي چهرن کي ڪاراڻ ۽ خواري نه لڳندي، اهي بهشتي آهن اهي هميشه بهشت ۾ رهندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جن ماڻهن (دنيا ۾) نيڪي ڪئي انهن لاءِ (آخرت ۾ به) ڀلائي آهي (پڻ اڃا به وڌيڪ ۽ سندن چهرن تي (ڏوهارين وانگر) ته ڪارنهن ۽ نه خواري ڇانيل هوندي آهي. جنتي آهن جو هميشه ان ۾ رهندا.(سيد فرمان علي)


انهن جي لاءِ جو سهڻا ڪم ڪيائون سهڻي شيءِ آهي ۽ وڌيڪ به ۽ نه ڍڪيندي منهن انهن جي کي ڪارنهن ۽ نه خواري اهي بهشت وارا آهن اهي ان ۾ هميشہ رهندڙ آهن.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


جن ڀلائي ڪئي تن لاءِ ڀلائي ۽ (ٻيو به) زياده آهي. ۽ سندن منهن کي نه ڪاراڻ ۽ نه خواري ويڙهيندي. اهي جنت وارا آهن، اهي ان ۾ پيا رهندا. (مولانا محمد مدني)


اهڙن ماڻهن لاءِ جيڪي نيڪي ڪن ٿا نيڪي (يعني جنت) آهي ۽ (ان کان به) وڌيڪ آهي. ۽ نه انهن جي مُنهن کي ڪاراڻ ويڙهندي ۽ نه خواري. اهي ئي جنتي آهن اهي ان ۾ هميشه رهڻ وارا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


سائـِين سَڏي اُن ڏي، جو سدا سلامِتيءَ گَھر، پڻ ڏَسي ربُّ رهبر، وڻيس، تنهن کي، واٽ سَنئـِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَالَّذينَ كَسَبُوا السَّيِّـٔاتِ جَزاءُ سَيِّئَةٍ بِمِثلِها وَتَرهَقُهُم ذِلَّةٌ ما لَهُم مِنَ اللَّهِ مِن عاصِمٍ كَأَنَّما أُغشِيَت وُجوهُهُم قِطَعًا مِنَ الَّيلِ مُظلِمًا أُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 27)

۽ جن بڇڙائي ڪمائي تن لاءِ اُن جھڙي بڇڙائي ۽ کين خواري ڍڪيندي، اُنھن کي الله (جي عذاب) کان ڪو بچائيندڙ نه آھي، ڄڻڪ سندن مُنھن کي اونداھي رات مان ذرو ڍڪايو ويو آھي، اھي دوزخي آھن، منجھس سدائين رھن وارا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جن ماڻهن برايون ڪمايون تن لاءِ برائيءَ جو نتيجو اهڙوئي نڪرندو، جهڙي برائي ڪئي هوندائون ۽ انهن تي خواري ڇانئجي ويندي. الله (جي قانون) کان کين بچائڻ وارو ڪوبه نه هوندو. سندن چهرن تي اهڙيءَ طرح ڪاراڻ ڇانئجي ويندي جهڙيءَ طرح اونداهي رات جو هڪ ٽڪرو چهرن تي ٿڦيو ويو هجي. سو اهڙائي ماڻهو دوزخي آهن ۽ هميشه دوزخ ۾ رهندا.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جيڪي ماڻهو گناه ڪن ٿا ته انهن کي گناه جيتري جزا ملندي، ۽ انهن کي خواري پهچندي، انهن لاءِ الله کان سواءِ ڪوبه بچائيندڙ نه هوندو، گوياڪ انهن جي مُنهن کي رات جو ڪارو ٽُڪرو لڳي ويو، اهي دوزخي آهن، اهي هميشه دوزخ ۾ رهندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جن ڪڌا ڪم ڪيا تن لاءِ گناهن جي برابر سزا آهي انهن تي خواري ڇانيل هوندي جن کي ڪو به (خدا جي عذاب کان) بچائڻ وارو نه هوندو. سندن (منهن اهڙا ته ڪارا هوندا جو) ڄڻ ته اونداهيءَ رات جي حصن سان ڍڪيل آهن. اهي ئي دوزخي آهن. اهي ان ۾ هميشه پيا رهندا.(سيد فرمان علي)


۽ جن ڪيا گناھ بدلو برائيءَ جو مثل ان جي آهي ۽ ڍڪيندي انهن کي خواري نه آهي واسطي انهن جي طرفان الله جي ڪو بچائيندڙ گويا ڍڪايا ويا منهن انهن جا ٽڪرو رات انڌيري واريءَ جو اهي جھنمي آهن اهي ان ۾ هميشہ رهندڙ آهن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جن بڇڙايون ڪمايون (تن لاءِ) بڇڙائيءَ جو بدلو ان (بڇڙائي) جهڙو آهي ۽ کين خواري ڍڪيندي. انهن کي الله کان ڪوبه بچائڻ وارو نه آهي. ڄڻ ته انهن جي منهن کي اونداهيءَ رات جي ٽڪرن سان ڍڪيو ويو آهي، اهي دوزخي آهن، اهي ان ۾ پيا رهندا. (مولانا محمد مدني)


۽ جن ماڻهن برايون ڪمايون، برائي جو بدلو ان جي مثل (برو) آهي ۽ انهن کي خواري ويڙهي ويندي. انهن لاءِ الله (جي عذاب) کان بچائڻ وارو ڪوبه ڪونه هوندو. ڄڻڪ انهن جا مُنهن اونداهي رات جي ٽڪرن سان ڍڪيا ويا هجن. اهي دوزخي آهن. اهي ان ۾ هميشه رهڻ وارا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


آهي، چڱائـِي تِن لئي، جي چَلن چڱِيءَ چال، پڻ وَڏاڀَلايون ڀال، آهن ٻِيا، اُنهن لئي. ۽ مُور نَه رسينِ مُنهن کي، ڪارنهن، نه ڪا ڪاڻ، آهن باغ بهشت جا، ساٿِي، سي سُڄاڻ، هُونِ هميشه پان، ساڪِن اُنِ سُکن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَيَومَ نَحشُرُهُم جَميعًا ثُمَّ نَقولُ لِلَّذينَ أَشرَكوا مَكانَكُم أَنتُم وَشُرَكاؤُكُم فَزَيَّلنا بَينَهُم وَقالَ شُرَكاؤُهُم ما كُنتُم إِيّانا تَعبُدونَ (آيت : 28)

۽ جنھن ڏينھن انھن مڙني کي گڏ ڪنداسون وري مشرڪن کي چونداسون ته اوھين ۽ اوھان جا (الله سان ٺھرايل) شريڪ پنھنجي ھنڌ بيھو، پوءِ سندن وچ ۾ جدائي وجھنداسون ۽ سندن شريڪ چوندا ته (اوھين) اسان کي نه پوڄيندا ھيؤ.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (ڏسو) هڪڙي ڏينهن اسان انهن سڀني (مشرڪن) کي پنهنجي حضور ۾ گڏ ڪنداسين ۽ پوءِ انهن ماڻهن کي جن شرڪ ڪيو هو چونداسين ته، توهان ۽ اهي سڀ جن کي توهان (اسان سان) شريڪ ٺهرايو هو پنهنجي جاءِ تان نه چرجو (يعني جتي بيٺا آهيو اتي ئي بيٺا رهجو) ۽ پوءِ اسان کين هڪٻئي کان (يعني شرڪ ڪندڙن کي فرضي شريڪن کان) ڌار ڌار ڪنداسين. پوءِ اهي هستيون جن کي خدا سان شريڪ بنايو ويو هو سي چونديون ته ائين بلڪل ناهي ته توهان اسان جي پرستش يا بندگي ڪندا هئو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ قيامت جي ڏينهن اسين انهن سڀني کي گڏ ڪنداسين اُن کان پوءِ اسين مشرڪن کي چونداسين ته توهان ۽ توهان جا بُت پنهنجي جاءِ تي بيهو، پوءِ اسين انهن جا تعلقات ختم ڪنداسين ۽ انهن جا بُت انهن کي چوندا توهان اسان جي ڪڏهن عبادت ڪندا هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول! ان ڏينهن کان ڊڄ) جنهن ڏينهن اسين سڀني کي ڪٺو ڪنداسون، پوءِ مشرڪن کي چونداسون ته اوهين ۽ اوهان جا (بنايل خدا جا) شريڪ ٿورو اتي ترسو. پوءِ اسان انهن ۾ جدائي وجهنداسون ۽ انهن جا (اهي) شريڪ چوندا ته اوهين اسان جي بندگي نه ڪندا هئا.(سيد فرمان علي)


۽ ان ڏينهن اٿارينداسون انهن کي سڀني کي تنهن کان پوءِ چونداسون واسطي انهن جي جو شرڪ ڪيائون ته پنهنجي جاءِ تي رهو اوهان ۽ شريڪ اوهان جا پوءِ جدائي وجھنداسون وچ انهن جي ۾ ۽ چوندا شريڪ انهن جا ته نه هيئو جو اسان جي عبادت ٿي ڪَيَوَ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جنهن ڏينهن انهن سڀني کي گڏ ڪنداسون وري مشرڪن کي چونداسون ته اوهين ۽ اوهان جا (الله سان) شريڪ ڪيل پنهنجي جاءِ تي بيهو. پوءِ سندن وچ ۾ جدائي وجهنداسون ۽ انهن جا (اهي) شريڪ ڪيل چوندا ته اوهين اسان جي بندگي نه ڪندا هئا. (مولانا محمد مدني)


۽ جنهن ڏينهن اسان انهن سڀني کي گڏ ڪنداسين پوءِ مشرڪن کي چونداسين ته اوهان ۽ اوهان جا شريڪ پنهنجي پنهنجي جاءِ تي بيهو پوءِ انهن جي وچ وارا (تعلقات) ختم ڪري ڇڏينداسين ۽ انهن جا شريڪ (کين) چوندا: ”اوهان ته اسان جي عبادت نه ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جن بَدِي ڪئـِي، ته بَدلو بَدِيءَ، پُورا پار، ۽ رَسَندِي رُسوائـِي تن کي، مَهندا مَحشر وار، اَصل نه آهي اُنهن لئي، ڪو جھالُو کان جَبار، ڪر ڍونگر ڍَڪَيَنِ، مُنهن رات مان، اُوندھ اَنڌُوڪار، هاوِيءَ جا حَقدار، هُوِن هميشه اُن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَكَفىٰ بِاللَّهِ شَهيدًا بَينَنا وَبَينَكُم إِن كُنّا عَن عِبادَتِكُم لَغٰفِلينَ (آيت : 29)

پوءِ اسان جي ۽ اوھان جي وچ ۾ الله شاھد بس آھي ته اسين اوھان جي پوڄا کان ضرور بي خبر ھواسون.(علامه تاج محمود امروٽي)


اڄوڪي ڏينهن اسان ۽ اوهان جي وچ ۾ الله تعاليٰ جي شاهدي ڪافي آهي، هو ڄاڻي ٿو ته اسان توهان جي پوڄائن کان بلڪل بي خبر هئاسين.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ الله اسان ۽ توهان جي وچ ۾ بهترين گواه آهي، بيشڪ اسين توهان جي عبادت ڪرڻ کان راضي نه هئاسين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ته (هاڻي) اسان جي ۽ اوهان جي وچ ۾ شاهديءَ لاءِ خدا ڪافي آهي. بيشڪ اسين اوهان جي بندگيءَ کان بي خبر هئاسون.(سيد فرمان علي)


پوءِ ڪافي آهي الله شاهد اسان جي ۽ اوهان جي وچ ۾ بيشڪ هئاسون اسين عبادت اوهان جي کان البته غافل.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ اسان جي وچ ۾ ۽ اوهان جي وچ ۾ الله شاهد بس آهي. بيشڪ اسين اوهان جي بندگيءَ کان بي خبر هئاسون. (مولانا محمد مدني)


پوءِ اوهان جي ۽ اسان جي وچ ۾ الله ئي شاهد ڪافي آهي بيشڪ اسان اوهان جي عبادت کان بي خبر هئاسين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ميڙاسونِ، جِنهن مهل ۾، ڪَٺي ڪُل قَطار، ورِي چونداسون اُنهن کي، جن ڀانيا ڀائيوار، ته اَوهين ترسو اِتهين، پڻ اَوهان جا آڌار، پوءِ، ويڇو وِڌو سون، تن وِچان، ڌُريون ڪيونسون ڌار، ۽ سَندنِ سائـِيَنِ صاف طرح، ٻوليو، کِين ٻيهار، اَوهين نه اَسان کي هُئا، پُوڄِينداپينار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


هُنالِكَ تَبلوا كُلُّ نَفسٍ ما أَسلَفَت وَرُدّوا إِلَى اللَّهِ مَولىٰهُمُ الحَقِّ وَضَلَّ عَنهُم ما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 30)

اُن ھنڌ سڀ ڪنھن ماڻھو جيڪي اڳي موڪليو ھوندو سو (اُھو) لھندو ۽ پنھنجي سچي ڌڻي الله ڏانھن موٽايا ويندا ۽ جيڪو ٺاھ ٺاھيائون ٿي سو کائن ڀلجي ويندو.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ انهيءَ ڏينهن هرهڪ ماڻهو ظاهرظهور چٽيءَ طرح معلوم ڪندو ته جيڪي جيڪي هو اڳي ڪري چڪو آهي، تنهن جي حقيقت ڇا هئي. سڀ الله جي حضور ۾ جو سندن حقيقي مالڪ آهي موٽائي آندا ويندا ۽ حقيقت جي خلاف جيتري قدر ڪوڙا ٺاهه هو ٺاهيندا رهيا آهن سي سڀ گم ٿي ويندا.(علامه علي خان ابڙو)


اُن وقت عملن جي ڪري هر ماڻهو آزمائش ۾ هوندو ۽ اهي سڀئي پنهنجي حقيقي رب ڏانهن موٽايا ويندا ۽ جيڪي بُت انهن ٺاهيا هئا سي انهن کان غائب ٿي ويندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(مطلب ته) اتي هرشخص جيڪي اڳي (دنيا ۾) ڪيو آهي. تنهن کي جاچي وٺندو ۽ کين سندن حقيقي مالڪ الله ڏانهن موٽايو ويندو ۽ (دنيا ۾ جيڪي ٺاھ پيا ٺاهين سي انهن کان گم ٿي ويندا.(سيد فرمان علي)


اتي آزمائي ڏسندو هر نفس اهو جيڪو اڳي ڪري موڪليائين ۽ موٽايا ويندا الله مالڪ پنهنجي سچي ڏانهن ۽ ڀلجي ويندو انهن کان جيڪو ٺاهيائون ٿي. ع(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اتي سڀ ڪنهن شخص جيڪي اڳي موڪليو هوندو تنهن جو ان کي تجربو ٿي ويندو ۽کين پنهنجي حقيقي مالڪ الله ڏي موٽايو ويندو ۽ جيڪي ٺاهه پيا ٺاهين سي انهن کان گم ٿي ويندا. (مولانا محمد مدني)


ان جاءِ تي هر شخص کي تجربو ٿي ويندو جيڪي ڪجهه اڳتي موڪليائين ۽ سڀ الله ڏانهن موٽايا ويندا جيڪو انهن جو حقيقي مالڪ آهي ۽ انهن کان گم ٿي ويندا جيڪي ٺاهه ٺاهيندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اسان ۽ اوهان جي وِچ ۾، ساکي بَس ستار، اَهنجٖي بَندگِيان بَدڪار!، هرگز هُئاسون ويسلا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل مَن يَرزُقُكُم مِنَ السَّماءِ وَالأَرضِ أَمَّن يَملِكُ السَّمعَ وَالأَبصٰرَ وَمَن يُخرِجُ الحَىَّ مِنَ المَيِّتِ وَيُخرِجُ المَيِّتَ مِنَ الحَىِّ وَمَن يُدَبِّرُ الأَمرَ فَسَيَقولونَ اللَّهُ فَقُل أَفَلا تَتَّقونَ (آيت : 31)

چؤ ته اوھان کي آسمان ۽ زمين مان ڪير روزي ڏيندو آھي؟ ڪنن ۽ اکين جو ٻيو ڪير مالڪ آھي ڇا؟ ۽ ڪير جيئري کي مُئي مان ڪڍندو آھي؟ ۽ ڪير مُئي کي جيئري مان ڪڍندو آھي؟ ۽ ڪير ڪمن کي رٿيندو آھي، پوءِ سُتت ئي چوندا ته الله، پوءِ چؤ ته ڇونه ڊڄندا آھيو؟(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر!) انهن ماڻهن کان پڇ ته اهو ڪير آهي جو اوهان کي آسمان ۽ زمين جي ذريعي روزي ٿو ڏئي؟ اهو ڪير آهي جنهن جي قبضي ۾ اوهان جو ٻڌڻ ۽ ڏسڻ آهي؟ اهو ڪير آهي جو زنده کي مرده مان ڪڍي ٿو ۽ مرده کي زنده مان ڪڍي ٿو؟ ۽ وري اهو ڪير آهي جو هن سڄي ڪارخاني جو انتظام رکي رهيو آهي؟ هو هڪدم چئي ڏيندا ته، الله، فقط الله! پوءِ تون کين چئو ته جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ توهان (حق جي انڪار جي نتيجن کان) ڇو نه ٿا ڊڄو؟(علامه علي خان ابڙو)


اي حبيب ! توهان فرمايو ته توهان کي آسمان ۽ زمين مان رزق ڪير ڏئي ٿو (۽ توهان کي) ٻُڌڻ ۽ ڏِسڻ جي توفيق ڪير ڏئي ٿو ۽ زنده کي مُئَل مان ۽ مُئَل کي زنده مان ڪير پيدا ڪري ٿو ۽ (مخلوق ۾) پنهنجا حڪم ڪير هلائي ٿو، پوءِ فوراً چوندا ته الله، پوءِ توهان فرمايو ته ڇا پوءِ توهان نٿا ڊڄو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول! تون هنن کان) پڇ ته اوهان کي آسمان ۽ زمين مان ڪير ٿو روزي ڏي؟ يا (اوهان جا) ڪن ۽ (اوهان جي) اکين جو مالڪ ڪير آهي ۽ ڪير جيئري کي مئل مان ڪڍي ٿو ۽ مئل کي جيئري مان ڪڍي ٿو؟ ۽ هر ڳالھ جو بندوبست ڪري ٿو؟ ته يڪدم چوندا ته خدا، (اي رسول) تون چوين! ته ڇا، پوءِ به (ان کان) نه ٿا ڊڄو.(سيد فرمان علي)


فرماءِ ته: ڪير ٿو رزق ڏئي اوهان کي زمين ۽ آسمان مان يا ڪير ٿو مالڪ ٿئي ڪنن ۽ اکين جو ۽ ڪير ٿو ڪڍي جيئري کي مئل مان ۽ ڪڍي ٿو مئل کي جيئري مان ۽ ڪير ٿو تدبير ڪري امر کي پوءِ جلد چوندا ته الله، پوءِ فرماءِ ته: ڇا پوءِ نه ٿا ڊڄو.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي پيغمبر! کين) چئو ته آسمان ۽ زمين مان ڪير اوهان کي روزي ڏئي ٿو؟ يا ڪنن ۽ اکين جو ڪير مالڪ آهي. ۽ ڪير جيئري کي مئل مان ڪڍي ٿو ۽ مئل کي جيئري مان ڪڍي ٿو ۽ ڪير ڪم جي تدبير ڪري ٿو؟ پوءِ اهي چوندا ته الله! پوءِ تون چئو ته ڇا پوءِ به نه ٿا ڊڄو؟ (مولانا محمد مدني)


چؤ ته آسمان ۽ زمين مان اوهان کي ڪير ٿو روزي ڏئي؟ ڪنن ۽ اکين جو مالڪ ڪير آهي؟ ۽ جيئري کي مُئل مان ڪير ٿو ڪڍي؟ ۽ جيئري مان مُئل کي ڪير ٿو ڪڍي؟ ۽ ڪم جي تدبير ڪير ٿو ڪري؟ پوءِ ضرور چوندا ته : ”الله“. پوءِ چؤ ته ڇا پوءِ به نه ٿا ڊڄو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


هُتي هَر ڪِنهن جِند کي، مِلندو پُورو پار، جيڪِي اُماڻيئـِين اڳڀرو، ۽ وِيا واريا واحد پار، جو سَچو سائـِين اَهنجو، قائـِم برقرار، ۽ وِيا کانئـِن وَهار، جي ڪُوڙا ٺاهِن، ڪُوڙ جا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَذٰلِكُمُ اللَّهُ رَبُّكُمُ الحَقُّ فَماذا بَعدَ الحَقِّ إِلَّا الضَّلٰلُ فَأَنّىٰ تُصرَفونَ (آيت : 32)

پوءِ اُھو ئي اوھان جو سچو پالڻھار الله آھي، پوءِ سچ کانپوءِ گمراھيءَ کانسواءِ (ٻيو) ڇا آھي، پوءِ ڪيڏي جو ڪيڏي ڦيرايا وڃو ٿا؟(علامه تاج محمود امروٽي)


اهو ئي الله في الحقيقت اوهان جو پروردگار آهي، پوءِ ٻڌايو ته سچائيءَ کي ڄاڻڻ کان پوءِ ان کي نه مڃڻ گمراهي ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟ توهان (حقيقت کان) منهن موڙي ڪاڏي وڃي رهيا آهيو؟(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ اهوئي توهان جو سچو خالق آهي، پوءِ الله تعالى جي عبادت کان سواءِ ته فقط گمراهي آهي، پوءِ توهان ڪيڏانهن ڦِرو ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ اهو ئي ته اوهان جو سچو مربي آهي. ۽ حق ڳالھ کان پوءِ گمراهي کانسواءِ ٻيو ڇا آهي؟ پوءِ اوهين ڪيڏانهن ابتا وڃو ٿا؟(سيد فرمان علي)


پوءِ اهو الله رب اوهان جو سچو آهي پوءِ ڇا آهي حق کان پوءِ سواءِ گمراهيءَ جي پوءِ ڪيڏانهن ٿا ڦيرايا وڃو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ اهو ئي الله اوهان جو حقيقي پاليندڙ آهي پوءِ (سچي ڳالهه اها آهي ته) سچ کان پوءِ گمراهيءَ کان سواءِ (ٻيو) ڇا آهي؟ پوءِ ڪٿان ڦيريا وڃو ٿا؟ (مولانا محمد مدني)


پوءِ اُهو ئي الله توهان جو حقيقي پروردگار آهي. سو حق کان پوءِ سواءِ گمراهي جي ٻيو ڇا آهي؟ پوءِ ڪيئن ٿا ڦيريا وڃو؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چئو، ڪير اوهان کي قُوت ڏئي، اُڀ، ڀُون کان بيگمان، يا ڪير سَنڀالي ڪَننِ کي؟ پڻ اَکيُنِ کي اِنسان؟ يا ڪڍي جِيئَرو مُئي مان؟ يا جِيئري مان بي جان؟ يا ڪير هَلائي ڪم کي؟ پوءِ بيشڪ ڏِينَ بيان، ته الله جَلَّ شان؛ چَئو، پوءِ ڪوه ڪنبو ڪِين ٿا؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


كَذٰلِكَ حَقَّت كَلِمَتُ رَبِّكَ عَلَى الَّذينَ فَسَقوا أَنَّهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 33)

اھڙي طرح تنھنجي پالڻھار جو حُڪم انھن بدڪارن تي لازم ٿيو آھي جو اُھي ايمان نه آڻيندا.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر!) اهڙي ئي طرح تنهنجي پروردگار جو فرمودو انهن ماڻهن تي سچو ثابت ٿيو جيڪي ماڻهو (هدايت جي دائري کان) ٻاهر نڪري ويا آهن جي ايمان آڻڻ وارا ئي نه رهيا آهن.(علامه علي خان ابڙو)


اهڙيءَ طرح گنهگارن لاءِ توهان جي رب جي ڳالهه ثابت ٿي ته تحقيق اهي (دليلن اچڻ کان پوءِ به) ايمان نه آڻيندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اهڙيءَ طرح تنهنجي پالڻهار جو حڪم بدڪارن تي ثابت ٿيو ته اهي هرگز ايمان نه آڻيندا.(سيد فرمان علي)


اهڙي طرح ثابت ٿيو فرمان رب تنهنجي جو انهن تي جو فاسق ٿيا ته تحقيق اهي نه ايمان آڻيندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اهڙيءَ طرح تنهنجي پاليندڙ جو حڪم بدڪارن تي ثابت ٿيو ته اهي ايمان نه آڻيندا. (مولانا محمد مدني)


اهڙي طرح تنهنجي پالڻهار جو حڪم نافرمانن تي ثابت ٿي چُڪو ته اُهي ايمان نه آڻيندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اِهو اَلله اوهان جو، بَرحق هِڪ ڌڻِي، پوءِ هَرگِز ناهي حَق پُوان، ري گمراهِيءَ گھڻِي، ڪِنهن هاڻِي ڏانهن هَڻِي، پوءِ مُوڙهل وَڃو ٿا موڙيا؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل هَل مِن شُرَكائِكُم مَن يَبدَؤُا۟ الخَلقَ ثُمَّ يُعيدُهُ قُلِ اللَّهُ يَبدَؤُا۟ الخَلقَ ثُمَّ يُعيدُهُ فَأَنّىٰ تُؤفَكونَ (آيت : 34)

چؤ ته اوھان جي معبودن مان ڪو آھي ڇا جو خلق کي نئي سر بڻائي وري کين (ماري) موٽائي جياري؟ چؤ ته الله نئي سر خلق کي بڻائي ٿو وري کيس موٽائي جياريندو پوءِ اوھين ڪيڏي جو ڪيڏي ڦيرايا ويندا آھيو.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر!) انهن کان پڇ ته ڇا اوهان جي ٺهرايل شريڪن مان ڪو اهڙو به آهي جو خلقت جي پيدائش شروع ڪري ۽ وري ان کي ٻيهر پيدا ڪري؟ کين چئو ته، الله ئي آهي جو ابتدا ۾ پيدا ڪري ٿو، وري ان کي ٻيهر پيدا ڪندو، پوءِ غور ته ڪيو ته توهان جي اونڌي هلت چلت اوهان کي ڪاڏي کڻي وڃي رهي آهي.(علامه علي خان ابڙو)


توهان فرمايو ڇا توهان جا اهڙا معبود (بُت وغيره) آهن جيڪي نئين سِر مخلوق کي پيدا ڪري پوءِ ان کي پاڻ ڏانهن موٽائن، توهان فرمايو الله نئين سِر مخلوق کي پيدا فرمايو، ان کانپوءِ پاڻ ڏانهن موٽائيندو پوءِ توهان ڪيڏانهن ڦِرو ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول! هنن کان) پڇو ته ڇا اوهان جي شريڪ ڪيل (خدائن) مان ڪو اهڙو آهي جو مخلوقات کي پهرين ڀيري پيدا ڪري. پوءِ کين (مرڻ بعد) ٻيهر جياري؟ (اهي ڇا جواب ڏيندا) تون ئي چوين ته خدا ئي پهرين پيدا ڪري ٿو ۽ ٻيهر جياري ٿو. پوءِ ڇو ابتا وڃون ٿا؟(سيد فرمان علي)


فرماءِ ته ڪي شريڪ بڻايلن اوهان جن مان ڪو آهي جيڪو شروع ڪري پيدا ڪرڻ کي تنهن کان پوءِ ورائي ان کي فرماءِ ته الله شروع ڪري ٿو پيدا ڪرڻ کي تنهن کان پوءِ موٽائيندو ان کي پوءِ ڪيڏانهن ٿا اونڌا ڪيرايا وڃو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


چؤ ته اوهان جي شريڪ ڪيلن مان ڪو (اهڙو) آهي جو نئين سر پيدا ڪري ٿو وري ان نموني تي بار بار پيدا ڪندو رهي ٿو؟ چئو ته پهريائين به الله پيدا ڪري ٿو وري به ان نموني تي بار بار پيدا ڪندو رهي ٿو. (مولانا محمد مدني)


چؤ ڇا اوهان جي (ٺاهيل) شريڪن مان ڪو اهڙو آهي؟ جيڪو پيدائش جي شروعات ڪري پوءِ وري ان کي ورجائي. چؤ الله ئي آهي جيڪو پيدائش جي شروعات ڪري ٿو وري ان کي ورجائيندو پوءِ ڪيئن ابتا ڦيرايا وڃو ٿا؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


قلم سَندئـِي ڪَلتار جو، اِن پرپُنون تن سِر، جي حُڪمان هَلنِ ٻاهر، نه مڃيندا نه مُورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل هَل مِن شُرَكائِكُم مَن يَهدى إِلَى الحَقِّ قُلِ اللَّهُ يَهدى لِلحَقِّ أَفَمَن يَهدى إِلَى الحَقِّ أَحَقُّ أَن يُتَّبَعَ أَمَّن لا يَهِدّى إِلّا أَن يُهدىٰ فَما لَكُم كَيفَ تَحكُمونَ (آيت : 35)

چؤ ته اوھان جي معبودن مان ڪو آھي جو حق ڏانھن سِڌو رستو ڏيکاريندو آھي، چؤ ته الله سِڌو رستو ڏيکاريندو آھي، پوءِ جيڪو حق ڏانھن سِڌو رستو ڏيکاري سو تابعداري ڪرڻ جو وڌيڪ حقدار آھي يا اُھو جيڪو (پاڻ) رستي ڏيکارڻ کانسواءِ رستو نه لھندو ھُجي؟ پوءِ اوھان کي ڇا ٿيو، ڪھڙو نبيرو ڪريو ٿا؟(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر!) انهن کان پڇو ته، توهان جي هٿرادو بنايل شريڪن مان ڪوئي آهي جو حق جي راه ڏيکاري ٿو؟ چئو ته، الله ئي آهي جو حق جي راه ڏيکاري ٿو. ڇا پوءِ جيڪو حق جي راه ڏيکاري سو وڌيڪ حقدار آهي ته سندس پيروي ڪئي وڃي يا اهو وڌيڪ حقدار آهي جو پاڻ ئي راه لهي نٿو سگهي، جيستائين ڪه کيس راه نه ڏيکاري وڃي؟ (افسوس آهي اوهان تي) اوهان کي ڇا ٿي ويو آهي؟ اوهان ڪيئن (غلط) فيصلو ڪري رهيا آهيو؟(علامه علي خان ابڙو)


توهان فرمايو ڇا توهان جا معبود اهڙا به آهن جيڪي صحيح رستو ڏيکاري سگھن، توهان فرمايو الله تعالى صحيح رستو ڏيکاري ٿو، ڇا پوءِ جيڪا مقدس ذات صحيح رستو ڏيکاري اُن جي تابعداري ڪجي يا اُن (معبود) جي تابعداري ڪجي جيڪو پاڻ ئي گمراه هجي، پوءِ توهان کي ڇا ٿيو آهي (۽) توهان ڪهڙا فيصلا ڪريو ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول! کين) چئو ته ڇا اوهان جي (بنايل شريڪن) مان ڪو اهڙو آهي جو صحيح رستو ڏيکاري ٿو؟ چوين ته الله ئي (دين جو) صحيح رستو ڏيکاري ٿو. ڇا پوءِ جيڪو صحيح رستو ڏيکاري سو هن ڳالھ جو وڌيڪ حقدار آهي ته سندس تابعداري ڪئي وڃي يا اهو شخص جيڪو (ٻين کي رستو ڏيکارڻ ته ٺهيو پر) کيس، جڏهن ڪو ٻيو دڳ لاهي، راھ نه ٿو ڏسي! ته پوءِ اوهان کي ڇا ٿيو آهي اوهين ڪهڙا حڪم ڪريو ٿا؟(سيد فرمان علي)


فرماءِ ته ڇا اوهان جن شريڪ بنايلن مان اهو آهي جيڪو هدايت ڪري ٿو حق ڏانهن فرماءِ ته الله هدايت ڪري ٿو حق جي طرف ڇا پوءِ جيڪو هدايت ٿو ڪري حق جي طرف وڌيڪ حقدار آهي هن ڳالھ جو تابعداري ڪيو وڃي يا اهو جو پاڻ ئي هدايت وارو نه ٿو رهي مگر هي جو هدايت ڪيو وڃي پوءِ ڇا آهي واسطي اوهان جي ڪيئن ٿا فيصلو ڪيو.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ ڪيئن ابتا وڃو ٿا؟ (اي پيغمبر! کين) چئو ته ڇا اوهان جي شريڪ ڪيلن مان ڪو اهڙو آهي جو صحيح رستو ڏيکاري ٿو؟چو ته الله ئي صحيح رستو ڏيکاري ٿو. ڇا پوءِ جيڪو صحيح رستو ڏيکاري ٿو سو هن ڳالهه جو زياده حقدار آهي ته سندس پيروي ڪئي وڃي يا اهو جو رستي ڏيکارڻ کان سواءِ رستو (به) نه ٿو لهي. پوءِ اوهان کي ڇا ٿيو آهي ڪيئن انصاف ڪريو ٿا؟ (مولانا محمد مدني)


چؤ ته ڇا اوهان جي (ٺاهيل) شريڪن مان ڪو اهڙو آهي؟ جيڪو حق ڏانهن رهنمائي ڪري؟ چؤ ته الله ئي حق ڏانهن رهنمائي ڪري ٿو. ڇا پوءِ جيڪو حق ڏانهن رهنمائي ڪري اُهو ئي وڌيڪ حقدار آهي جو ان جي پيروي ڪئي وڃي يا اُهو جيڪو رستي ڏيکارڻ کان سواءِ رستو به نه لهي؟ پوءِ اوهان کي ڇا ٿي ويو آهي ڪيئن ٿا فيصلو ڪيو؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چئو، اَهنجي شَرِيڪن مان، آهي ڪو اِظهار؟ ته جوڙي نَئـِين جوڙ کي، پڻ موٽائيسِ ٻِيهار، چئو، الله جوڙي، جوڙ نَئـِين، پڻ موٽائيسِ مُختيار، ڪِهڙن ڪُوڙن پار، پوءِ مُوڙهل وَڃو ٿا موڙيا؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَما يَتَّبِعُ أَكثَرُهُم إِلّا ظَنًّا إِنَّ الظَّنَّ لا يُغنى مِنَ الحَقِّ شَيـًٔا إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ بِما يَفعَلونَ (آيت : 36)

۽ اُنھن مان گھڻا رڳو گُمان تي ھلندا آھن، بيشڪ گُمان سچ جي پورائي ڪجھ به نه ڪندو آھي، تحقيق جيڪي ڪندا آھن سو الله ڄاڻندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ انهن ماڻهن مان گهڻا ماڻهو اهڙائي آهن، جيڪي فقط وهم ۽ گمان جي ڳالهين تي هلن ٿا. بيشڪ سچائيءَ جي سڃاڻپ لاءِ گمان ڪجهه به ڪم ڏئي نٿو سگهي. اهي ماڻهو جيڪي جيڪي ڪري رهيا آهن سو تحقيق الله تعاليٰ خوب ڄاڻي ٿو.(علامه علي خان ابڙو)


انهن (ڪافرن) مان گھڻا ته گُمانَ تي هلن ٿا، بيشڪ گُمان حق کي ڪو فائدو نٿو ڏي، بيشڪ الله تعالى سندن عملن کان خبردار آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ هنن مان گهڻا ته رڳو پنهنجي (وهم ۽) گمان تي هلن ٿا. (حالانڪه) گمان، يقين جي مقابلي ۾ ڪڏهن ڪجھ به ڪم اچي نٿو سگهي. بيشڪ جيڪي اهي ڪن ٿا تنهن کان خدا با خبر آهي.(سيد فرمان علي)


۽ نه ٿا تابعداري ڪن اڪثر انهن جا مگر گمان جي بيشڪ گمان نه ٿو فائدو ڏئي هق جي مقابلي ۾ ڪا شيءِ بيشڪ الله ڄاڻندڙ آهي جيڪي ڪن ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ انهن مان گهڻا رڳو گمان تي هلن ٿا،بيشڪ گمان سچيءَ ڳالهه جي سمجهڻ ۾ ڪجهه به ڪم نه ٿو اچي. بيشڪ جيڪي اهي ڪن ٿا تنهن کي الله ڄاڻندڙ آهي. (مولانا محمد مدني)


انهن مان گهڻا ته رڳو گمان جي پيروي ڪن ٿا. بيشڪ گمان حق کان ٿورڙو به بي نياز نه ٿو ڪري. بيشڪ الله ڄاڻندڙ آهي جيڪي ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چئو، اَهنجي شَرِيڪن مان، ڪو حق ڏَسي هَمراه؟ چئو، هَلائي ٿو حق مَٿي، بَرحق، هِڪ الله ، ڇاحق ته هلجي تِنهن پُٺيان، جو حق ڏَسي هَرگاه، يا وَٺجي، تِنهن جِي واٽڙِي، جو لَهي واٽ نه واه؟ مگر وَڃيسِ پاڻ کي، چاڙهيو چَڱِيء راه، پوءِ ڪِهِڙي اَڀان اُونداه، ته نياءُ ڪِيئن نِبيريو؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَما كانَ هٰذَا القُرءانُ أَن يُفتَرىٰ مِن دونِ اللَّهِ وَلٰكِن تَصديقَ الَّذى بَينَ يَدَيهِ وَتَفصيلَ الكِتٰبِ لا رَيبَ فيهِ مِن رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 37)

۽ ھي قُرآن الله کان سواءِ پاڻون ٺھيل نه آھي پر کانئس اڳ جيڪي ڪتاب آھن تن جو سچو ڪندڙ آھي ۽ حُڪمن کي کولي بيان ڪندڙ آھي منجھس ڪو شڪ نه آھي جھانن جي پالڻھار کان آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ هن قرآن جو معاملو اهڙو ناهي جو الله کان سواءِ ڪوبه ٻيو پنهنجي دل ۽ دماغ مان ڪڍي ٺاهي سگهي. اهو ته انهن سڀني وحين جي تصديق آهي جيڪي ان کان اڳي نازل ٿي چڪا آهن ۽ (قرآن) الله جي ڪتاب جو تفصيل آهي (يعني الله جي ڪتابن ۾ جيڪا به تعليم ڏني ويئي آهي سا سڀ ان ۾ کولي کولي بيان ڪئي وئي آهي) ان ۾ ڪجهه به شڪ ڪونهي سڀني جهانن جي پروردگار وٽان آيل آهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ هن وقت قرآن ڪريم جو اهو شان ناهي جو الله کان سواءِ ٻيو ڪو ٺاهي سگھي پر (هي قرآن) ٻين مقدس ڪتابن جي تصديق ڪندڙ آهي ۽ (ان ۾) الله جا تفصيلي احڪام آهن (۽) الله جي طرفان نازل ٿيل آهي، جنهن ۾ ڪو شڪ ناهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ هي قرآن اهڙو نه آهي جو خدا کان سواءِ ڪو به ٻيو پنهنجي طرف کان ڪوڙ بدوڙ بنائي وجهي. پر (هي ته) جي ڪتاب سندس سامهون آهن تن جي تصديق ڪندڙ ۽ (انهن) ڪتابن جو تفصيل آهي. بيشڪ هيءُ جهانن جي پالڻهار جي طرف کان آهي.(سيد فرمان علي)


ناهي هي قرآن جيڪو پاڻ ٺاهيو وڃي سواءِ الله جي پر تصديق (آهي) ان جي جيڪو اڳيان ان جي هو ۽ تفصيل (آهي) ان ڪتاب جو ناهي ڪو شڪ ان ۾ (اهو) رب العالمين جي طرفان آهي.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ هي قرآن الله کان سواءِ ٻئي ڪنهن جو ٺاهيل نه آهي پر انهن (ڪتابن) کي سچو ڪندڙ آهي جيڪي ان جي اڳيان آهن. ۽ جهانن جي پاليندڙ جي طرفان لکيل حڪمن (مقرر ڪيل شريعت) کي جن ۾ ڪو شڪ نه آهي کولي بيان ڪندڙ آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ هي قرآن ائين نه آهي جو الله (جي وحي) کان سواءِ گهڙيو ويو هجي ۽ پر (هي قرآن) ان (ڪتابن) جي تصديق ڪندڙ آهي جيڪي ان کان اڳ (نازل ٿيا) آهن ۽ لکت (يعني احڪامن) کي کولي کولي بيان ڪندڙ آهي، ان ۾ ڪو شڪ نه آهي جهانن جي رب کان (نازل ٿيل) آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ گھڻا مَنجھنِ گمان ري، ٻِي واٽ وَٺن ٿا ڪانه، هرگز نه ڇَڏائي نه ڇڏائي حق ڪنان، ذرا غلط گُمان، سَمجھندڙ سُبحان، جي ڪندا آهن ڪمڙا،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَم يَقولونَ افتَرىٰهُ قُل فَأتوا بِسورَةٍ مِثلِهِ وَادعوا مَنِ استَطَعتُم مِن دونِ اللَّهِ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 38)

يا چوندا آھن ته (ﷴ ﷺ) اُھو پاڻون ٺاھيو آھي، چؤ ته جيڪڏھن سچا آھيو ته جھڙيس ڪا سورة آڻيو ۽ الله کان سواءِ جنھن کي (سڏي) سگھو تنھن کي سڏيو.(علامه تاج محمود امروٽي)


ڇا اهي ماڻهو هيئن ٿا چون ته هن شخص (يعني پيغمبرﷺ الله جي نالي) تي هي ڪوڙو ٺاهه ٺاهيو آهي؟ تون چئو ته، جيڪڏهن توهان ائين چوڻ ۾ سچا آهيو (۽ جيڪڏهن هڪڙو ماڻهو اهڙو ڪلام پاڻ ٺاهي سگهي ٿو) ته قرآن جي سورتن جهڙي هڪڙي سورت ٺاهي پيش ڪيو ۽ خدا کان سواءِ جن جن هستين کي پنهنجي مدد لاءِ سڏي سگهو ٿا، تن کي به سڏيو (اوهان سڀ گڏجي به هڪ سورت نه ٺاهي سگهندؤ).(علامه علي خان ابڙو)


ڇا اهي چون ٿا ته قرآن کي رسولِ عربي تيار ڪيو آهي، توهان فرمايو ته قرآن جهڙي هڪڙي سورت ٺاهي ڏيکاريو ۽ الله کان سواءِ جيڪا طاقت اَٿَوَ اها استعمال ڪريو جيڪڏهن سچا آهيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول!) ڀلا اهي چون ٿا ڇا ته اهو (محمد) پاڻ ٺاهيو آهي؟ چوين! جيڪڏهن پنهنجي (دعوى ۾) سچا آهيو ته (ڀلا) ان جهڙي هڪ سورت ئي ان جي برابر ٺاهي آڻيو ۽ خدا کان سواءِ جنهن کي (به مدد لاءِ سڏي سگهو) تنهن کي سڏيو.(سيد فرمان علي)


ڇا چَوَن ٿا ته هٿ سان ٺاهيائين ان کي فرماءِ ته: پوءِ آڻيو ڪا سورة ان جھڙي ۽ سڏيو انهن کي جي طاقت رکو ٿا الله کان سواءِ جيڪڏهن آهيو سچا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي پيغمبر !) ڀلا اهي چون ٿا ڇا ته اهو پاڻ ٺاهيو اٿس؟ تون چئو ته پوءِ ان جهڙي هڪ سورت ئي آڻيو ۽ (ان جي ٺاهڻ لاءِ) الله کان سواءِ جنهن کي سڏي سگهو تنهن کي سڏيو جيڪڏهن اوهين سچا آهيو. (مولانا محمد مدني)


ڇا چون ٿا ته ان کي ان (رسول ﷺ) پاڻ ٺاهيو آهي؟ چؤ ته پوءِ ان جهڙي هڪ سورت ئي آڻيو ۽ الله کان سواءِ جنهن کي سڏي سگهو ٿا سڏيو. جيڪڏهن اوهان سچا آهيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ اِهڙو نه هِي قُرآن، ته ربَّ ري، ٻُڌجي ٻِئي ڪنان، پر پرک اُنهيان پهريَن جِي، پڻ بِلڪل صاف بيان؛ آهي ڪتاب ڪريم جو، جِنهن ۾ شڪ، نه گُمان، صاحب، کان سبحان، جو پالڻهار پِرٿڻِيين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


بَل كَذَّبوا بِما لَم يُحيطوا بِعِلمِهِ وَلَمّا يَأتِهِم تَأويلُهُ كَذٰلِكَ كَذَّبَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الظّٰلِمينَ (آيت : 39)

بلڪ جنھن علم کي پھچي نه سگھيا تنھن کي ڪوڙ ڀانيائون ۽ اڃا وٽن سندس وعدن جي سچائي نه آئي آھي، جيڪي کائن اڳ ھوا تن به اھڙي طرح ڪوڙ ڀانيو ھو پوءِ ڏس ته ظالمن جي پڇاڙي ڪھڙي طرح ٿي؟(علامه تاج محمود امروٽي)


نه نه، (اها ڳالهه ته آهي ئي نه، اصل حقيقت هيءَ آهي ته) جنهن ڳالهه کي پنهنجي علم سان پروڙي نٿا سگهن ۽ جنهن ڳالهه جو نتيجو اڃا پيش نه آيو اٿن تنهن کي ڪوڙو سمجهي رد ڪرڻ لاءِ تيار بيٺا آهن. بلڪ اهڙيءَ ئي طرح انهن ماڻهن به (حق کي) ڪوڙو ٺهرايو هو جي ماڻهو اڳي ٿي گذريا آهن، پوءِ ڏسو ته انهن ظالمن جي پڇاڙي ڪهڙي نه (خراب) ٿي.(علامه علي خان ابڙو)


بلڪ اهو قرآن جيڪو کين سمجھه ۾ نٿو اچي اُن کي ڪوڙو سمجھن ٿا ۽ اڃان انهن جا ذهن قرآن جي معنيٰ نٿا سمجھن، اهڙي طرح اَڳِيَنِ ماڻهن به (الله جي ڪتابن کي) ڪوڙو سمجھو، پوءِ توهان ڏسو ته ظالمن جي پڇاڙي ڪهڙي ٿئي ٿي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اهي ماڻهو آڻيندا ته ڇا) مرڳو (ابتو) جنهن کي سمجهڻ سندن وس کان ٻاهر آهي تنهن کي لڳا ڪوڙو ڪرڻ هوڏانهن اڃان تائين کين ان جي معنى به سمجهڻ ۾ آئي آهي اهڙي طرح انهن ماڻهن به ڪوڙ ڪيو جي هنن کان اڳ هئا. پوءِ ڏس ته ظالمن جي پڇاڙي ڪئين ٿي؟(سيد فرمان علي)


بلڪه ڪوڙو چيائون ان کي جو نه گھيراءُ ڪيائون علم ان جي کي ۽ اڃان نه آيو انهن وٽ تاويل ان جو اهڙي طرح ڪوڙو ڪيو انهن جو اڳي انهن کان هئا پوءِ ڏس ته ڪهڙيءَ طرح هئي پڇاڙي ظالمن جي.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پر جنهن کي پورو سمجهيو به نه اٿن تنهن کي ڪوڙو ڪيو اٿن هوڏانهن اڃان تائين وٽن ان جي حقيقت به نه آئي آهي. اهڙي طرح انهن کان اڳين به ڪوڙو ڪيو پوءِ ڏس ته ظالمن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي؟ (مولانا محمد مدني)


بلڪه ڪوڙو چيائون ان کي جنهن کي پنهنجي ڄاڻ سان احاطو ڪري نه سگهيا حالانڪه اڃا انهن وٽ ان جي حقيقت به نه آئي آهي. اهڙي طرح انهن کان اڳين ماڻهن به ڪوڙو چيو هيو پوءِ ڏس ته ظالمن جو انجام ڪهڙو ٿيو هيو؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڇا ٻولِينِ، ته ٻَڌئـِين اُن کي؟ چئو اِهڙي چال، پوءِ جَلدِي جوڙي آڻيو، ڪا سورة هِن مِثال، پڻ ڌڻِيءَ ڌاران جن کي، پُهچِي سگهيا پيمال!، ڀيڙا ڪريونِ بَحال، جي صفَا آهيو سچ تي؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَمِنهُم مَن يُؤمِنُ بِهِ وَمِنهُم مَن لا يُؤمِنُ بِهِ وَرَبُّكَ أَعلَمُ بِالمُفسِدينَ (آيت : 40)

۽ منجھائن ڪو اُن (قرآن) تي ايمان آڻيندو آھي ۽ منجھائن ڪو اُن تي ايمان نه آڻيندو آھي، تنھنجو پالڻھار فساد ڪندڙن کي چڱو ڄاڻندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (اي پيغمبر!) انهن مان (يعني تنهنجي قوم مان) ڪي ته اهڙا آهن جي قرآن تي (آئنده) ايمان آڻيندا ۽ ڪي اهڙا آهن، جي ايمان آڻڻ وارا هرگز ناهن ۽ تنهنجو پروردگار خوب ڄاڻي ٿو ته ڪهڙا ماڻهو مفسد آهن (يعني خرابيون ڪرڻ وارا آهن.)(علامه علي خان ابڙو)


۽ انهن مان ڪو ماڻهو قرآن تي ايمان آڻي ٿو ۽ ڪو ماڻهو ايمان نٿو آڻي، ۽ توهان جو رب فسادين کي وڌيڪ ڄاڻي ٿو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ هنن مان ڪي اهڙا آهن جي قرآن تي آئنده ايمان آڻيندا ۽ ڪي اهڙا آهن جي ايمان آڻيندا ئي ڪين. ۽ (اي رسول) تنهنجو پروردگار ته فسادين کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو.(سيد فرمان علي)


۽ انهن مان اهو به آهي جيڪو ايمان آڻيندو ان تي ۽ انهن مان اهو به آهي جيڪو ايمان نه آڻيندو ان تي ۽ رب تنهنجو وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي فساد ڪندڙن کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ انهن مان ڪو ان تي ايمان آڻي ٿو ۽ انهن مان ڪو ان تي ايمان نه ٿو آڻي. ۽ تنهنجو پاليندڙ فسادين کي گهڻو ڄاڻندڙ آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ انهن مان ڪو ان تي ايمان آڻيندو ۽ انهن مان ڪو ان تي ايمان نه آڻيندو ۽ تنهنجو پالڻهار فساد ڪرڻ وارن کي چڱي طرح ڄاڻي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اُٽلو ڪوٺيون ڪُوڙ سو، جنهن جِي پُورِي نه رکن پَرُوڙ، آيو ڪِين اُنهن کي، جِنهن جو، مُول مَتو ڪو مُور، اِن پَر، جي اُنهن کان اڳي، تن ڪيا ڪُوڙ فتور، پوءِ ديک ته ڪِنهن دَستور، آخر هاڻِن حال هُئو!.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِن كَذَّبوكَ فَقُل لى عَمَلى وَلَكُم عَمَلُكُم أَنتُم بَريـٔونَ مِمّا أَعمَلُ وَأَنا۠ بَريءٌ مِمّا تَعمَلونَ (آيت : 41)

۽ جيڪڏھن توکي ڪوڙو ڀائين ته چؤ مون لاءِ پنھنجو عمل ۽ اوھان لاءِ پنھنجو عمل آھي، جيڪي (آءٌ) ڪريان ٿو تنھن کان اوھين بيزار آھيو ۽ جيڪي (اوھين) ڪريو ٿا تنھن کان آءٌ بيزار آھيان.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جيڪڏهن هي ماڻهو (ايتري قدر سمجهائڻ بعد به) توکي ڪوڙو سمجهن ته، تون چئي ڏي ته منهنجي لاءِ منهنجو عمل آهي ۽ اوهان جي لاءِ اوهان جو. مان جيڪي جيڪي ڪيان ٿو تنهن جي ذميواري اوهان تي ڪانهي ۽ توهان جيڪي جيڪي ڪيو ٿا تنهن لاءِ مان ذميوار ڪونه آهيان. (توهان ڀلي پنهنجي راهه وٺو، پوءِ ڏسو ته الله ڪهڙو ٿو فيصلو ڪري).(علامه علي خان ابڙو)


۽ جيڪڏهن (اهي) توهان کي ڪوڙو سمجھن ٿا پوءِ توهان فرمايو ته منهنجي لاءِ منهنجو عمل آهي ۽ توهان لاءِ توهان جا عمل آهن، توهان منهنجي عمل کان بيزار آهيو ۽ آئون توهان جي عملن کان بيزار آهيان(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جيڪڏهن تو کي ڪوڙو ڪن ته تون چوين! ته مون لاءِ منهنجو ڪم آهي ۽ اوهان لاءِ اوهان جا ڪرتوت آهن. جيڪي آءُ ڪريان ٿو، تنهن کان اوهين ڇٽيل آهيو ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کان آءُ آزاد آهيان.(سيد فرمان علي)


۽ جيڪڏهن ڪوڙو چون توکي پوءِ فرماءِ ته مون لاءِ عمل منهنجو آهي ۽ اوهان لاءِ عمل اوهان جو آهي اوهان بيزار آهيو ان کان جيڪو مان ڪيان ٿو ۽ مان بيزار آهيان ان کان جيڪو اوهان ڪيو ٿا.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جيڪڏهن توکي ڪوڙو ڪن ته پوءِ تون چئو ته مون لاءِ منهنجو ڪم آهي ۽ اوهان لاءِ اوهان جو ڪم آهي جيڪي آءُ ڪريان ٿو تنهن کان اوهين ڇٽل آهيو ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کان آءُ ڇٽل آهيان. (مولانا محمد مدني)


۽ جيڪڏهن تو کي ڪوڙو چون ته چؤ: ”مون لاءِ منهنجو عمل آهي ۽ اوهان لاءِ اوهان جو عمل آهي. اوهان ان کان آجا آهيو جيڪو عمل آءٌ ڪيان پيو ۽ آءٌ آجو آهيان ان کان جيڪو اوهان عمل ڪيو ٿا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڪي مَڃِينسِ اُنهن مَنجھان ۽ ڪي مَڃِينسِ نه مُور، ۽ ظُلمِينِ کان ضَرُور، آگاه آگو تُنهنجو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَمِنهُم مَن يَستَمِعونَ إِلَيكَ أَفَأَنتَ تُسمِعُ الصُّمَّ وَلَو كانوا لا يَعقِلونَ (آيت : 42)

۽ منجھائن ڪي توڏانھن (ڪن ڏيئي قرآن کي) ٻڌندا آھن، پوءِ تون ٻوڙن کي ٻڌائيندين ڇا جيتوڻيڪ نه سمجھندا ھجن؟(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (اي پيغمبر!) هنن ۾ ڪي ماڻهو اهڙا آهن جيڪي تنهنجيون ڳالهيون (ظاهري طرح) ٻڌن ٿا (۽ تون ڀانئين ٿو ته حق جو ڪلام ٻڌي سچائي اختيار ڪندا، پر حقيقتاً هو ٻڌن ڪونه ٿا) پوءِ ڇا تون ٻوڙن کي ٻڌاي سگهندين اگرچه هو ڳالهه کي سمجهي ڪونه سگهندا؟ (نڪي سمجهڻ جي ڪوشش ئي ڪن؟)(علامه علي خان ابڙو)


۽ انهن مان ڪي ماڻهو توهان ڏانهن ڪَن لڳائن ٿا، ڇا پوءِ توهان ٻوڙن کي ٻُڌرائي سگھو ٿا، جڏهن ته اهي عقل نٿا رکن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ انهن مان ڪي اهڙا آهن جن جا ڪن تنهنجين ڳالهين ڏي لڳل آهن ته (ڇا اهي تنهنجي ٻڌندا! هر گز نه) تون ڪو (دل جي) ٻوڙن کي ڪجھ ٻڌائي سگهندين! توڙي جي اهي ڪجھ سمجهي به نه سگهندا هجن.(سيد فرمان علي)


۽ بعض انهن مان اهي آهن جيڪي ڪن ٿا ڏين توڏانهن ڇا پوءِ تون ٻڌائيندين ٻوڙن کي جيتوڻيڪ هجن جو نه ٿا عقل رکن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ انهن مان ڪي تنهنجي ڳالهه ڪن لڳائي ٻڌن ٿا. ڇا پوءِ به تون ٻوڙن کي ٻڌائيندين جيتوڻيڪ اهي عقل کان ڪم نه وٺندا هجن. (مولانا محمد مدني)


۽ انهن مان ڪي تنهنجي ڳالهه ڪن لائي ٻڌن ٿا. ڇا پوءِ تون ٻوڙن کي ٻڌائيندين؟ توڙي جو اُهي عقل به نه رکندا هجن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جي توکي ڪُوڙ ڪوٺيؤن، ته تن کي ٻول ٻِيهار، ته مُنهنجا ڪَم مون لئي ۽ اَهنجا اَوهان هارِ، اَوهين ڇُٽل اُن ڪنان، جي آئون ڪريان ڪم ڪار، پڻ آئون بَرِي بيزار، اُنهن کان ڪَريو، جي ڪمڙا. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَمِنهُم مَن يَنظُرُ إِلَيكَ أَفَأَنتَ تَهدِى العُمىَ وَلَو كانوا لا يُبصِرونَ (آيت : 43)

۽ منجھائن ڪوئي توڏانھن نھاريندو آھي، پوءِ انڌن کي سِڌو رستو ڏيکاريندين ڇا؟ جيتوڻيڪ ڏسندا ئي نه ھُجن.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ انهن ۾ ڪي اهڙا آهن جيڪي توڏي نهارين ٿا (۽ تون ڀانئين ٿو ته توکي سمجهه سان ڏسن ٿا، حالانڪ هو توکي ڏسن ئي ڪونه ٿا) پوءِ ڇا تون انڌن کي واٽ ڏيکاريندين اگرچه هن کي (سمجهڻ جي) نظر ئي ڪانه هجي؟(علامه علي خان ابڙو)


۽ انهن مان ڪي ماڻهو توهان کي ڏسن ٿا، ڇا پوءِ توهان انڌن کي واٽ ڏيکاري سگھو ٿا جڏهن ته اهي نٿا ڏسن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ ڪي انهن مان اهڙا آهن جي توڏي (چتائي) ڏسن ٿا، ته (ڇا اهي ايمان آڻيندا، هرگز نه) ڇا پوءِ تون (دل جي) انڌن کي رستو ڏيکاريندين جيتوڻيڪ اهي نه ڏسندا هجن.(سيد فرمان علي)


۽ ڪي انهن مان اهي آهن جيڪي ڏسن ٿا توڏانهن ڇا پوءِ تون هدايت ڪرين ٿو انڌن کي جيتوڻيڪ هجن جو نه ٿا ڏسن.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ انهن مان ڪو تو ڏي ڏسي ٿو. ڇا پوءِ تون انڌن کي رستو ڏيکاريندين، جيتوڻيڪ اهي نه ڏسندا هجن. (مولانا محمد مدني)


۽ انهن مان ڪي تو ڏانهن نهارن ٿا. ڇا پوءِ تون انڌن کي راهه ڏسيندين؟ توڙي جو اُهي نه ڏسندا هجن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ توڏي، ڏينِ ڪَن سرا، ڪي تِنِين مان تڪرار، ڇا ٻُڌائـِين تون وَرِي، ٻوڙن کي ٻيهار؟، ۽ سوچ، نه سَماچار، توڙي هوئـِي تن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِنَّ اللَّهَ لا يَظلِمُ النّاسَ شَيـًٔا وَلٰكِنَّ النّاسَ أَنفُسَهُم يَظلِمونَ (آيت : 44)

الله ماڻھن تي ڪُجھ ظلم نه ڪندو آھي پر ماڻھو پاڻ تي ظلم ڪندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


يقيناً الله تعاليٰ انسانن تي تر جيترو به ظلم نٿو ڪري (هو ڪنهن کي زور سان انڌو ٻوڙو نٿو ڪري) پر پاڻ انسان ئي آهي جو پاڻ تي ظلم ٿو ڪري (ڇو ته الله جي ڏنل قوتن کان ڪم نٿو وٺي ۽ خود غرضي ۽ هٺ وڏائي ۾ پئجي سچائيءَ کان انڪار ٿو ڪري). (٤٠٤)(علامه علي خان ابڙو)


بيشڪ الله تعالى ماڻهن سان ڪوبه ظلم نٿو ڪري ۽ پر ماڻهو پنهنجي نفسن سان پاڻ ظلم ڪن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


خدا ته ڪڏهين به ماڻهن تي ظلم نه ٿو ڪري پر ماڻهو پاڻ تي (پنهنجن ڪرتوتن ڪري) ظلم ڪندا رهندا آهن.(سيد فرمان علي)


بيشڪ الله نه ٿو ظلم ڪري ماڻهن سان ڪجھ به ۽ پر ماڻهو نفس پنهنجي تي پاڻ ظلم ڪن ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


بيشڪ الله ماڻهن تي ڪجهه به ظلم نه ٿو ڪري، پر ماڻهو پاڻ تي پاڻ ظلم ڪن ٿا. (مولانا محمد مدني)


بيشڪ الله ماڻهن مٿان ڪجهه به ظلم نه ٿو ڪري ۽ پر ماڻهو (خود) پنهنجي جانين تي ظلم ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڪي توڏي، ڏِسن تن منجھان، پوءِ اَنڌن کي اَوس، تون ڇاڏيندين ڏَس؟ توڻي نه اُپٽِيئنِ اکيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَيَومَ يَحشُرُهُم كَأَن لَم يَلبَثوا إِلّا ساعَةً مِنَ النَّهارِ يَتَعارَفونَ بَينَهُم قَد خَسِرَ الَّذينَ كَذَّبوا بِلِقاءِ اللَّهِ وَما كانوا مُهتَدينَ (آيت : 45)

۽ جنھن ڏينھن (الله) کين گڏ ڪندو تنھن ڏينھن ڄڻڪ (دنيا ۾) ڏينھن جي ھڪ گھڙيءَ کانسواءِ (وڌيڪ) ترسيائي نه ھوا پاڻ ۾ ھڪ ٻئي کي سڃاڻندا، بيشڪ جن الله جي ديدار کي ڪوڙ ڀانيو تن ڇيئو پاتو ۽ ھدايت وارا نه ھوا.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جنهن ڏينهن الله تعاليٰ انهن سڀني کي (قيامت جي ڏينهن) جمع ڪري پاڻ وٽ حاضر ڪندو تنهن ڏينهن کين ائين معلوم ٿيندو ته (دنيا ۾) هڪ گهڙيءَ کان وڌيڪ نه رهيا ۽ (رڳو هڪ گهڙي) پاڻ ۾ ڄاڻ سڃاڻ (۽ کيڪار ڀليڪار) ڪري ورتائون. بيشڪ اهي ماڻهو پوءِ وڏي نقصان ۽ تباهي هيٺ آيا (يا ايندا) جن الله جي حضور ۾ حاضر ٿيڻ کي نه مڃيو هو ۽ (ڪاميابيءَ جي) راهه وٺڻ وارا نه هئا.(علامه علي خان ابڙو)


۽ قيامت جي ڏينهن الله انهن کي گڏ ڪندو گوياڪ اهي (دنيا ۾) نه رهيا هئا مگر ڏينهن جي هڪ ساعت (اهي) هڪ ٻئي کي پاڻ ۾ سڃاڻيندا، بيشڪ اهي ماڻهو نقصان ۾ پيا جيڪي الله تعالى جي ديدار کان انڪاري ٿيا ۽ اهي هدايت وارا ناهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ جنهن ڏينهن خدا انهن ماڻهن کي (پنهنجي بارگاھ ۾) ڪٺو ڪندو ته اهي ماڻهو (سمجهندا ته دنيا ۾) ڄڻ ته رڳو ڏينهن جي هڪ گهڙي (پهر) رهيا هئا ۽ پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي سڃاڻندا. جن ماڻهن خدا جي بارگاھ ۾ حاضر هجڻ کي ڪوڙ سمجهيو آهي. ضرور گهاٽي ۾ ٿيا ۽ (اهي) هدايت وارا به نه هئا.(سيد فرمان علي)


۽ جنهن ڏينهن گڏ ڪندو انهن کي ڄڻ ته نه رهيا مگر هڪ گھڙي ڏينهن مان هڪ ٻئي کي سڃاڻندا پاڻ ۾ تحقيق نقصان ۾ پيا اهي شخص جو ڪوڙو چيائون الله جي ملڻ کي ۽ نه هئا هدايت وارا.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جنهن ڏينهن کين گڏ ڪندو ڄڻ ته اهي رڳو ڏينهن جي هڪ گهڙي رهيا هئا تنهن ڏينهن پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي سڃاڻندا. جن الله سان ملڻ کي ڪوڙو سمجهيو تن جو بيشڪ نقصان ٿيو ۽ اهي رستو لهندڙ به نه ٿيا. (مولانا محمد مدني)


۽ جنهن ڏينهن (الله) کين گڏ ڪندو (ائين سمجهندا) ڄڻڪ اُهي (دنيا ۾) رڳو ڏينهن جي هڪ گهڙي رهيا هئا اُهي هڪ ٻئي کي سُڃاڻندا. بيشڪ اُهي ماڻهو نقصان ۾ رهيا جن الله جي ملاقات کي ڪوڙو سمجهيو ۽ اُهي هدايت يافته نه هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


الله انسانن سان، ڪري نه پاڻ ڪَلُور، پر ماڻهو ڪن ٿا مُور پاڻهِي ڪُلُو پاڻ سِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِمّا نُرِيَنَّكَ بَعضَ الَّذى نَعِدُهُم أَو نَتَوَفَّيَنَّكَ فَإِلَينا مَرجِعُهُم ثُمَّ اللَّهُ شَهيدٌ عَلىٰ ما يَفعَلونَ (آيت : 46)

۽ جيڪو انجام ساڻن ڪريون ٿا تنھن منجھان ڪجھ جي توکي ڏيکاريون ٿا يا توکي فوت ڪريون ته (ھر حال ۾) سندن موٽڻ اسان ڏانھن آھي وري جيڪي ڪندا آھن تنھن تي الله شاھد آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (اي پيغمبر!) هنن ماڻهن سان (يعني عرب جي منڪرن سان) جن ڳالهين جو واعدو ڪيو ويو آهي (يعني عذابن جي خبر ڏني وئي آهي) انهن مان ڪي ڳالهيون توکي (تنهنجي حياتيءَ ۾) ڏيکاريون يا (ان کان اڳ ئي) تنهنجو وقت پورو ڪري ڇڏيون، هر حالت ۾ هنن کي اسان جي ئي طرف موٽڻو آهي ۽ اهي جيڪي جيڪي ڪري رهيا آهن تنهن تي الله تعاليٰ شاهد آهي (۽ ضرور کين سندن عملن جو بدلو ڏيندو.)(علامه علي خان ابڙو)


۽ جيڪڏهن اسين توهان کي انهن جو ڪجھه عذاب ڏيکاريون جنهنجو انهن سان وعدو ڪيو اٿئون يا توهان کي وصال ڪرايون، پوءِ انهن جو موٽڻ اسان ڏانهن ٿيندو، پوءِ الله انهن جي عملن تي گواه آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول!) اسان جنهن جنهن (عذاب) جو هنن سان وعدو ڪري چڪا آهيون، انهن مان اگر ڪجھ تو کي ڏيکاريون يا تو کي (اڳ ۾ ئي دنيا مان) کڻي وٺون تڏهن به (آخر) ته انهن سڀني کي اسان ڏي موٽڻو ئي آهي. پوءِ جو ڪجھ اهي ڪري رهيا آهن خدا ته تنهن تي شاهد آهي ئي.(سيد فرمان علي)


۽ جيڪڏهن ڏيکاريون توکي حصو ان (عذاب) جو جيڪو وعدو ڏيون ٿا اسين انهن کي يا وفات ڪرايون اسين توکي پوءِ اسان ڏانهن موٽڻ انهن جو آهي ان کان پوءِ الله شاهد آهي ان تي جيڪو ڪن ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ (اي پيغمبر !) اسين جيڪو انجام انهن سان ڪريون ٿا تنهن مان جيڪڏهن ڪجهه توکي (تنهنجي حياتيءَ ۾ ) ڏيکارينداسون يا (اڳي) توکي مارينداسون ته (ٻنهين صورتن ۾ ) اسان ڏي ئي کين موٽڻو آهي وري جيڪي ڪن ٿا تنهن تي الله شاهد آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ جيڪڏهن اسان تو کي ان (برن نتيجن) مان ڪجهه (دنيا ۾) ڏيکاريون جنهن جو اسان انهن سان وعدو ڪري رهيا آهيون يا تو کي (ان کان اڳ) وفات ڏيون پوءِ اسان ڏانهن ئي انهن جو موٽڻ آهي پوءِ الله ان تي شاهد آهي جيڪي ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ميڙي جنهن مَهل ۾، ڪنداسونِ قطار، هُن ڏيہ ۾، ڏِينهَنِ مان، ڪر گھارئيون نَه، گَھڙِي ڌار، هِڪ ٻِئ کي، يار، ڀار، صبح سُڃاڻن پاڻ ۾. اُهي ڇِيهي ۾ ڇَڻيا، جن ڀانيو ڪُوڙ بَحال، مِلڻ مولي نال، ۽ صَحِيحَ سَوانٽا، سي نه هُئا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلِكُلِّ أُمَّةٍ رَسولٌ فَإِذا جاءَ رَسولُهُم قُضِىَ بَينَهُم بِالقِسطِ وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 47)

۽ سڀ ڪنھن اُمت لاءِ ھڪ پيغمبر آھي، پوءِ جڏھن سندن پيغمبر آيو (ته) سندن وچ ۾ اِنصاف سان نبيرو ڪيو ويو ۽ انھن تي ظلم نه ڪيو ويو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (ياد رکو ته) هرهڪ امت جي لاءِ هڪ رسول آهي (جو ان ۾ پيدا ٿئي ٿو ۽ حق جي طرف سڏي ٿو) پوءِ جڏهن ڪنهن امت ۾ ان جو رسول ظاهر ٿيو ته (اسان جو قانون هي آهي ته) انهن جي وچ ۾ انصاف سان فيصلو ڪيو وڃي ٿو، ۽ ائين نٿو ٿئي جو هنن سان بي انصافي ٿئي. (يعني رسولن سان دشمنيءَ ۾ مخالفت ڪندڙن کي سندن ظلمن جي سزا انصاف سان ملي ٿي).(علامه علي خان ابڙو)


۽ هر هڪ امت لاءِ رسول آهي، پوءِ جنهن وقت انهن وٽ رسول اچي ٿو ته پوءِ انهن جي وچ ۾ انصاف سان فيصلو ڪيو وڃي ٿو ۽ انهن سان ظلم نه ڪيو ويندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ هر امت جو خاص (هڪ) هڪ رسول ٿيو آهي. پوءِ جڏهن سندن رسول (اسان جي بارگاھ ۾) ايندو ته هنن ۾ انصاف سان فيصلو ڪيو ويندو ۽ مٿن ذري جيترو به ظلم نه ڪيو ويندو.(سيد فرمان علي)


۽ واسطي هر امت جي رسول آهي پوءِ جڏهن ايندو رسول انهن جو ته فيصلو ڪيو ويندو انهن ۾انصاف سان ۽ اهي نه ظلم ڪيا ويندا.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ سڀ ڪنهن اُمت لاءِ هڪ رسول آهي پوءِ جڏهن سندن رسول (وٽن) اچي ٿو تڏهن انهن جي وچ ۾ انصاف سان فيصلو ڪيو وڃي ٿو ۽ مٿن ظلم نه ٿو ڪيو وڃي. (مولانا محمد مدني)


۽ هر امت لاءِ هڪ رسول آهي پوءِ جڏهن وٽن سندن رسول اچي وڃي ٿو ته انهن جي وچ ۾ انصاف سان فيصلو ڪيو وڃي ٿو ۽ اُهي ظلم نه ٿا ڪيا وڃن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پرجي توکي ڏيکاريون، تنهن مَنجھان، جو ٻوليونِ کين ٻِيهار،يا خَتم ڪريون خير سان، تُنهجِي ڄام ! ڄمار، پوءِ به آهي اَچڻ، اُنهن جو، آخر اَسان پار، ساکي ربُّ، ستار،جيڪي ڪن، تن ڪمن تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَيَقولونَ مَتىٰ هٰذَا الوَعدُ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 48)

۽ چوندا آھن ته جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته اھو انجام ڪڏھن ٿيندو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ هي ماڻهو چون ٿا ته جيڪڏهن توهان (مسلمان) سچا آهيو ته، هيءَ ڳالهه (يعني حق کان انڪار ڪرڻ جي سزا) ڪڏهن ظهور ۾ ايندي؟(علامه علي خان ابڙو)


۽ اهي چون ٿا ته هي وعدو (قيامت جو) ڪڏهن پورو ٿيندو جيڪڏهن توهان سچا آهيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اهي ماڻهو چون ٿا ته جيڪڏهن تون سچو آهين ته (نيٺ) ان (عذاب جو وعدو) ڪڏهن پورو ٿيندو.(سيد فرمان علي)


۽ چون ٿا ته ڪڏهن ٿيندو پورو هي وعدو جيڪڏهن آهيو سچا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ چون ٿا ته هيءُ انجام ڪڏهن ٿيندو جيڪڏهن اوهين سچا آهيو. (مولانا محمد مدني)


۽ چون ٿا ته هي وعدو ڪڏهن ٿيندو؟ جيڪڏهن اوهان سچا آهيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ پيغمبر هر ڪِنهن پنٿ لئي، آهي ڪو اَتور، پوءِ، جَڏهن مُرسل اُنهن جو، آينِ شاهِد طور، ته فورن ڪيو وِيو فيصلو، تن وِچ پورِيء تور، ۽ ڀَڃبو نه، ڀُڪو ڀور، اُنهن جي، اَعمالن مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل لا أَملِكُ لِنَفسى ضَرًّا وَلا نَفعًا إِلّا ما شاءَ اللَّهُ لِكُلِّ أُمَّةٍ أَجَلٌ إِذا جاءَ أَجَلُهُم فَلا يَستَـٔخِرونَ ساعَةً وَلا يَستَقدِمونَ (آيت : 49)

چؤ ته (آءٌ) الله جي مرضيءَ کانسواءِ پاڻ کي نڪي ڏک ۽ نڪي سُک پھچائي سگھان ٿو، سڀ ڪنھن اُمّت لاءِ ٺھرايل مُدت آھي، جڏھن سندين ٺھرايل مُدّت پُھچي ٿي ته ھڪ گھڙي دير نه ڪندا ۽ نڪي اڳڀرو ويندا.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر!) تون چئي ڏي ته (هيءِ معاملو منهنجي هٿ ۾ ناهي جو ٻڌايان ته ڪڏهن ائين ٿيندو) مون کي ته پنهنجي جان جو نفعو نقصان به قبضي ۾ ناهي. اهوئي ٿئي ٿو جيڪي الله تعاليٰ چاهيو آهي. هر امت جي لاءِ (عمل جي بدلي جو) هڪ مقرر وقت آهي ۽ جڏهن اهو وقت اچي وڃي ٿو تڏهن هو نڪي هڪ گهڙي پوئتي رهي سگهن ٿا، نڪي هڪ گهڙي اڳتي.(علامه علي خان ابڙو)


رسولِ عربي توهان فرمايو آئون (بذاتِ خود) پنهنجي وجود لاءِ الله جي مرضي کان سواءِ نفعي ۽ نقصان جو مالڪ ناهيان، هر امت لاءِ (عذاب جو) مُدو مقرر آهي، جنهن وقت انهن تي عذاب ايندو پوءِ عذاب کان هڪ پل به اڳتي پوئتي نٿي سگھندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول! کين) چئو ته آءُ خود پنهنجي لاءِ نه نقصان تي قادر آهيان نه فائدي تي جيڪي خدا گهري. هر امت (جي رهڻ) جو (سندس علم ۾ هڪ وقت مقرر آهي جڏهن سندن وقت ايندو ته نه هڪ گهڙي پٺتي ٿيندو ۽ نه اڳتي ٿيندو.(سيد فرمان علي)


فرماءِ ته: نه ٿو مالڪ ٿيان واسطي ذات پنهنجي نقصان جو ۽ نه نفعي جو مگر جيڪو الله گھري الله واسطي هر امت جي مقرر وقت آهي جڏهن ايندو مقرر وقت انهن جو ته پوءِ نه پوئتي ٿي سگھندا هڪ گھڙي ۽ نه اڳتي ٿي سگھندا.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي پيغمبر! کين) چئو ته جيڪي الله گهريو آهي تنهن کان سواءِ آءُ پاڻ کي نه ڪنهن نقصان پهچائڻ ۽ نه ڪنهن فائدي پهچائڻ جو اختيار رکان ٿو. سڀ ڪنهن جماعت لاءِ هڪ مقرر مدت آهي، جڏهن سندن (اهو) وقت ايندو ته نه هڪ گهڙي پٺتي ٿيندا ۽ نه اڳي ٿيندا. (مولانا محمد مدني)


چؤ: ”آءٌ پنهنجي ذات لاءِ نه نقصان جو مالڪ آهيان ۽ نه نفعي جو سواءِ ان جي جيڪي الله چاهي. هر جماعت لاءِ هڪ مدت مقرر آهي. پوءِ جڏهن انهن جي مقرر مدت اچي ٿي ته پوءِ نه هڪ گهڙي پوئتي ٿيندا ۽ نه اڳتي ٿيندا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چي، ڪَڏهين اِهو اِقرار، جي صفا سَچا آهيو،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل أَرَءَيتُم إِن أَتىٰكُم عَذابُهُ بَيٰتًا أَو نَهارًا ماذا يَستَعجِلُ مِنهُ المُجرِمونَ (آيت : 50)

چؤ ته مون کي خبر ڏيو ته جيڪڏھن سندس عذاب رات جو يا ڏينھن جو اوھان کي پُھچي ته (ڇا ڪري سگھندؤ) ڏوھاري ان کي ڪھڙو جلد گھُرندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر! تون هنن ماڻهن کي) چئو ته، (ڇا توهان هن ڳالهه تي به غور ڪيو آهي ته) توهان ڇا ڪندؤ جيڪڏهن خدا جو عذاب راتو رات نازل ٿئي يا ڏينهن جو ئي توهان کي وڪوڙي وڃي. پوءِ ڪهڙي ڳالهه آهي جنهن جي لاءِ (هي بيوقوف) ڏوهه گناه ڪندڙ تڪڙ ڪري رهيا آهن (ائين نٿا سمجهن ته عذاب جي اچڻ لاءِ تڪڙ ڪري رهيا آهيون.)(علامه علي خان ابڙو)


رسولِ عربي توهان فرمايو ته اها خبر ٻُڌايو ته جيڪڏهن توهان تي الله جو عذاب رات ۾ يا ڏينهن ۾ اچي ته ڇا مُجرم انهيءَ کان بچي سگھندا؟(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول! کين) چئو ته مون کي ٻڌايو ته جيڪڏهن سندس عذاب اوهان تي رات يا ڏينهن جو اچي پوندو ته (پوءِ) ڏوهاري ان لاءِ ڇو جلدي ڪري رهيا آهن؟(سيد فرمان علي)


فرماءِ ته: خبر ڏيو جيڪڏهن اچي اوهان تي ان جو عذاب رات ۾ يا ڏينهن ۾ ته ڪهڙي آهي اها شيءِ جيڪا تڪڙي گھرندا ان کان مجرم- .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي پيغمبر! کين) چئو ته مون کي ٻڌايو ته جيڪڏهن سندس عذاب اوهان تي راتو رات يا ڏينهن جو اچي پوندو ته (اوهين) ڏوهاري ان کان پهرين ڇا ڪندا؟ (مولانا محمد مدني)


چؤ (اي ڪافرو!) ڇا ٿا سمجهو؟ جيڪڏهن ان جو عذاب اوهان تي راتو رات اچِي پهچي يا ڏينهن جو پهچي ته ڏوهاري ماڻهو ان عذاب کان (بچاءَ لاءِ) ڪهڙي شيءِ جلدي ڪندا!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چئو مون وَسِ نَه، مون پاڻ لئي، هارُ سَندمِ، يا هارِ، مگر مُنهنجي هار، جيڪِي گُھري جَلَّ شانہٗ آهي هَر اُمّت لئي، مُقرّر کُڻ کَرو، پوءِ، جڏهن آيو کوڻ اُنهن جو، ته دير نه ڪن ذَرو، ۽ اُن کان اَ ڳڀرو، پڻ پَلڪ نه لائـِينِ پوئتي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَثُمَّ إِذا ما وَقَعَ ءامَنتُم بِهِ ءالـٰٔنَ وَقَد كُنتُم بِهِ تَستَعجِلونَ (آيت : 51)

وري جنھن مھل (اُھو) پھچندو (ته) ان تي ايمان آڻيندؤ ڇا، (۽ چيو ويندن ته) ھاڻي (مڃيؤ) ؟ ۽ بيشڪ (اڳي) ان کي تڪڙو گھرندا ھُيؤ.(علامه تاج محمود امروٽي)


ڇا جڏهن اهو (عذاب) واقع ٿيندو (يعني اچي ويندو) تڏهن توهان کي يقين ايندو؟ (پر ان وقت ايمان يا يقين ڪجهه به ڪم نه ايندو. انهيءَ وقت ڪاڏي ويندؤ. هائو!) هاڻي توهان کي يقين آيو، پر توهان ئي هئو جو هن (عذاب جي) طلب ۾ جلدي مچائي ڏيندا هئو.(علامه علي خان ابڙو)


ڇا پوءِ جڏهن انهن تي عذاب ايندو ته پوءِ ايمان آڻيندا، (الله فرمائيندو) هاڻي (ايمان آڻيو ٿا) ۽ هن کان اڳ توهان (عذاب اچڻ ۾) تڪڙ ڪندا هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ڇا وري جڏهن (عذاب جي) اچي پهچندو تڏهن ان تي ايمان آڻيندا ڇا هاڻ (ايمان آڻيندا!) هوڏانهن ان جو جلد اچڻ گهرندا هئا.(سيد فرمان علي)


ڇا جنهن وقت واقع ٿيندو ته ايمان آڻيندؤ ان تي هاڻي، حالانڪه تڪڙو گھريو ٿي اوهان اهو (عذاب) .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ڇا وري جڏهن (عذاب) اچي پهچندو تڏهن ان جو يقين ڪندؤ (ان وقت چيو ويندو ته) ڇا هاڻ (يقين ڪريو ٿا) هوڏانهن ان جو جلد اچڻ گهرندا هئو. (مولانا محمد مدني)


ڇا جڏهن اهو (عذاب) پئجي وڃي پوءِ ان تي ايمان آڻيندؤ؟ هاڻي (مڃو ٿا) حالانڪه اوهان (اڳ) ان جي جلدي مچائيندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چئو، ڪِيئن ٿا ڀانيو ڀو ڀورا!، ته اُنهيء جو عذاب، اَچنِيان ڏينهن، يا رات ۾، شامت روز شِتاب، پوءِ اُٻَهرائـِي اِن باب، ڪن ڪانهِيارا ڪِهڙِي!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ثُمَّ قيلَ لِلَّذينَ ظَلَموا ذوقوا عَذابَ الخُلدِ هَل تُجزَونَ إِلّا بِما كُنتُم تَكسِبونَ (آيت : 52)

وري ظالمن کي چيو ويندو ته ھميشگيءَ وارو عذاب چکو، جيڪي اوھين ڪمائيندا ھيؤ تنھن کانسواءِ اوھان کي ٻيو ڪو بدلو نه ڏبو.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ ظلم ڪندڙن کي چيو ويندو ته هاڻي هميشه لاءِ عذاب چکو. توهان کي جيڪو بدلو ملي رهيو آهي سو سواءِ هن جي ٻيو ڪجهه به نه آهي ته توهان جي ئي ڪرتوتن جو نتيجو آهي جي دنيا ۾ ڪندا رهيا آهيو.(علامه علي خان ابڙو)


ان کان پوءِ ظالمن کي حڪم ڪيو ويندو ته توهان دوزخ جي عذاب کي چکو، توهان کي ته توهان جي بداعمالي جيتري سزا ڏني ويندي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


وري (قيامت جي ڏينهن) ظالمن کي چيو ويندو ته هميشه جي عذاب جو مزو چکيو، جيڪي اوهين ڪندا هئا. رڳو ان جو ئي اوهان کي عوض ڏنو ويندو.(سيد فرمان علي)


ان کان پوءِ چيو ويندو واسطي انهن جي جو ظلم ڪيائون ته چکوعذاب هميشہ وارو نه بدلو ڏنا ويندؤ اوهان پر ان جو جيڪو ڪمايُوَ ٿي.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


وري ظالمن کي چيو ويندو ته هميشه رهڻ واروعذاب چکو. جيڪي اوهين ڪندا هئو رڳو ان جو ئي اوهان کي بدلو ڏنو ويندو. (مولانا محمد مدني)


پوءِ جن ظلم ڪيو تن کي چيو ويندو ته هميشه واري عذاب جو مزو چکو.اوهان کي ٻيو ڪو به بدلو نه ڏنو ويندو سواءِ انهن (عملن) جي جيڪي اوهان ڪمائيندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڪِ موٽِي جڏهن آيو، ته آندان اُتس ايمان؟ هينئرڪِ اي حيران!، اڳ ته آتا هُئا اُن لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَيَستَنبِـٔونَكَ أَحَقٌّ هُوَ قُل إى وَرَبّى إِنَّهُ لَحَقٌّ وَما أَنتُم بِمُعجِزينَ (آيت : 53)

۽ توکان خبر پڇندا آھن ته اھو (وعدو) سچ آھي؟ چؤ ته ھائو! مون کي پنھنجي پالڻھار جو قسم آھي ته ضرور سچ آھي، ۽ اوھين ٿڪائڻ وارا نه آھيو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ هو توکان پڇن ٿا ته، ڇا هيءَ ڳالهه واقعي سچ آهي؟ تون (بي ڌڙڪ) چئي ڏي ته ها منهنجو پروردگار ان تي شاهد آهي ته هيءَ ڳالهه بلاشڪ سچ آهي ۽ توهان هرگز ائين نٿا ڪري سگهو جو هن کي (يعني الله کي سندس ڪمن ۾) عاجز ڪري سگهو. (يعني انهن ڪمن کان کيس روڪي سگهو.)(علامه علي خان ابڙو)


۽ توهان کان سوال ڪن ٿا ته واقعي عذاب ايندو! توهان فرمايو هائو، مون کي منهنجي رب جو قسم آهي ته بيشڪ عذاب ايندو، ۽ توهان ان کان بچي نه سگھندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (اي رسول!) تو کان پڇن ٿا ته ڇا (جو ڪجھ چوين ٿو) اهو سڀ ڪجھ سچ آهي. تون کين چئو ته هائو مون کي پنهنجي پالڻهار جو قسم آهي ته بيشڪ اهو سچ آهي ۽ اوهين (خدا کي) عاجز نه ٿا ڪري سگهو.(سيد فرمان علي)


۽ خبر ٿا پڇن توکان ته ڇا حق آهي اهو؟ فرماءِ ته هائو قسم آهي رب منهنجي جو ته بيشڪ اهو البته حق آهي ۽ ناهيو اوهان عاجز ڪندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ (اي پيغمبر !) توکان پڇن ٿا ته ڇا اهو (وعدو) سچو آهي . (تون کين) چئو ته هائو مون کي پنهنجي پاليندڙ جو قسم آهي ته بيشڪ اهو سچو آهي. ۽ اوهين (الله کي) عاجز ڪندڙ نه آهيو. (مولانا محمد مدني)


۽ اُهي تو کان پڇن ٿا ته ڇا اُهو (وعدو) سچو آهي؟ چؤ هائو! مون کي منهنجي پروردگار جو قسم بيشڪ اُهو سچو آهي ۽ اوهان عاجز ڪندڙ نه آهيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


وَرِي اُتو وِيو اُنهن کي، ڪيا جن ڪلُور، ته دائـِم دَرد عذاب جو، وَٺو ذوق ضرور، ٻِيو نه مِلندان مُور، مگر جيڪِي پِيا ميڙيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلَو أَنَّ لِكُلِّ نَفسٍ ظَلَمَت ما فِى الأَرضِ لَافتَدَت بِهِ وَأَسَرُّوا النَّدامَةَ لَمّا رَأَوُا العَذابَ وَقُضِىَ بَينَهُم بِالقِسطِ وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 54)

۽ جيڪڏھن سڀڪنھن ظلم ڪندڙ جيءَ کي جيڪي زمين ۾ آھي سو ھجي ھا (اُھو) ضرور پنھنجو عوض ڏئي ڇڏي ھا، ۽ جڏھن عذاب ڏسندا ته ڳجھو لڄي ٿيندا، ۽ سندن وچ ۾ انصاف سان نبيرو ڪيو ويندو ۽ انھن تي ظلم نه ڪبو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (اهو اچڻ وارو عذاب اهڙو ڀيانڪ ۽ ڀوائتو آهي ۽ ان جو اچڻ ايتري قدر يقيني آهي جو) جيڪڏهن هرهڪ ظالم انسان جي قبضي ۾ اهو سڀ ڪجهه هجي جو روءِ زمين تي آهي ته هو ضرور ان کي فدئي طور (پاڻ کي عذاب کان بچائڻ لاءِ) ڏئي ڇڏيندو. (يعني سڀ ڪجهه ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويندو، پر ان وقت فديو قبول نه پوندو) ۽ (ڏسو ته) جڏهن هنن عذاب کي پنهنجي سامهون ڏٺو تڏهن (پنهنجي سرڪشي ۽ ڪفر ياد ڪري) دل ئي دل ۾ پڇتائڻ لڳا. پوءِ انهن جي وچ ۾ (يعني مؤمنن ۽ سرڪش ڪافرن جي وچ ۾) انصاف سان فيصلو ڪيو ويو. ۽ ائين ڪڏهن به نه ٿيندو جو هنن سان ڪنهن به طرح جي بي انصافي ڪئي وڃي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ هر انسان جنهن ظلم ڪيو آهي اُهو جيڪڏهن ان ظلم جي عيوض زمين جي سڀني شين جيترو ڏنڊ ڏئي ۽ عذاب ڏسڻ وقت پشيمان به ٿئي (تڏهن به کانئس ڪا به شيءِ قبول نه ڪئي ويندي) ۽ انهن ماڻهن سان انصاف ڪيو ويندو ۽ ظلم نه ڪيو ويندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (دنيا ۾) جنهن جنهن (اسان جي نافرماني ڪري) ظلم ڪيو (قيامت جي ڏينهن) جيڪي به خزانه زمين ۾ آهن سي سڀ کيس ملي وڃن ته اهي ضرور پنهنجي گناھ جي بدلي ۾ ڏئي نڪري. ۽ اهي جڏهن عذاب کي ڏسندا ته پشيماني ظاهر ڪندا. ۽ سندن وچ ۾ انصاف سان فيصلو ڪيو ويندو ۽ مٿن (ذرو به) ظلم نه ڪيو ويندو.(سيد فرمان علي)


۽ جيڪڏهن تحقيق واسطي هر نفس جي (هجي ها) اهو جيڪو زمين ۾ آهي ته البته فديو ڏئي ها ان سان ۽ لڪائيندا پشيماني جڏهن ڏسندا عذاب ۽ فيصلو ڪيو ويندو انهن ۾ عدل سان ۽ اهي نه ظلم ڪيا ويندا.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جيڪڏهن سڀ ڪنهن ظالم وٽ جيڪي ڪي زمين ۾ آهي سو (سڀ) هجي ته اهو (به جيڪر) پنهنجي بدلي ۾ ڏئي. ۽ اهي جڏهن عذاب کي ڏسندا ته پشيماني لڪائيندا. ۽ سندن وچ ۾ انصاف سان فيصلو ڪيو ويندو ۽ مٿن ظلم نه ڪيو ويندو. (مولانا محمد مدني)


۽ جيڪڏهن هر ظالم جي ملڪيت ۾ اُهو سڀ (خزانو) هجي ها جيڪو زمين ۾ آهي ته اُهو پنهنجي بدلي ۾ ڏئي ها. ۽ جڏهن عذاب کي ڏسندا ته پشيمانيءَ کي لڪائيندا ۽ سندن وچ ۾ انصاف سان فيصلو ڪيو ويندو ۽ انهن تي ظلم نه ڪيو ويندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ خبرون پُڇنئـِي خان! ته هِي، ڪِ آهي حَق صحِي، چئو هائو، سُونهن سانيمِ جو، هِي حق بي گمان، سانيمِ، کان سُبحان، اَوهين، نَه ڏاڍا ڏيہ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَلا إِنَّ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ أَلا إِنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 55)

خبردار بيشڪ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو الله جو آھي، خبردار الله جو انجام سچو آھي پر اُنھن مان گھڻا نه ڄاڻندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


ياد رکو ته آسمانن ۾ ۽ زمين ۾ جيڪي به آهي سو سڀ الله جي لاءِ ئي آهي. (کانئس سواءِ ڪوبه ڪونهي جنهن کي حڪم ۽ تصرف ۾ ڪجهه دخل هجي) ۽ هيءَ ڳالهه به نه وساريو ته الله جو واعدو سچو آهي (اهو ڪڏهن به ٽري نه سگهندو) پر (افسوس ته) هنن ماڻهن ۾ اڪثر اهڙ آهن، جيڪي اها ڳالهه نٿا ڄاڻن (۽ سمجهن).(علامه علي خان ابڙو)


خبردار ! بيشڪ آسمانن ۽ زمينن جون سڀئي شيون الله تعالى جون آهن، خبردار ! بيشڪ الله تعالى جو وعدو سچو آهي پر اڪثر ماڻهو نٿا ڄاڻن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


خبردار! جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي (سو سڀ) خدا جو ئي آهي. خبردار! بيشڪ خدا جو وعدو سچو آهي پر انهن مان گهڻا نه ٿا ڄاڻن.(سيد فرمان علي)


خبردار بيشڪ (صرف) الله جي لاءِ آهن اهي (شيون) جو آسمانن ۾ ۽ زمين ۾ آهن خبردار بيشڪ وعدو الله جو حق آهي ۽ پر اڪثر انهن مان نه ٿا ڄاڻن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


خبردار! جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سو الله جو آهي.خبردار! بيشڪ الله جو انجام سچو آهي پر انهن مان گهڻا نه ٿا ڄاڻن. (مولانا محمد مدني)


خبردار! بيشڪ جو ڪجهه آسمانن ۽ زمين ۾ آهي الله جو آهي. خبردار! بيشڪ الله جو وعدو برحق آهي ۽ پر انهن مان گھڻا نه ٿا ڄاڻن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ هُوند هُجن ڪِنهن جان لئي، جنهن ڪيا ظُلم زيان، ڀُون ۾ ڀانڊارا جيترا، سَمر ۽ سامان، ته ڪيائين قُربان، پَنهنجي پاران اُن کي. ۽ ڳُجھيون کاڌئون ڳَڻتيون، جڏهن اکين ڏٺئون آزار، ۽ تن وِچ نِياء نِبيرو ويو، سِين وَهنوار، ۽ وِجھبو نه تن کي وار، ڇِيهو حَرف حِساب ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


هُوَ يُحيۦ وَيُميتُ وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 56)

اُھو جياريندو آھي ۽ ماريندو آھي ۽ اوھين ڏانھس موٽايا ويندؤ.(علامه تاج محمود امروٽي)


اهوئي (الله تعاليٰ) جيئاري ٿو ۽ ماري ٿو ۽ اهوئي آهي جنهن ڏانهن اوهان سڀني کي (آخر) موٽڻو آهي (۽ عملن جو بدلو وٺڻو آهي).(علامه علي خان ابڙو)


الله تعالى جياري ٿو ۽ ماري ٿو ۽ الله ڏانهن توهان موٽايا ويندا ‎‎(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اهو ئي جياري ٿو ۽ ماري ٿو ۽ ان ڏي ئي اوهان کي موٽايو ويندو.(سيد فرمان علي)


اهوئي جياري ٿو ۽ ماري ٿو ۽ ان ڏانهن ئي موٽايا ويندؤ.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اهو ئي جياري ۽ ماري ٿو ۽ ان ڏي ئي اوهان کي موٽايو ويندو.(مولانا محمد مدني)


اُهو ئي جياري ٿو ۽ ماري ٿو ۽ اوهان ان ڏانهن موٽايا ويندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


سَمجھ، ته سائـِين هار، جيڪِي اُڀ، زمين ۾، سمجھ ، ته سائـِين جو، آهي سَچو ٻول ٻِيهار، پر وَٺنِ ڪو نه وِيچار، گھڻا ماڻهون مُورهِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


يٰأَيُّهَا النّاسُ قَد جاءَتكُم مَوعِظَةٌ مِن رَبِّكُم وَشِفاءٌ لِما فِى الصُّدورِ وَهُدًى وَرَحمَةٌ لِلمُؤمِنينَ (آيت : 57)

اي ماڻھو اوھان جي پالڻھار کان اوھان وٽ نصيحت ۽ جيڪا (بيماري) سينن ۾ آھي تنھن لاءِ شفا ۽ مؤمنن لاءِ ھدايت ۽ رحمت آئي آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


اي انسانو! توهان ڏي توهان جي پروردگار وٽان هڪ اهڙي شيء آئي آهي جا (وڏي فائدي واري) نصيحت آهي، دل جي سڀني بيمارين لاءِ شفا آهي ۽ هدايت ۽ رحمت آهي انهن ماڻهن لاءِ جيڪي ( ان قرآن تي) ايمان ۽ يقين رکن ٿا.(علامه علي خان ابڙو)


اي انسانو! تحقيق توهان وٽ توهان جي رب جي طرفان نصيحت پهتي ۽ قرآن ڪريم ۾ توهان جي سينن لاءِ شفا آهي، ۽ (اهو قرآن) مؤمنن لاءِ هدايت ۽ رحمت آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اي انسانو! اوهان جي پالڻهار جي طرفان اوهان وٽ نصيحت (قرآن) اچي ويو جو دلين جي وڳ (شرڪ وغيره) جي شفا آهي ۽ ايمان وارن لاءِ هدايت ۽ رحمت آهي.(سيد فرمان علي)


اي انسانؤ! تحقيق آئي اوهان وٽ نصيحت طرفان رب اوهان جي ۽ شفاء واسطي ان جي جيڪا سينن ۾ آهي ۽ هدايت ۽ رحمت واسطي مؤمنن جي- .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


اي انسانو! اوهان جي پاليندڙ جي طرفان اوهان وٽ نصيحت ۽ دلين جي روڳ جي شفا ۽ ايمان وارن لاءِ هدايت ۽ رحمت آئي آهي. (مولانا محمد مدني)


اي انسانو! بيشڪ اوهان وٽ اوهان جي پالڻهار وٽان نصيحت آئي آهي ۽ شفا آهي انهن (بيمارين) لاءِ جيڪي سينن ۾ آهن ۽ هدايت ۽ رحمت آهي ايمان وارن لاءِ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ اُهو جَلَّ جلالہٗ، جياري ۽ ماري، ۽ اَوهين اُن ڌاري، مِڙِئي موٽائبا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل بِفَضلِ اللَّهِ وَبِرَحمَتِهِ فَبِذٰلِكَ فَليَفرَحوا هُوَ خَيرٌ مِمّا يَجمَعونَ (آيت : 58)

چؤ ته الله جي فضل سان ۽ سندس ٻاجھ سان (نازل ٿيو آھي) پوءِ اُن سان خوش ٿيڻ گھرجين، جو گڏ ڪندا آھن تنھن کان اُھو ڀلو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر!) تون چئو ته، هي (قرآن) الله جو فضل آهي ۽ الله جي رحمت آهي. پوءِ (مؤمنن کي) گهرجي ته انهيءَ تي خوشيون ڪن ۽ اهو (قرآن) انهن سڀني شين کان بهتر آهي، جي هو (ڪافر) ماڻهو (دنيا جي زندگيءَ ۾) جمع ڪندا رهن ٿا.(علامه علي خان ابڙو)


رسولِ عربي توهان فرمايو ته الله جي فضل ۽ رحمت جي ڪري توهان خوش ٿيو اهو توهان لاءِ توهان جي ملڪيت کان بهتر آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول! کين) چئو ته (هي قرآن) خدا جي فضل (۽ ڪرم) ۽ سندس رحمت سان اوهان کي مليو (آهي) ته انهن ماڻهن کي خوش ٿيڻ گهرجي. (پڻ) جيڪي اهي گڏ ڪري رهيا آهن، تنهن کان هي گهڻو چڱو آهي.(سيد فرمان علي)


فرماءِ ته: الله جي فضل ۽ ان جي رحمت تي پوءِ ان سان پوءِ جڳائي ته خوش ٿين اهو ڀلو آهي ان کان جو اهي گڏ ڪن ٿا.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي پيغمبر! کين) چؤ ته الله جي فضل تي ۽ سندس رحمت تي ئي انهن کي خوش ٿيڻ گهرجي. اهو انهن شين کان گهڻو چڱو آهي جن کي گڏ ڪن ٿا. (مولانا محمد مدني)


چؤ ته الله جي فضل ۽ ان جي رحمت (ملڻ) سبب پوءِ ان تي اهي ڀلي خوشي ڪن. اهو (خوشيءَ ۾ خرچڻ) ان کان ڀلو آهي جيڪو گڏ ڪري رکن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


آيان اَهنجي ربَّ کان، ماڻهئا! هِي مَذڪور، ۽ صَحِيح صِحت تِنهن ڪنان، جيڪو سِينَن ۾ سور، پڻ مَڃِيندڙن لئي مُور، رَهبرِي ۽ رَحمتون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل أَرَءَيتُم ما أَنزَلَ اللَّهُ لَكُم مِن رِزقٍ فَجَعَلتُم مِنهُ حَرامًا وَحَلٰلًا قُل ءاللَّهُ أَذِنَ لَكُم أَم عَلَى اللَّهِ تَفتَرونَ (آيت : 59)

چؤ ته ڪي ڏسو ٿا ته الله روزيءَ مان جيڪي اوھان ڏانھن لاٿو آھي پوءِ منجھانئس اوھان (پاڻ) ڪُجھ حرام ۽ ڪُجھ حلال ڪيو آھي، چؤ ته الله اوھان کي موڪل ڏني آھي ڇا؟ يا الله تي ٺاھ ٺاھيندا آھيو؟(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر!) تون انهن (انڪار ڪندڙن) کي چئو ته، ڇا توهان هن ڳالهه تي به ڪڏهن غور ڪيو آهي ته جيڪا روزي الله تعاليٰ اوهان لاءِ پيدا ڪئي آهي تنهن مان ڪن شين کي توهان (فقط پنهنجي وهمن ۽ گمانن جي ڪري) حرام ٺهرايو آهي ۽ ڪن کي حلال سمجهيو آهي؟ تون کانئن پڇ ته (هي جو توهان حلال حرام جا حڪم لڳايا آهن سو اوهان کي) الله تعاليٰ انهيءَ جي اجازت ڏني آهي ڇا؟ يا توهان الله تعاليٰ تي بهتان ٺاهي ويٺا آهيو؟(علامه علي خان ابڙو)


رسولِ عربي توهان فرمايو (ڪافرن کي) ته ڇا توهان مون کي اهو ٻُڌائيندا ته الله توهان لاءِ رزق موڪليو پوءِ توهان ان مان حلال ۽ حرام مقرر ڪيو آهي، توهان فرمايو ته ڇا الله تعالى حلال حرام جي توهان کي اجازت ڏني آهي يا توهان الله تي ڪوڙ مڙهيو ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول! کين) چئو ته اوهان جو ڇا خيال آهي. جا روزي خدا توهان تي نازل ڪئي آهي. پوءِ اوهان ان مان ڪنهن کي حرام ۽ ڪنهن کي حلال ڪرڻ لڳا. (اي رسول!) چوين ته ڇا الله اوهان کي (ان ڳالھ جي) اجازت ڏني آهي يا الله تي ڪوڙ گهڙيو ٿا؟(سيد فرمان علي)


فرماءِ ته: خبر ڏيو جيڪو لاٿو الله اوهان جي لاءِ رزق پوءِ ڪيو اوهان ان مان حرام ۽ حلال فرماءِ ته: ڇا الله موڪل ڏنائين واسطي اوهان جي يا الله تي بهتان هڻو ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي پيغمبر! کين) چؤ ته مون کي ٻڌايو ته جا روزي الله اوهان لاءِ لاٿي آهي پوءِ اوهان ان مان ڪنهن کي حرام ۽ ڪنهن کي حلال ڪيو آهي. چئو ته ڇا الله اوهان کي (ان جي) اجازت ڏني آهي يا الله تي ڪوڙ گهڙيو ٿا؟ (مولانا محمد مدني)


چؤ مون کي ٻڌايو! ته جا روزي الله اوهان لاءِ لاٿي آهي پوءِ اوهان ان مان ڪنهن کي حرام ۽ ڪنهن کي حلال بنايو آهي. چؤ ته ڇا الله اوهان کي ان جي اجازت ڏني آهي؟ يا اوهان الله تي ٺاههُ ٺاهيو ٿا؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چئو رَحمت سان ربَّ جي، پڻ اُن ڀلي ڀال، پوءِ ڪريون اِن مَٿي، خُوشيون خُوب خيال، ڀَلو اِي بحال، ميڙينِ، تِنهن مال کَـئـون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَما ظَنُّ الَّذينَ يَفتَرونَ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ يَومَ القِيٰمَةِ إِنَّ اللَّهَ لَذو فَضلٍ عَلَى النّاسِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَشكُرونَ (آيت : 60)

۽ جيڪي الله تي ڪوڙ ٺاھيندا آھن تن کي قيامت جي ڏينھن ڪھڙو گمان آھي (ته کين) عذاب نه ڪندو ڇا؟ بيشڪ الله ماڻھن تي ضرور وڏي فضل ڪرڻ وارو آھي پر اُنھن مان گھڻا شڪرانو نه ڪندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (جن ماڻهن جي جرئتن جو اهو حال آهي جو) الله جي نالي تي ڪوڙ هڻي ٺاهه ٺاهي رهيا آهن، تن قيامت جي ڏينهن بابت ڇا سمجهيو آهي، (ائين ٿا سمجهن ڇا ته الله جي طرف کان سندن ڪوڙن ۽ بدعملن لاءِ پڇاڻو ٿيڻوئي ڪونهي؟) حقيقت هيءَ آهي ته الله تعاليٰ انسانن جي لاءِ وڏي فضل وارو آهي (جو عملن جي سزا جو وڏو حصو آخرت لاءِ رکي ڇڏيو اٿس ۽ دنيا ۾ سڀني کي مهلت گهڻي حد تائين ڏئي ڇڏي اٿس) تنهن هوندي به هنن ۾ اڪثر ماڻهو اهڙا آهن جيڪي بلڪل بي شڪر آهن.(علامه علي خان ابڙو)


۽ ڪهڙو گمان آهي انهن ماڻهو جو جيڪي الله تي ڪوڙ مڙهين ٿا ته قيامت جي ڏينهن انهن سان ڇا ٿيندو؟ بيشڪ الله تعالى ماڻهن تي فضل ڪندڙ آهي، پر اڪثر ماڻهو الله جو شڪر نٿا ڪن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جيڪي خدا تي ڪوڙ گهڙين ٿا، تن جو قيامت جي ڏينهن بابت ڇا خيال آهي؟ بيشڪ خدا ماڻهن تي وڏو فضل (۽ ڪرم) آهي. پر گهڻا هنن مان شڪر نه ٿا ڪن.(سيد فرمان علي)


۽ ڪهڙو آهي گمان انهن جو جيڪي ٺاهي هڻن ٿا الله تي ڪوڙ قيامت جي ڏينهن بيشڪ الله البته ڀلائيءَ وارو آهي ماڻهن تي ۽ پر اڪثر انهن مان نه ٿا شڪر ڪن.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جيڪي الله تي ڪوڙ گهڙين ٿا تن جو قيامت جي ڏينهن بابت ڇا خيال آهي؟ بيشڪ الله ماڻهن تي فضل ڪرڻ وارو آهي، پر گهڻا انهن مان شڪر نه ٿا ڪن. (مولانا محمد مدني)


۽ ڇا خيال آهي؟ قيامت جي ڏينهن بابت انهن ماڻهن جو جيڪي الله تي ڪوڙو ٺاههُ ٺاهن ٿا. (ته انهن سان ڇا معاملو ڪيو ويندو) بيشڪ الله ماڻهن مٿان فضل فرمائڻ وارو آهي ۽ پر انهن مان گهڻا شڪر ڪونه ٿا ڪن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چئو، ته ڏِٺان، قُوت اوهان تي، جو لاٿو جَلَّ جلال، پوءِ اوهان لئـِي ٺاهيو، اُن مَنجھان حرام ۽ حلال، چئو، ڇاڪِ آن کي، اِذن ڏنو، مالڪ بي مثال؟ يا جوڙيو جُڙتو ڳالھ، اوهين خود الله تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَما تَكونُ فى شَأنٍ وَما تَتلوا مِنهُ مِن قُرءانٍ وَلا تَعمَلونَ مِن عَمَلٍ إِلّا كُنّا عَلَيكُم شُهودًا إِذ تُفيضونَ فيهِ وَما يَعزُبُ عَن رَبِّكَ مِن مِثقالِ ذَرَّةٍ فِى الأَرضِ وَلا فِى السَّماءِ وَلا أَصغَرَ مِن ذٰلِكَ وَلا أَكبَرَ إِلّا فى كِتٰبٍ مُبينٍ (آيت : 61)

۽ ڪنھن حال ۾ نه ھوندو آھين ۽ الله جي طرف کان آيل قرآن مان جيڪي نه پڙھندو آھين ۽ ڪوبه ڪم اوھين نه ٿا ڪريو جڏھن منجھس لڳا رھندا آھيو ته اسين ئي اوھان وٽ حاضر آھيون، ۽ تنھنجي پالڻھار کان ذري جيترو نڪي زمين ۾ نڪي آسمان ۾ ڳجھو رھندو آھي ۽ نڪي اُن کان ٿورو ۽ نڪي گھڻو پر (سڀ) پڌري ڪتاب ۾ (لکيل) آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (اي پيغمبر!) تون ڪهڙي به حال ۾ هجين ۽ قرآن جي ڪا آيت به پڙهي ٻڌائيندو هجين، ۽ (اي انسانو) اوهان ڪوبه ڪم ڪندا هجو ته به اسان اوهان کي اهو ڪم ڪندي ڏسون ٿا. زمين ۾ ۽ آسمان ۾ ڪا ذري برابر شيء به تنهنجي پروردگار کان ڳجهي ناهي. انهيءَ کان به ننڍي يا وڏي شيءِ ڪابه ڪانهي جا واضح ۽ چٽي ڪتاب ۾ درج ٿيل نه هجي (يعني الله تعاليٰ کي سڀ ڪجهه معلوم آهي ۽ سڀني شين تي سندس نگاهه ۽ ضابطو آهي.)(علامه علي خان ابڙو)


۽ اي رسولِ عربي جيڪڏهن توهان ڪنهن ڪم ۾ آهيو يا الله جي طرفان قرآن ڪريم پڙهو ٿا يا جيڪو عمل توهان (مؤمن) ڪريو ٿا ته اسين توهان تي شاهد آهيون جڏهن توهان اهو ڪم شروع ڪريو ٿا، ۽ الله تعالى کان ذري برابر به ڪا شيءِ زمينن ۽ آسمانن ۾ غائب نٿي رهي ۽ نه ان کان ننڍي شيءِ ۽ نه ان کان وڏي شيءِ مگر (هر شيءِ) لوحِ محفوظ ۾ موجود آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (اي رسول!) تون (چاهي) ڪهڙي به حالت ۾ هجين ۽ قرآن جي ڪهڙي به آيت تلاوت ڪرين ٿو۽ (انسانو) اوهين ڪهڙو به عمل ڪري رهيا هجو اسين (هر وقت) جڏهن اوهين ان ۾ لڳو ٿا ته اوهان کي ڏسندا رهون ٿا ۽ اوهان جي پروردگار کان ذري جيتري ڳالھ به ڳجهي رهي نٿي سگهي. نه زمين ۾ ئي نه آسمان ۾ ۽ نه ڪا شيءِ ننڊي هجي يا ان کان وڏي شيءِ، پر اوهان ظاهر ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ ضرور (لکيل) آهي.(سيد فرمان علي)


۽ نه ٿو هجين تون ڪنهن حال ۾ نه ٿو پڙهين ان مان ڪجھ قرآن ۽ نه ٿا ڪيو اوهان ڪو عمل مگر جو هوندا آهيون اسين اوهان تي حاضر جڏهن مصروف هوندا آهيو ان ۾ ۽ نه ٿو غائب رهي رب تنهنجي کان ڪو وزن ذري جو زمين ۾ ۽ نه آسمان ۾ ۽ نه ننڍو ان کان ۽ نه وڏو پر اهو ڪتاب کليل ۾ آهي.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽(اي پيغمبر !) تون ڪنهن حال ۾ به ٿئين ٿو ۽ تون الله جي طرفان (آيل) قرآن مان جو ڪجهه به پڙهين ٿو ۽ ڪوبه ڪم اوهين ڪريو ٿا ته اسين اوهان کان باخبر هوندا آهيون جڏهن ان ۾ شروع ٿيو ٿا. ۽ تنهنجي پاليندڙ کان ذري جيترو نه ڪي زمين ۾ ۽ نه ڪي آسمان ۾ ڳجهو رهي ٿو. ۽ نه ان کان تمام ننڍي ۽ نه تمام وڏي شيءِ (لڪل) آهي پر اها ظاهر ڪتاب ۾ (لکيل) آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ (اي نبي) تون ڪنهن به حال ۾ هجين ۽ تون ان (الله) جي طرفان جو ڪجهه به قرآن پڙهين ۽ (اي امت وارؤ!) اوهان به جيڪي به عمل ڪيو مگر اسان اوهان مٿان شاهد هوندا آهيون ۽ جڏهن اوهان ان ۾ مشغول ٿيو ٿا. ته تنهنجي پالڻهار کان هڪ ذري برابر به (ڪا شيءِ) نه زمين ۾ پوشيده آهي ۽ نه آسمان ۾ ۽ نه ان (ذري) کان ننڍي ۽ نه وڏي. مگر اُها پڌري ڪتاب (يعني لوح محفوظ) ۾ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جي ٻَڌن ڪُوڙ ڪِريم تي، تن ڪيو ڪِهڙو خيال، ڏاڍي ڏينهن قيام لئي؛ مولا ماڻهن نال، بي شڪ ڪندڙ ڀال، پر اَڪثر نه ڳالهائـِينِ اُنهن مَنجھان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَلا إِنَّ أَولِياءَ اللَّهِ لا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 62)

خبردار! الله جي پيارن کي نڪي ڀؤ آھي ۽ نڪي اُھي غمگين رھندا.(علامه تاج محمود امروٽي)


ياد رکو ته، جيڪي الله جا دوست آهن تن جي لاءِ نه ڪنهن طرح جو خوف هوندو، نه وري ڪنهن به طرح جي غمگيني.(علامه علي خان ابڙو)


خبردار ! بيشڪ الله تعالى جي ولين تي ڪو خوف ناهي ۽ نه اهي ڏکوئبا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ياد رکو! ته خدا جي دوستن تي (قيامت ۾) نه ته ڪو به خوف هوندو ۽ نه (وري اهي) غمگين ئي ٿيندا.(سيد فرمان علي)


خبردار بيشڪ الله جا ولي ڪونهي ڪو خوف انهن تي ۽ نه اهي غمگين ٿيندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ياد رکو! ته الله جي دوستن تي نه ڊپ آهي ۽ نه ڪي اهي غمگين ٿيندا. (مولانا محمد مدني)


خبردار! بيشڪ الله جي دوستن کي نه ڪو خوف آهي ۽ نه اُهي ڏکارا ٿيندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ تُنهنجي پرور پاڪ کان، توڙ نه لِڪي ڪنهن طور، زمين، آسمان ۾، هڪ تِرورِي جِي تور، نِپٽ نَنڍو اُن ڪنان، يا وڏو، زِياده ۽ نه هوندِين ڪنهن هاج ۾، نه بابت تنهن بِيان، پَڙِهين ڪُجھ قرآن مان، پڻ ڪن ڪمائـِي ڪانه، مگر آهيون اُن مٿي، گُواه بي گمان، اُنهِيءَ ۾ عيان، جڏهن پَلپَل آهيو پَلٽنڊا. زور، مگر ڀُڪو ڀور، چِٽيل، چِٽِئَ چِٺِيءَ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


الَّذينَ ءامَنوا وَكانوا يَتَّقونَ (آيت : 63)

جن ايمان آندو ۽ پرھيزگاري ڪئي اٿن.(علامه تاج محمود امروٽي)


اهي ئي ماڻهو آهن جن (سچيءَ طرح) ايمان آندو ۽ (زندگي اهڙيءَ طرح گذاريائون جو) برائين ۽ گناهن کان بچندا رهيا.(علامه علي خان ابڙو)


اِهي اُهي ماڻهو آهن جن ايمان آندو ۽ پرهيزگاري اختيار ڪيائون(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


هي اهي ماڻهو آهن جن ايمان آندو ۽ (دنيا ۾ خدا کان) ڊڄندا هئا.(سيد فرمان علي)


اهي جن ايمان آندو ۽ پرهيزگار بڻيا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(هي اُهي آهن) جن ايمان آندو آهي ۽ اهي پيا ڊڄن. (مولانا محمد مدني)


اُهي آهن جن ايمان آندو ۽ پرهيزگاري ڪيائون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


دوست ڌڻيءَ جا، تن لَئي، نه ڪو خوف خيال، پڻ هرگز ڪِنهين حال، ڳَـڻتِي نه ڪَن، ڪِنهن ڳالھ جِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


لَهُمُ البُشرىٰ فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَفِى الءاخِرَةِ لا تَبديلَ لِكَلِمٰتِ اللَّهِ ذٰلِكَ هُوَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 64)

تن لاءِ دُنيا جي حياتي ۽ آخرت ۾ خوشخبري آھي، الله جي حُڪمن کي ڪا ڦير گھير ڪانھي، اھائي وڏي مُراد ماڻڻ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


انهن (سچن مؤمنن) لاءِ دنيا جي زندگيءَ ۾ به (ڪامراني ۽ سعادت جي) خوشخبري آهي ۽ آخرت جي زندگيءَ ۾ به. الله جا فرمان (۽ قانون) اڻٽر آهن. ڪڏهن به بدلجڻ وارا نه آهن ۽ اهائي سڀ کان وڏي فتح ۽ ڪامراني آهي (جا فرمانبرداري انسان کي نصيب ٿي سگهي ٿي).(علامه علي خان ابڙو)


انهن لاءِ دنيا ۽ آخرت ۾ بشارت (ڪاميابي جي) آهي، الله تعالى پنهنجي وعدي کي تبديل نٿو ڪري، اها اها عظيم ڪاميابي آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


انهن لاءِ ئي دنيا جي حياتي ۽ آخرت ۾ (به) خوش خبري آهي. خدا جا ڪلمات نٿا بدلجن، اها ئي ته وڏي ڪاميابي آهي.(سيد فرمان علي)


واسطي انهن جي آهي بشارت دنيا جي حياتيءَ ۾ ۽ آخرت ۾ ڪونهي تبديلي واسطي حڪمن الله جي اهائي ڪاميابي وڏي آهي.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


انهن لاءِ دنيا جي حياتيءَ ۾ ۽ آخرت ۾ خوشخبري آهي. الله جون ڳالهيون نه ٿيون بدلجن. اها ئي وڏي ڪاميابي آهي. (مولانا محمد مدني)


انهن لاءِ خوشخبري آهي دنياوي زندگي ۾ ۽ آخرت ۾. الله جي ڳالهين ۾ ڪا تبديلي ناهي اها ئي زبردست ڪاميابي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


مَڃيو جن مورهين، پڻ ڪَنبيا ڀَر قهار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلا يَحزُنكَ قَولُهُم إِنَّ العِزَّةَ لِلَّهِ جَميعًا هُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 65)

۽ سندن چوڻ توکي نه ڏکوئي، بيشڪ سڀ غلبو الله جو ئي آھي، اُھو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (اي پيغمبر!) منڪرن جي (دشمنيءَ جي) ڳالهين تي تون غم نه ڪر. سڀ عزتون الله جي لاءِ ئي آهن (هو جنهن کي چاهي تنهن کي عزت ڏئي ۽ جنهن کي چاهي تنهن کي خوار خراب ڪري) هو ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو)


رسولِ عربي توهان کي ڪافرن جو ڳالهيون غمگين نه ڪن، بيشڪ سموري عزت الله تعالى لاءِ آهي، اهوئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (اي رسول!) انهن (ڪافرن) جي ڳالهين تي تون ڏک نه ڪندو ڪر! بيشڪ سڀ زور الله کي ئي آهي. اهو ئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.(سيد فرمان علي)


۽ نه غمگين ڪري توکي چوڻ انهن جو بيشڪ عزت الله جي لاءِ ئي آهي سموري اهوئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ (اي پيغمبر !) توکي انهن جي ڳالهه غمگين نه ڪري. بيشڪ سڀ زور الله کي آهي. اهو ئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ انهن جي ڳالهه تو کي ڏکارو نه ڪري. بيشڪ سڀ عزت الله لاءِ آهي. اهو ئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


خاصيون کيرون تن لئي، مَنجھ نِپٽ ننڍِي ڄمار، ۽ پڻ آخرت ۾؛ ۽ قلمن ۾ ڪلتار، نه لَهندِين ڦيڙڦاڙ، سَڀنيان وَڏِي سوڀ اِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


أَلا إِنَّ لِلَّهِ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَمَن فِى الأَرضِ وَما يَتَّبِعُ الَّذينَ يَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ شُرَكاءَ إِن يَتَّبِعونَ إِلَّا الظَّنَّ وَإِن هُم إِلّا يَخرُصونَ (آيت : 66)

خبردار بيشڪ جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو الله جو آھي، ۽ جيڪي الله کانسواءِ ٻـين شريڪن جي عبادت ڪندا آھن سي (حقيقت ۾) گمان کانسواءِ ٻئي جي تابعداري نه ڪندا آھن ۽ اُھي رڳو اٽڪلون ڪندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


ياد رکو ته، اهي هستيون جي آسمانن ۾ آهن ۽ اهي جي زمين ۾ آهن سي سڀ الله ئي جي حڪم لاءِ آهن (۽ سندس فرمانن جون تابعدار آهن) ۽ جيڪي ماڻهو الله کان سواءِ پنهنجي ٺهرايل شريڪن کي پڪارين ٿا تن بابت توهان کي خبر آهي ته هو ڪهڙي ڳالهه جي پيروي ٿا ڪن (ڇا يقين ۽ بصيرت جي پيروي ٿا ڪن؟ نه هرگز نه) هو فقط وهمن ۽ گمانن جي پيروي ڪري رهيا آهن. هو (هر ڳالهه ۾) فقط اٽڪلون هلائي رهيا آهن (۽ باطل جي پٺيان لڳي رهيا آهن).(علامه علي خان ابڙو)


خبردار ! بيشڪ الله تعالى لاءِ اهي شيون آهن جيڪي آسمانن ۽ زمينن ۾ آهن، ۽ جيڪي ماڻهو الله تعالى کان سواءِ بُتن جي عبادت ڪن ٿا، اهي نٿا تابعداري ڪن مگر گمان جي ۽ اهي ته فقط اندازا ڪن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ياد رکو! ته بيشڪ جيڪا مخلوق آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي ماڻهو زمين ۾ آهن (مطلب ته سڀئي) الله جا آهن.۽ جيڪي خدا کي ڇڏي (ٻين کي) سڏن ٿا، اهي ته (خدا جي بنايل) شريڪن جي رستي تي به نٿا هلن پر اهي فقط پنهنجي اٽڪل (بازي) تي هلن ٿا ۽ اهي فقط وهمي ۽ خيالي ڳالهيون ڪندا آهن.(سيد فرمان علي)


خبردار بيشڪ الله جي لاءِ ئي آهي جيڪو ڪجھ آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪو ڪجھ زمين ۾ آهي ڪنهن جي ٿا تابعداري ڪن اهي جو پوڄين ٿا الله کان سواءِ شريڪن کي، نه ٿا تابعداري ڪن پر گمان جي ناهن اهي مگر ٿا اٽڪل ڪن.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


خبردار ٿيو! ته جيڪي آسمانن ۾ آهن ۽ جيڪي زمين ۾ آهن سي الله جا آهن. ۽ جيڪي الله کان سواءِ ٻين شريڪن (معبودن) کي سڏين ٿا سي (حقيقت ۾ انهن جي) پيروي نه ٿا ڪن. اهي رڳو (پنهنجي) خيال جي پيروي ڪن ٿا ۽ اهي رڳو ڪوڙ چون ٿا. (مولانا محمد مدني)


خبردار! بيشڪ جيڪو آسمانن ۾ آهي يا زمين ۾ آهي سڀ الله جو آهي. ۽ ڪهڙي شيءِ جي پيروي ڪري رهيا آهن اهي ماڻهو جيڪي الله کي ڇڏي (معبودانِ باطل) شريڪن کي پڪارن ٿا. اهي رڳو پنهنجي وهم جي پيروي ڪن ٿا ۽ اهي رڳو غلط اندازا لڳائيندا رهن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ نَه ڳارِينئـِي، ڳالھ اُنهن جِي، پوءِ طاقت سڀ تڪرار، آهي، الله هارِ، و سُڻندڙ ۽ سُڄاڻ گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


هُوَ الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الَّيلَ لِتَسكُنوا فيهِ وَالنَّهارَ مُبصِرًا إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَسمَعونَ (آيت : 67)

اُھو (الله) آھي جنھن اوھان لاءِ رات کي ھن ڪري بڻايو ته منجھس آرام ڪريو ۽ ڏينھن کي روشن بڻايائين، بيشڪ اُن ۾ ٻڌندڙ قوم لاءِ نشانيون آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


اهوئي (الله) آهي جنهن اوهان جي لاءِ رات جو وقت بنايو، انهيءَ لاءِ ته ان ۾ آرام وٺو ۽ ڏينهن جو وقت به بنايو ته ان ۾ (دنيا ۽ دنيائي شين کي) ڏسو وائسو. بيشڪ هن ڳالهه ۾ انهن ماڻهن لاءِ (الله جي ربوبيت جون) وڏيون ئي نشانيون آهن، جيڪي (حق جو ڪلام) ٻڌن (۽ سمجهن) ٿا.(علامه علي خان ابڙو)


الله تعالى اهو آهي جنهن توهان جي آرام لاءِ رات پيدا فرمائي ۽ رزق روزي لاءِ ڏينهن پيدا فرمايو، بيشڪ ان ڳالهه ۾ نشاني آهي ان قوم لاءِ جيڪي سمجھه رکن ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


هو، اهو ئي (الله) آهي جنهن اوهان جي فائدي لاءِ رات کي پيدا ڪيو آهي ته ان ۾ آرام ڪيو ۽ ڏينهن (بڻايو) ته سندس روشني ۾ سڏو وائسو. بيشڪ جن ماڻهن کي ٻڌڻ جا ڪن آهن انهن لاءِ ان ۾ (قدرت جو تمام سٺيون) نشانيون آهن.(سيد فرمان علي)


اهو (الله) اهو آهي جو (پيدا) ڪيائين اوهان لاءِ رات تانته آرام ڪيو ان ۾ ۽ ڏينهن کي روشن بيشڪ انهيءَ ۾ البته نشانيون آهن واسطي ان قوم جي جو ٻڌن ٿا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


هو اُهو آهي جنهن اوهان لاءِ رات کي پيدا ڪيو آهي ته ان ۾ آرام وٺو، ۽ ڏينهن کي روشن ڪيائين. بيشڪ ان ۾ ٻڌندڙ قوم لاءِ نشانيون آهن. (مولانا محمد مدني)


اُهو ئي آهي جنهن اوهان لاءِ رات بنائي ته جيئن ان ۾ آرام ڪيو ۽ ڏينهن کي روشن ڪيائين. بيشڪ ان ۾ ان قوم لاءِ نشانيون آهن، جيڪي ٻڌن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


سَمجھ ته صاحب پاڪ لئي، اُڀ، ڀون ۾ جيڪا جوڙ، جي سَڏِينِ شريڪ، سائينءَ ري، ڇاتي تن جي ڊوڙ؟ گُمراه ڪن، نه گُمان ري، ٻِي تابعدارِي توڙ، وَٽِينَ نِسورا نوڙ، اُهي ڪِينَ ڪُڇن ٻِيو، ڪوڙري.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قالُوا اتَّخَذَ اللَّهُ وَلَدًا سُبحٰنَهُ هُوَ الغَنِىُّ لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ إِن عِندَكُم مِن سُلطٰنٍ بِهٰذا أَتَقولونَ عَلَى اللَّهِ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 68)

ڪافر چون ٿا ته الله (پنھنجي لاءِ) اولاد ورتو آھي اُھو پاڪ آھي، اُھو بي پرواہ آھي، جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو ان جو آھي، ھن (پٽ جي چوڻ) بابت اوھان وٽ ڪا سَند نه آھي، جيڪي نه ڄاڻندا آھيو سو ڇو الله تي چوندا آھيو.(علامه تاج محمود امروٽي)


اهي چون ٿا ته، الله پنهنجو هڪ پٽ بنائي رکيو آهي. (پر) پاڪائي هجي الله جي لاءِ! هو ته (انهيءَ طرح جي گهرجن کان) آزاد ۽ بي نياز آهي (ڇو ته) جيڪي جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي جيڪي زمين تي يا زمين ۾ آهي سو سڀ سندس ئي لاءِ آهي (پوءِ پٽ جي ڪهڙي ضرورت پئي اٿس) توهان (مشرڪن) وٽ اهڙي ڳالهه چوڻ لاءِ ڪهڙو دليل اچي ويو آهي؟ ڇا توهان الله جي باري ۾ اهڙي ڳالهه چوڻ جي جرئت ٿا ڪيو، جنهن لاءِ توهان کي ڪو علم ئي ڪونهي.(علامه علي خان ابڙو)


ڪافر چون ٿا ته الله کي اولاد آهي، الله (انهي تهمت کان) پاڪ آهي ۽ پاڻ بي نياز آهي، الله لاءِ اهي شيون آهن جيڪي آسمانن ۾ آهن ۽ زمينن ۾ آهن، ڇا! توهان وٽ ان ڳالهه جي ڪا سَنَدَ موجود آهي، ڇا! توهان الله تي اهو ڪوڙ مڙهيو ٿا جيڪو توهان نٿا ڄاڻو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ماڻهن ته چئي ڏنو ته خدا (پنهنجي لاءِ) اولاد بنائي ڇڏيو آهي (اها ڳالھ محض لغو آهي) اهو (سڀني نقصن کان) پاڪ صاف آهي. اهو (هر طرح) بيپرواھ آهي. جيڪي آسمانن ۾ ۽ جيڪي زمين ۾ آهي سو (سڀ) سندس آهي. (جيڪي اوهين چئو ٿا) ان جو ڪو به دليل ته اوهان وٽ آهي ڪو نه، ڇا اوهين خدا تي (ائين ئي) بنا ڄاڻڻ جي ڪوڙ هڻو ٿا.(سيد فرمان علي)


چيائون ته ورتو الله اولاد پاڪائي آهي ان جي اهو بي نياز آهي ان جي لاءِ آهي جيڪو آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪو زمين ۾ آهي ناهي اوهان وٽ ڪو دليل هن جو ڇا چئو ٿا الله تي اهو جو نه ٿا ڄاڻو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


ڪافرن چيو ته الله (پنهنجي لاءِ) اولاد ورتو آهي. هو (ان کان) پاڪ آهي. هو بي پرواهه آهي. جيڪي آسمانن ۾ ۽ جيڪي زمين ۾ آهي سو سندس آهي. اوهان وٽ ان جي ڪا ثابتي نه آهي. ڇا الله تي اهو چئو ٿا جنهن جي اوهان کي خبر نه آهي. (مولانا محمد مدني)


چون ٿا ته الله پنهنجي لاءِ اولاد بنايو آهي اهو ان کان پاڪ آهي. اهو بي پرواهه آهي. ان جي مِلڪ آهي جو ڪجهه آسمانن ۽ زمين ۾ آهي.اوهان وٽ ان (شرڪ) جو ڪو دليل نه آهي. ڇا اوهان الله لاءِ اها ڳالهه چئو ٿا جيڪا ڄاڻو نه ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جِنهن جوڙيو آن لئي رات کي، ته ڪريو مَنجھسِ قَرار، ڏينهن ڪيائين ڏيہ ۾، چِٽائـِي چوڌار، اِن ۾ پَڌرا پار، سُڻن، تِنهن ساٿ لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل إِنَّ الَّذينَ يَفتَرونَ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ لا يُفلِحونَ (آيت : 69)

چؤ جيڪي الله تي ڪوڙو ٺاھ ٺاھيندا آھن سي نه ڇٽندا.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر!) تون چئو ته، بيشڪ جيڪي ماڻهو الله تي بهتان ٿا ٻڌن سي ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا.(علامه علي خان ابڙو)


رسولِ عربي توهان فرمايو ته جيڪي ماڻهو الله تي ڪوڙ مڙهين ٿا اهي ڪامياب نه ٿيندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول!) چوين ته بيشڪ جي ماڻهو خدا تي ڪوڙا بهتان ٻڌن ٿا اهي ڪڏهين ڪامياب نه ٿيندا.(سيد فرمان علي)


فرماءِ بيشڪ اهي شخص جو ٺاهي هڻن ٿا الله تي ڪوڙ نه ڪامياب ٿيندا- .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي پيغمبر! کين) چئو ته جيڪي الله تي ڪوڙ گهڙين ٿا سي ڪامياب نه ٿا ٿين. (مولانا محمد مدني)


چؤ ته بيشڪ اهي ماڻهو جيڪي الله تي ڪوڙو بهتان ٻڌن ٿا اُهي ڪامياب نه ٿيندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چي، ڌڻِي ڪُونئرا ڌاريو، پاڪ اِنهي کان پاڻ، بلڪل اُهو بي پرواه گھڻو؛ سڀ آهن اُنهِيء ڪاڻ، جيڪِي اُڀ، زمين ۾؛ ڪو اڳهان وَٽ اُهڃاڻ، صحيح اُن جِي ثابتِي، يا صاحب سِر سُڄاڻ، يا جنهن جو نه اوهان کي ڄاڻ، سو ڪَهو ربّ قهارکي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


مَتٰعٌ فِى الدُّنيا ثُمَّ إِلَينا مَرجِعُهُم ثُمَّ نُذيقُهُمُ العَذابَ الشَّديدَ بِما كانوا يَكفُرونَ (آيت : 70)

دنيا ۾ ٿورو آسودو گذران ھوندن وري اسان وٽ سندن موٽڻ آھي پوءِ کين انھي سببان سخت عذاب چکائينداسين جو ڪُفر ڪندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


انهن جي لاءِ فقط دنيا جوئي متاع آهي (جيئن ڍورن ڍڳن لاءِ به آهي) پوءِ (آخر) اسان ڏي موٽندا، پوءِ اسان کين سخت عذاب جو مزو چکائينداسين، انهيءِ لاءِ ته جيڪي ڪفر جون ڳالهيون (۽ ڪم) ڪري رهيا آهن تن جو نتيجو لوڙين.(علامه علي خان ابڙو)


(هَا) دنيا ۾ انهن کي ڪجھه نفعو حاصل ٿي سگھي ٿو ان کان پوءِ اسان ڏانهن سندن موٽڻ ٿيندو، ان کان پوءِ ڪفر سببان انهن کي اسين دردناڪ عذاب چکائينداسين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اهي دنيا) جي ٿورن ڏينهن جا فائدا آهن، پوءِ نيٺ ته اسان ڏي ئي اچڻو اٿن، پوءِ ڪفر جي سزا ۾ اسين کين سخت عذاب جا مزا چکائينداسون.(سيد فرمان علي)


ٿورو سامان آ دنيا جو تنهن کان پوءِ اسان ڏانهن آهي موٽڻ انهن جو ان کان پوءِ چکائنيداسون انهن کي عذاب سخت ان سببان جو ڪفر ڪندا هئا. ع(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(انهن لاءِ) دنيا ۾ (ٿورو) فائدو آهي وري کين اسان ڏي ئي موٽڻو آهي، پوءِ انهن کي سخت عذاب چکائينداسون هن ڪري جو اهي ڪفر پيا ڪن. (مولانا محمد مدني)


دنيا ۾ (ڪجھه ڏينهن جو) سامان آهي پوءِ اسان ڏانهن انهن جو موٽڻ آهي پوءِ اسان انهن کي سخت عذاب چکائينداسين ان ڪري جو اهي ڪفر ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چئو، ته اُهي اَلله تي، جي ڪن ٿا ڪُوڙ فتور، مُورک اُهي مُور، ڪَڏِهين ڇُٽنڊا ڪِين ڪِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَاتلُ عَلَيهِم نَبَأَ نوحٍ إِذ قالَ لِقَومِهِ يٰقَومِ إِن كانَ كَبُرَ عَلَيكُم مَقامى وَتَذكيرى بِـٔايٰتِ اللَّهِ فَعَلَى اللَّهِ تَوَكَّلتُ فَأَجمِعوا أَمرَكُم وَشُرَكاءَكُم ثُمَّ لا يَكُن أَمرُكُم عَلَيكُم غُمَّةً ثُمَّ اقضوا إِلَىَّ وَلا تُنظِرونِ (آيت : 71)

۽ نُوح جو قصو کين پڙھي ٻُڌاءِ، جڏھن پنھنجي قوم کي چيائين ته اي منھنجي قوم جيڪڏھن منھنجو رھڻ ۽ الله جي آيتن سان منھنجي نصيحت ڏيڻ اوھان تي ڳوري ٿي آھي ته الله تي ڀروسو ڪيم پوءِ پنھنجي ڪم ۽ پنھنجن شريڪن جي مدد سان گڏجي صلاح ڪريو پوءِ اوھان جو ڪم اوھان کان ڳجھو رھجي نه وڃي ته پوءِ مون سان ڪري گذرو ۽ مون کي ڍر نه ڏيو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (اي پيغمبر!) انهن کي حضرت نوح جو احوال ٻڌاءِ ته حضرت نوح پنهنجي قوم کي چيو هو ته، اي منهنجي قوم! جيڪڏهن توهان کي هيءَ ڳالهه تڪليف ٿي ڏئي ته مان (توهان کي اسلام جي دعوت ڏيڻ ۽ هدايت ڪرڻ لاءِ) اٿي کڙو ٿيو آهيان ۽ الله جي آيتن سان نصيحت ٿو ڪيان ته منهنجو ڀروسو فقط الله تعاليٰ تي آهي. پوءِ (منهنجي خلاف جيڪي به ڪرڻ چاهيو ٿا تنهن لاءِ) گڏجي ٺاهه ٺاهيو ۽ پنهنجي (ٺهرايل) شريڪن کي به پاڻ سان شامل ڪيو. پوءِ (جيڪو به توهان جي منصوبو تيار ٿئي تنهن کي چڱيءَ طرح سمجهي وٺو) جيئن ڪابه ضروري ڳالهه رهجي نه وڃي. پوءِ (جيڪي به منهنجي خلاف ڪرڻو اٿو سو) ڪري گذرو ۽ مونکي ذرو به مهلت نه ڏيو (۽ ڏسو ته آخر نتيجو ڇا ٿو نڪري؟)(علامه علي خان ابڙو)


۽ رسولِ عربي توهان انهن (مڪي وارين) کي نوح جي خبر ٻُڌايو جڏهن نوح پنهنجي قوم کي چيو ته اي منهنجي قوم جيڪڏهن منهنجي وڏي حياتي ۽ نصيحت توهان کي ڏُکي لڳي ٿي ته پوءِ الله تعالى تي منهنجو ڀروسو آهي پوءِ توهان ۽ توهان جا بُت (مون لاءِ) پنهنجي تدبير مضبوط ڪريو، پوءِ توهان مون سان کُلم کُلا مقابلو ڪريو ان کانپوءِ جيڪو وڻينو اُهو مون لاءِ ڪريو ۽ مون کي مهلت نه ڏيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي پيغمبر! کين) نوح جو قصو پڙهي ٻڌاءِ! جڏهن هن پنهنجي قوم کي چيو ته اي منهنجي قوم! جيڪڏهن منهنجو رهڻ ۽ خدا جي آيتن سان منهنجي نصيحت ڪرڻ اوهان کي ڏکي ٿي لڳي ته آءُ فقط الله تي ئي ڀروسو رکان ٿو. پوءِ اوهين ۽ اوهان جي شريڪ سڀئي گڏجي پنهنجو ڪم درست ڪريو جو توهان جي ڳالھ (جيئن توهان جي دل گهري) مون سان ڪريو ۽ مون کي (ساھ پٽڻ) جي به مهلت نه ڏيو.(سيد فرمان علي)


۽ پڙھ انهن جي مٿان خبر نوح جي جڏهن چيائين واسطي قوم پنهنجي اي منهنجي قوم! جيڪڏهن ڳرو ٿيو آهي اوهان تي رهڻ منهنجو ۽ نصيحت ڪرڻ منهنجي آيتن الله جي سان پوءِ الله تي توڪل ڪئي آهي مون پوءِ گڏ ڪيو امر پنهنجي کي ۽ شريڪن پنهنجن کي تنهن کان پوءِ نه هجي امر اوهان جو اوهان تي ڳجھو تنهن کان پوءِ ڪري وٺو مون سان (جيڪو ڪري سگھو) ۽ نه مهلت ڏيو مون کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي پيغمبر! کين) نوح جو قِصو پڙهي ٻڌاءِ! جڏهن ان پنهنجي قوم کي چيو ته اي منهنجي قوم! جيڪڏهن منهنجو ويهڻ ۽ الله جي آيتن سان منهنجي نصيحت ڪرڻ اوهان لاءِ ڏکوئيندڙ ٿي آهي ته الله تي ئي مون ڀروسو ڪيو پوءِ اوهين پنهنجن شريڪن سان گڏ پنهنجي ڪم جو پڪو ارادو ڪريو. پوءِ اوهان جو ڪم اوهان کان ڳجهو نه رهي پوءِ مون سان (جيڪي وڻيوَ سو) ڪري گذرو ۽ مون کي ڀلي مُهلت نه ڏيو. (مولانا محمد مدني)


۽ انهن کي نوح جو قصو پڙهي ٻڌاءِ. جڏهن پنهنجي قوم کي چيائين:”اي منهنجي قوم! جيڪڏهن اوهان کي منهنجو رهڻ ۽ الله جي آيتن سان نصيحت ڪرڻ ڏکيو لڳي ٿو ته پوءِ مون الله تي ڀروسو ڪيو آهي پوءِ اوهان گڏجي پنهنجي سازش پختي ڪيو ۽ پنهنجي شريڪن کي به (گڏ ملايو) پوءِ اوهان جي سازش اوهان (جي جماعت) تي لڪل نه هجي پوءِ اوهان مون سان (جيڪي وڻي سو) ڪيو ۽ ڀلي مون کي مهلت نه ڏيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


ڪودَم دُنيا جو فائدو، پوءِ آهي، اسان جي پار، موٽِي، موٽڻ تن جو، تِنهان پوءِ تَڪرار، چَکائـِينداسُون چڱِيءَ طرح، اُهکو ڪو آزار، جيڪِي ڪندا هئا ڪُفار، عيوض اُن اِنڪار جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَإِن تَوَلَّيتُم فَما سَأَلتُكُم مِن أَجرٍ إِن أَجرِىَ إِلّا عَلَى اللَّهِ وَأُمِرتُ أَن أَكونَ مِنَ المُسلِمينَ (آيت : 72)

پوءِ جيڪڏھن (منھنجي چوڻ کان) ڦريؤ (ته ڇا ٿيو) مون اوھان کان ڪو اجورو نه گھريو ھو، منھنجو اُجورو الله کانسواءِ ٻئي تي نه آھي ۽ مون کي حُڪم ڪيو ويو آھي ته مُسلمانن مان ھجان.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ جيڪڏهن (انهيءَ تي به توهان باز نه آيا ۽) مون کان منهن موڙي ڇڏيو ته (ياد رکو ته پنهنجو ئي نقصان ڪندؤ) مان جيڪي به ڪري رهيو آهيان تنهن لاءِ توهان کان ڪابه مزوري ڪڏهن به ڪانه گهريم. منهنجي مزوري (اجر) ته الله کان سواءِ ٻئي ڪنهن وٽ به ناهي. مون کي (خدا وٽان) حڪم ڏنو ويو آهي، ته سندس فرمانبردار ٻانهن جي جماعت ۾ شامل رهان.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ جيڪڏهن توهان (منهنجي نصيحت کان) انڪار ڪريو ٿا ته پوءِ آئون توهان کان ڪو اجورو طلب نٿو ڪريان، منهنجو ثواب الله تعالى وٽ آهي ۽ مون کي فرمانبرداريءَ جو حڪم ڪيو ويو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ به جيڪڏهن اوهان (منهنجي نصيحت کان) منهن موڙيو ته مون اوهان کان به مزوري ته گهري ڪين هئي. منهنجي مزوري ته فقط خدا تي ئي آهي ۽ (ان کان ئي) مون کي حڪم مليل آهي ته آءُ سندس فرمانبردار بندن مان ٿيان. (سيد فرمان علي)


پوءِ جيڪڏهن منهن موڙيو اوهان ته پوءِ نه گھريو مون اوهان کان ڪو اجورو ناهي اجورو منهنجو مگر الله تي ۽ امر ڪيو ويو آهيان مان ته هجان فرمانبردار .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ جيڪڏهن اوهان منهن موڙيو ته (مون کي ڪو نقصان نه آهي) مون اوهان کان ته ڪا مزدوري نه گهري آهي منهنجي مزدوري الله کان سواءِ ٻي تي نه آهي ۽ مون کي حڪم ڪيو ويو آهي ته آءُ فرمانبردارن مان ٿيان. (مولانا محمد مدني)


پوءِ به جيڪڏهن اوهان منهن موڙيو ته (منهنجو ڇا نقصان آهي) مون ته اوهان کان ڪا مزدوري نه گهري آهي. منهنجي مزدوري ته صرف الله تي آهي ۽ مون کي امر ڪيو ويو آهي ته آءٌ مسلمانن مان هجان“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پَڙھ تون نبيءَ نُوح جو، تن تي ذِڪر ضَرور، جڏهن چيائـِين سَندسِ قوم کي، ته مُنهنجا مِٽ مغرور!، جي آن تي، بَڙو بار ٿيو، مُنهنجو هِت حُضور، پڻ سائـِينءَ جي سَگھن سان، مُنهنجو هِي مَذڪور، پوءِ مُنهنجو آهي مُور، ڀَرَوسو اَلله تي پوءِ ميڙيو پَنهنجِي پُهچ کي، پڻ پَنهنجا سَڀ پَتيار، ورِي اَهنجو ڪم اوهان تي، لِڪَل نه هوئي لَغار، پوءِ ٿِيو تَم تيار، ۽ مُهلت نه ڏيومِ مُورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَكَذَّبوهُ فَنَجَّينٰهُ وَمَن مَعَهُ فِى الفُلكِ وَجَعَلنٰهُم خَلٰئِفَ وَأَغرَقنَا الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُنذَرينَ (آيت : 73)

پوءِ کيس ڪوڙو ڀانيائون پوءِ کيس ۽ جيڪي ٻيڙي ۾ ساڻس ھوا تن کي بچايوسون ۽ کين انھن (ڪافرن) جو جانشين ڪيوسون ۽ جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڀانيو تن کي ٻوڙيوسون، پوءِ ڏس ته جن کي ڊيڄاريو ويو تن جي پڇاڙي ڪھڙي طرح ٿي.(علامه تاج محمود امروٽي)


تنهن هوندي به (هوس پرست انڌن) ماڻهن کيس (يعني حضرت نوح کي) ڪوڙو سمجهي نه مڃيو. پوءِ اسان کيس ۽ سندس ماڻهن (يعني مٿس ايمان آڻيندڙن) کي جيڪي ساڻس ٻيڙيءَ ۾ سوار هئا (طوفان ۽ ٻوڏ کان) بچائي ورتو ۽ (غرق ٿيل قوم جو) جانشين بنايو ۽ جن ماڻهن اسان جون آيتون (نشانيون) ڪوڙيون سمجهي نه مڃيو تن کي اسان (ٻوڏ ۾) ٻوڙي غرق ڪري ڇڏيو. پوءِ ڏس ته انهن ماڻهن جو ڪهڙو حشر ٿيو جن کي (انڪار ۽ سرڪشيءَ جي نتيجن کان) خبردار ڪيو ويو هو.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ انهن (حضرت) نوح کي ڪوڙو سمجھو پوءِ اسان نوح کي سندس ساٿين سميت ٻيڙي ۾ نجات ڏني ۽ اسان انهن کي جاءِ نشين بنايو، ۽ جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو سمجھو انهن کي غرق ڪيوسين، پوءِ رسولِ عربي توهان ڏسو ته بي فرمانن جي پڇاڙي ڪهڙي ٿئي ٿي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


تنهن تي هنن کيس ڪوڙو ڪيو ته اسان کيس ۽ ساڻس گڏ جيڪي به ٻيڙي ۾ (سوار) هئا (تن کي) نجات ڏني ۽ کين (اڳين جو) جانشين ڪيو ۽ جن ماڻهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو هو تن کي ٻوڙي ماريوسين پوءِ ٿورو غور ڪريو ته جيڪي (عذاب کان) ڊيڄاريا ويا هئا تن جي ڪهڙي نه (بڃڙي) پڇاڙي ٿي.(سيد فرمان علي)


پوءِ ڪوڙو چيائون ان کي پوءِ ڇڏايوسون ان کي ۽ انهن کي جيڪي گڏ هئا ان سان ٻيڙيءَ ۾ ۽ ڪيوسون انهن کي جاءِ نشين ۽ ٻوڙيوسون انهن کي جو ڪوڙو ڪيائون آيتن اسان جن کي پوءِ ڏس ته ڪيئن هئي پڇاڙي ڊيڄاريلن جي.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ ان کي ڪوڙو ڪيائون پوءِ اسان ان کي ۽ جيڪي ساڻس ٻيڙيءَ ۾ هئا تن کي بچايو ۽ انهن کي جانشين ڪيو سون. ۽ جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو تن کي ٻوڙيوسون. پوءِ (اي پيغمبر !) ڏس ته جن کي ڊيڄاريو ويو تن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي؟ (مولانا محمد مدني)


پوءِ ان کي ڪوڙو چيائون پوءِ اسان کيس ۽ جيڪي ساڻس ٻيڙي ۾ گڏ هئا تن کي بچايو ۽ انهن کي (ڌرتي تي) جانشين بنايوسين ۽ جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو چيو هيو تن کي ٻوڙيوسين. پوءِ ڏس ته انهن ماڻهن جو انجام ڪيئن ٿيو؟ جن کي ڊيڄاريو ويو هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ، جي مُنهن موڙيان، ته مُون نه گُھريا ڪو مال، آهي رُڳو اَلله تي، ڀاڙو سَندمِ بَحال، وِيَمِ چيو ان چال، ته هُجان مَڃِيندڙن مان مُورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ثُمَّ بَعَثنا مِن بَعدِهِ رُسُلًا إِلىٰ قَومِهِم فَجاءوهُم بِالبَيِّنٰتِ فَما كانوا لِيُؤمِنوا بِما كَذَّبوا بِهِ مِن قَبلُ كَذٰلِكَ نَطبَعُ عَلىٰ قُلوبِ المُعتَدينَ (آيت : 74)

پوءِ اُن (نوح) کانپوءِ (گھڻا) پيغمبر سندن قوم ڏانھن موڪلياسون پوءِ وٽن پڌرن مُعجزن سان آيا پوءِ اھڙا نه ھوا جو جنھن شيء کي پھريائين ڪوڙ ڀانيو ھئائون تنھن تي ايمان آڻين، اھڙي طرح حد کان لنگھندڙن جي دلين تي مھر ھڻندا آھيون.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ حضرت نوح بعد اسان (ڪيترائي) رسول سندن قومن ۾ پيدا ڪيا. اهي هنن ڏانهن روشن دليل کڻي آيا هئا، تڏهن به سندن قومون جيڪا ڳالهه اڳ ئي ڪوڙي سمجهي نه مڃي هئائون تنهن کي (دليل ڏسي به) مڃڻ لاءِ تيار نه هيون، (سو ڏسو ته) جيڪي ماڻهو (سرڪشي ۽ فساد ۾) حدن کان ٻاهر لنگهي ٿا وڃن، تن جي دلين تي اسان اهڙيءَ طرح مهر لڳائي ٿا ڇڏيون (جو پوءِ ڪڏهن به عقل ۽ بصيرت جي سڌي واٽ تي اچي نٿا سگهن.)(علامه علي خان ابڙو)


ان کان پوءِ اسان رسول موڪليا سندن قومن ڏانهن، پوءِ رسولن پنهنجا معجزا آندا، پوءِ اهي اهڙا نه هئا جو ايمان آڻن ان تي جنهن جو اڳ ۾ انڪار ڪري چُڪا هُئا، اسين ڪافرن جي دلين تي اهڙي طرح مُهر لڳايون ٿا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


وري! اسان نوح کان پوءِ ٻين رسولن کي پنهنجي (پنهنجي) قوم ڏي موڪليوسين اهي پيغمبر وٽن ظاهر معجزا وٺي آيا تڏهن به جنهن ڳالھ کي اهي شروع ۾ ڪوڙو ڪري چڪا هئا تنهن تي ايمان (نه آڻڻو هون سو) نه آندائون. اسين اهڙي طرح حد کان لنگهندڙن جي دل تي (ڄڻ ته پاڻ) مهر هڻون ٿا. (سيد فرمان علي)


تنهن کان پوءِ موڪلياسون ان کان بعد رسول (پنهنجين) پنهنجين قومن ڏانهن پوءِ آيا انهن وٽ پوءِ نه هئا تانته ايمان آڻين ان تي جو ڪوڙو چيو هيائون ان کي اڳ ۾ اهڙيءَ طرح مهر ٿا هڻون دلين سرڪشن جي تي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


وري نوح کان پوءِ ڪيترا رسول سندن قوم ڏي موڪلياسون. پوءِ اهي انهن وٽ ظاهر دليل کڻي آيا پوءِ جنهن کي انهن هن کان اڳي ڪوڙو ڪيو هو تنهن تي اهي ايمان آڻڻ وارا نه هئا. اهڙيءَ طرح حد کان لنگهندڙن جي دلين تي مُهر هڻون ٿا. (مولانا محمد مدني)


پوءِ ان کان پوءِ اسان (ڪيترائي) رسول انهن جي قومن ڏانهن موڪليا پوءِ اُهي انهن وٽ چِٽا دليل کڻي آيا پوءِ اهي به اهڙا نه ٿيا جو ان تي ايمان آڻن جنهن کي اُهي اڳ ڪوڙو چئي چڪا هئا. اهڙي طرح اسان سرڪشي ڪرڻ وارن جي دلين مٿان مهر هڻون ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ ڪُوڙو کِيس ڪوٺيون، پوءِ بَچايوسونسِ بحال، پڻ جي هوڙٖي ۾ هُئڙا، ناليرا تِنهن نال، ۽ وارث ڪيوسونِ ورِي، مالِڪ مُلڪ ۽ مال، ۽ ٻوڙياسون، سي ٻوڏ ۾، پُورِيءَ طرح پيمال، جن اسان جون آيتون، ڪوٺيون ڪُوڙِي ڳالھ، پوءِ پَس پَڇاڙِي حال، ٻولايَلن جو، ٻوڏ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ثُمَّ بَعَثنا مِن بَعدِهِم موسىٰ وَهٰرونَ إِلىٰ فِرعَونَ وَمَلَإِي۟هِ بِـٔايٰتِنا فَاستَكبَروا وَكانوا قَومًا مُجرِمينَ (آيت : 75)

وري کائن پوءِ مُوسىٰ ۽ ھارون کي فرعون ۽ سندس سردارن ڏانھن پنھنجن مُعجزن سميت موڪليوسون پوءِ وڏائي ڪيائون ۽ ڏوھارڻ قوم ھُئي.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ اسان انهن رسولن بعد موسيٰ ۽ هارون کي (پيغمبر ڪري) فرعون ۽ سندس درٻارين ڏي موڪليو. هنن کي (يعني حضرت موسيٰ ۽ هارون کي) اسان جون نشانيون ۽ معجزا ساڻ گڏ هئا، پر فرعون ۽ سندس درٻارين تڪبر ڪيو ۽ هنن جي جماعت گهنگارن جي جماعت هئي.(علامه علي خان ابڙو)


انهن پيغمبرن کان پوءِ اسان انهن ڏانهن (حضرت) موسيٰ ۽ (حضرت) هارون کي فرعون ۽ سندس قوم ڏانهن، پنهنجين نشانين سان پيغمبر ڪري موڪليو، پوءِ انهن تڪبر ڪيو ۽ اُها قوم مُجرم هئي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


وريانهن پيغمبرن کانپوءِ موسى ۽ هارون کي فرعون ۽ سندس (قوم) جي سردارن ڏي پنهنجن نشانين (معجزن) سان موڪليوسون، ته هنن وڏائي ڪئي ۽ اهي ماڻهو هئا ئي ڏوهاري.(سيد فرمان علي)


تنهن کان پوءِ موڪليوسون انهن کان بعد موسى ۽ هارون کي فرعون ۽ ان جي ماڻهن ڏانهن نشانين پنهنجين سان پوءِ تڪبر ڪيائون ۽ هئا قوم مجرم .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


وري انهن کان پوءِ موسيٰ ۽ هارون کي فرعون ۽ سندس سردارن ڏي پنهنجين نشانين سان موڪليوسون، پوءِ انهن وڏائي ڪئي ۽ اهي ڏوهاري ماڻهو هئا. (مولانا محمد مدني)


پوءِ انهن کان پوءِ اسان موسى ۽ هارون کي فرعون ۽ ان جي سردارن ڏانهن پنهنجي نشانين سان موڪليو. پوءِ انهن تڪبر ڪيو ۽ اُهي ڏوهاري قوم هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


وَرِي اُٿاريسون اُن پُٺيان، مُرسل مَڻياندار، پَنهنجِي پَنهنجِي قوم ڏي، پوءِ جَڏهن آيا اُنهن پار، پَڌرن پيغامَن سان؛ پوءِ اِهڙا هُئا، نَه آوار، ته جن کي، ڪوڙو اڳ ڪوٺيؤن، وِسَهن، تن تي وار، ڇَاپ هَڻون هَموار، اِيئن ڇُوٽن جي، ڇاتِين تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَلَمّا جاءَهُمُ الحَقُّ مِن عِندِنا قالوا إِنَّ هٰذا لَسِحرٌ مُبينٌ (آيت : 76)

پوءِ جنھن مھل وٽن اسان وٽان سچي ڳالھ آئي (تڏھن) چيائون ته بيشڪ ھي پڌرو جادو آڳي.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ جڏهن اسان وٽان فرعون ۽ سندس ماڻهن ڏي (حضرت موسيٰ ۽ هارون کي) حق جي ڳالهه آئي (۽ معجزا ڏٺائون) تڏهن هو (منڪر) چوڻ لڳا ته، هي ته فقط جادو آهي ۽ چٽو چٽو جادو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ جڏهن انهن وٽ اسان جي طرفان معجزا پهتا چيائون ته بيشڪ هيءُ صاف جادو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ جڏهن انهن وٽ اسان جي طرفان سچي ڳالھ (معجزا) آيا چوڻ لڳا ته پڪ هي ته ظاهر ظهور جادو آهي.(سيد فرمان علي)


پوءِ جڏهن آيو انهن وٽ حق اسان وٽان ته چيائون بيشڪ هي البته جادو کليل آهي، .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ جڏهن انهن وٽ اسان جي طرفان سچي ڳالهه پهتي ته چيائون ته بيشڪ هيءَ پڌرو جادو آهي. (مولانا محمد مدني)


پوءِ جڏهن انهن وٽ اسان وٽان حق آيو ته چيائون: ”بيشڪ هي ته پڌرو جادو آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اُٿاريوسون اُنهن پُڃاڻ، موٽِي مُوسٰى ۽ هارون کي، فِرعون، ۽ سَندسِ فِرق ڏي، پَنهنجِي پَڌراين ساڻ، پوءِ لَڳا پَڏائـِڻ پاڻ، هُئا ڪانهيارِي، قوم ڪا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قالَ موسىٰ أَتَقولونَ لِلحَقِّ لَمّا جاءَكُم أَسِحرٌ هٰذا وَلا يُفلِحُ السّٰحِرونَ (آيت : 77)

مُوسىٰ چيو جڏھن اوھان وٽ حق آيو (ته) اُن لاءِ ڇو چوندا آھيو (ته جادو آھي) ؟ ھي جادو آھي ڇا؟ ۽ جادوگر نه ڇٽندا.(علامه تاج محمود امروٽي)


حضرت موسيٰ چيو ته جڏهن توهان وٽ حق ۽ سچائي اچي ويئي آهي تڏهن ان باري ۾ هيئن ٿا چئو ڇا ته اهو جادو آهي؟ حالانڪه جادوگر ته ڪڏهن به ڪامياب نٿا ٿين.(علامه علي خان ابڙو)


موسيٰ چيو ته ڇا توهان معجزن کي جادو چئو ٿا جڏهن توهان وٽ معجزا آيا، ڇا هي جادو آهي! ۽ جادوگر ڪڏهن به ڪامياب نٿا ٿين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


موسى چيو: ڇا جڏهن حق (دين) اوهان ڏي آيو ته ان جي باري ۾ چئو ٿا ته ڇا! هي جادو آهي. ۽ جادوگر ماڻهو ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا.(سيد فرمان علي)


چيو موسى ڇا چئو ٿا حق جي لاءِ جڏهن آيو اوهان وٽ ته ڇا جادو آهي هيءُ ۽ نه ڪامياب ٿيندا جادوگر .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


موسيٰ چيو ته ڇا اوهين سچي ڳالهه کي (ائين) چئو ٿا جڏهن اها اوهان وٽ پهتي. ڇا هيءَ جادو آهي؟ هوڏانهن جادوگر ڪامياب نه ٿا ٿين. (مولانا محمد مدني)


موسى چيو ته: ”ڇا اوهان (اهو) حق جي باري ۾ چئو ٿا جڏهن اوهان وٽ پهچي چڪو آهي ته ڇا هي جادو آهي؟ حالانڪه جادوگر ڪامياب نه ٿيندا آهن“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ آينِ جڏهن اَسان وٽان، ثابِت حَق صحِي، چيائون، ته آهي هِي، ڪارو ڪُوڪٽ پَڌرو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قالوا أَجِئتَنا لِتَلفِتَنا عَمّا وَجَدنا عَلَيهِ ءاباءَنا وَتَكونَ لَكُمَا الكِبرِياءُ فِى الأَرضِ وَما نَحنُ لَكُما بِمُؤمِنينَ (آيت : 78)

چيائون ته اسان وٽ ھن لاءِ آيو آھين ڇا ته جنھن (مذھب) تي اسان پنھنجا پيءُ ڏاڏا ڏٺا تنھن کان اسان کي روڪين ۽ مُلڪ ۾ اوھان (ٻنھي) لاءِ وڏائي ھجي؟ ۽ اسين اوھان کي مڃڻ وارا نه آھيون.(علامه تاج محمود امروٽي)


هنن (جواب ۾) چيو ته، ڇا توهان اسان ڏي هن لاءِ آيا آهيو ته جنهن راه تي اسان پنهنجي ابن ڏاڏن کي هلندي ڏٺو تنهن کان اسان کي هٽائي ڇڏيو ۽ هن ملڪ ۾ اوهان ٻنهي ڀائرن کي سرداري (۽ بادشاهي) ملي وڃي؟ اسان ته توهان کي مڃڻ وارا ڪونه آهيون.(علامه علي خان ابڙو)


چيائون ڇا! تون اسان کي پنهنجي وڏن جي مذهب کان ڦيرائين ٿو ۽ توهان ٻئي (هارون ۽ موسيٰ) زمين تي حڪمراني ڪندا، ۽ اسين توهان ٻنهي تي ايمان نٿا آڻيون(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


اهي ماڻهو چوڻ لڳا ته (اي موسى!) ڇا اوهين اسان وٽ ان لاءِ آيا آهيو ته جنهن دين تي اسان پنهنجن ابن ڏاڏن کي ڏٺو ان کان اوهين اسان کي ٿيڙيو ۽ سموري زمين ۾ بس (رڳو) اوهان ٻنهي کي سرداري هجي. ۽ اسين ته اوهان ٻنهي تي ايمان نه آڻينداسون.(سيد فرمان علي)


چيائون ته ڇا آئين تون اسان وٽ تانته ڦيرائين اسان کي ان کان جو لڌاسون ان تي پيئر پنهنجا ۽ هجي اوهان ٻن لاءِ سرداري زمين ۾ ۽ ناهيو اسين اوهان ٻنهي کي مڃيندڙ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


انهن چيو ته ڇا تون اسان وٽ هن لاءِ آيو آهين ته اسان کي ان کان ڦيرين جنهن تي اسان پنهنجن ابن ڏاڏن کي ڏٺو ۽ اوهان ٻنهين کي زمين ۾ سرداري ملي. ۽ اسين اوهان کي مڃڻ وارا نه آهيون. (مولانا محمد مدني)


چيائون: ”ڇا تون ان لاءِ آيو آهين؟ ته اسان کي ڦيرين ان کان جنهن تي اسان پنهنجي ابن ڏاڏن کي ڏٺو! ۽ اوهان ٻنهين کي زمين ۾ سرداري ملي. ۽ اسان اوهان ٻنهين تي ايمان آڻڻ وارا نه آهيون“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چيو موسٰى، ڇا حق کي، جادو چَئو، جڏهن، آيان؟ جادو آهي، ڪِين هِي پَڌرو حَق هَڏهن، ۽ ڪامِڻ گَر ڪَڏهن، آجا نه ٿِيَنِ عَذاب کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَقالَ فِرعَونُ ائتونى بِكُلِّ سٰحِرٍ عَليمٍ (آيت : 79)

۽ فرعون چيو ته سڀئي ھوشيار جادوگر مون وٽ آڻيو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ فرعون چيو ته، منهنجي بادشاهي ۾ جيترا به هوشيار جادوگر آهن تن سڀني کي مون وٽ حاضر ڪريو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ فرعون چيو ته مون وٽ هر قسم جا ڄاڻو جادوگر آڻيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ فرعون حڪم ڏنو ته اسان جي حضور ۾ سڀ (هوشيار) واقفڪار جادوگرن کي ته آڻيو!(سيد فرمان علي)


۽ چيو فرعون ته آڻيو مون وٽ هر جادوگر ڄاڻندڙ.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ فرعون چيو ته مون وٽ هر هڪ علم وارو جادوگر آڻيو. (مولانا محمد مدني)


۽ فرعون چيو ته: ”مون وٽ هر ماهر جادوگر آڻيو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چي، آيئـِين، ڪِ اِنهِيءَ ڪاڻ؟ ته ڦيرئـِين اَسان کي، اُن ڪنان، پاتاسون پِيءَ پَنهنجا، جن کي ڏِيندا ڏاڻ، ۽ ڀانيو، ته هُجي ڀُون ۾، اَوهان لئي وَڏاڻ، ۽ اَسين اوهان کي پاڻ، مَڃڻانه آهيون مورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَلَمّا جاءَ السَّحَرَةُ قالَ لَهُم موسىٰ أَلقوا ما أَنتُم مُلقونَ (آيت : 80)

پوءِ جنھن مھل جادوگر آيا (تنھن مھل) مُوسىٰ انھن کي چيو ته جيڪي اُڇلائڻو اٿو سو اوھين اڇليو.(علامه تاج محمود امروٽي)


جڏهن جادوگر اچي گڏ ٿيا (۽ مقابلي جو ميدان تيار ٿيو) تڏهن حضرت موسيٰ چيو ته، توهان (جادوگرن) کي جيڪي ميدان ۾ آڻڻو آهي سو آڻيو (يعني جادوءَ جا ڪرشما ڏيکاريو).(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ جڏهن جادوگر آيا، موسيٰ انهن کي چيو ته توهان کي جيڪو ڪرڻو آهي سو ڀلي ڪريو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جڏهن جادوگر ماڻهو (ميدان ۾) اچي موجود ٿيا ته موسى کين چيو، اوهان کي جيڪي اڇلائڻو آهي سو اڇلايو.(سيد فرمان علي)


پوءِ جڏهن آيا جادوگر ته چيو انهن کي موسى وجھو جيڪو اوهان وجھندڙ آهيو .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ جڏهن جادوگر آيا ته موسيٰ کين چيو ته جيڪي اوهين اڇلائڻ وارا آهيو سو اڇلايو. (مولانا محمد مدني)


پوءِ جڏهن جادوگر آيا ته موسى انهن کي چيو ته: ”اوهان اڇلايو جيڪي اوهان اڇلائڻ وارا آهيو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ فِرعون ڪيو فَرمان، ته مون وٽ ميڙي آڻيو، ماهِر هَر مڪان، جيڪي جادُوءَ فَن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَلَمّا أَلقَوا قالَ موسىٰ ما جِئتُم بِهِ السِّحرُ إِنَّ اللَّهَ سَيُبطِلُهُ إِنَّ اللَّهَ لا يُصلِحُ عَمَلَ المُفسِدينَ (آيت : 81)

پوءِ جنھن مھل اُڇليائون (ته) موسىٰ چيو ته جيڪي آندو اٿَوَ سو جادو آھي، بيشڪ الله ان کي سگھوئي باطل ڪندو، بيشڪ الله فسادين جو ڪم نه ٺاھيندو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ جڏهن هنن (پنهنجي جادوءَ جون رسيون ۽ لٺيون ميدان ۾) اڇلايون تڏهن حضرت موسيٰ فرمايو ته توهان جيڪي ڏيکاريو آهي سو جادو آهي ۽ بيشڪ الله تعاليٰ ان کي برباد ڪري ڇڏيندو. بيشڪ الله جو اهو قانون آهي ته هو بگاڙو ڪندڙن جا عمل نٿو سنواري (نه ڪامياب ڪري).(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ جڏهن انهن ڪري ڏيکاريو، (حضرت) موسيٰ فرمايو توهان ته جادو ڪيو آهي، بيشڪ الله تعالى جلد انهيءَ کي ختم ڪندو، بيشڪ الله تعالى کي فسادين جو عمل پسند ناهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ جڏهن اهي ماڻهو (رسين کي نانگ بڻائي) اڇلي چڪا ته موسى چين، جيڪي اوهان (بنائي) آندو آهي (اهو ته سڀ) جادو آهي. خدا ان کي ضرور ناس ڪندو. (ڇو ته) خدا ڪڏهن به فسادين جي ڪم کي نٿو درست ٿيڻ ڏي.(سيد فرمان علي)


پوءِ جڏهن (جادو) وڌائون ته چيو موسى جيڪو آندو اٿَوَ اهو جادو آهي بيشڪ الله جلد باطل ڪندو ان کي بيشڪ الله نه ٿو ٺاهي ڪم فساد ڪندڙن جي کي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ جڏهن اڇلايائون ته موسيٰ چيو ته جيڪي اوهان آندو آهي سو جادو آهي. الله ان کي ضرور ناس ڪندو (ڇو ته) الله فسادين جي ڪم کي نه ٿو سڌاري. (مولانا محمد مدني)


پوءِ جڏهن اڇلايائون موسى چيو ته: ”جيڪي اوهان آندو آهي سو جادو آهي بيشڪ الله ان کي سگھوئي نيست و نابود ڪندو. بيشڪ الله فسادين جي ڪم کي نه ٿو سڌاري.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جڏهن جادُوگر آيا، ته چَينِ مُوسى مَل، ته اُڇليو، اَٿوَ جو اُڇلڻو، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَيُحِقُّ اللَّهُ الحَقَّ بِكَلِمٰتِهِ وَلَو كَرِهَ المُجرِمونَ (آيت : 82)

۽ الله حق کي پنھنجي حُڪم سان ثابت ڪندو آھي جيتوڻيڪ ڏوھاري بڇان ڀانئين.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ هو (الله) پنهنجي حڪمن مطابق حق کي ضرور ثابت ڪري ڏيکاريندو اگرچه گنهگارن کي ائين ٿيڻ پسند نه اچي.(علامه علي خان ابڙو)


الله تعالى پنهنجي نشانين سان حق کي ثابت ڪري ٿو، جيتوڻيڪ مجرمن کي اهو پسند ناهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ خدا سچي ڳالھ کي پنهنجي ڪلمات (جي برڪت) سان ثابت ڪري ڏيکاريندو آهي توڙي گنهگار ناپسند ڪن.(سيد فرمان علي)


۽ سچو ثابت ڪري الله حق کي پنهنجن فرمانن سان جيتوڻيڪ نه پسند ڪن مجرم .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ الله پنهنجين ڳالهين سان سچ کي ثابت ڪندو توڙي ڏوهاري ناپسند ڪن. (مولانا محمد مدني)


۽ الله پنهنجي حڪم سان حق جو حق هجڻ ثابت ڪندو آهي ۽ توڙي جو ڏوهاري ان کي ناپسند ڪن“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ اُڇليؤن مَنجھ اَول، مُوسٰى چَيو مُنڍ مان، جا اوهان ڪَئـِي اَٽڪل، اَلله جَلَّ جلالہٗ، ٽوڙيندو سا ٽَل، مانڊِيَن جا مَنڊل، سائـِين سُڌاري ڪِينَ ڪِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَما ءامَنَ لِموسىٰ إِلّا ذُرِّيَّةٌ مِن قَومِهِ عَلىٰ خَوفٍ مِن فِرعَونَ وَمَلَإِي۟هِم أَن يَفتِنَهُم وَإِنَّ فِرعَونَ لَعالٍ فِى الأَرضِ وَإِنَّهُ لَمِنَ المُسرِفينَ (آيت : 83)

پوءِ موسىٰ تي سندس قوم مان ھڪ ٽوليءَ کانسواءِ فرعون ۽ سندس سردارن کان ڊڄڻ جي ڪري ته متان کين ايذائين (ڪنھن) ايمان نه آندو، ۽ تحقيق فرعون (اُن) مُلڪ ۾ ھٺيلو ھو، ۽ اُھو ضرور حَد کان لنگھندڙن مان ھو.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ تڏهن حضرت موسيٰ تي ڪنهن به ايمان نه آندو، سواءِ سندس قوم جي نوجوانن جي هڪ ٽوليءَ جي. اهي نوجوان به فرعون ۽ سردارن کان ڊنا پئي ته متان (ايمان آڻڻ جي ڪري) کين ڪنهن مصيبت ۾ وجهي ۽ انهيءَ ۾ شڪ ڪونهي ته فرعون (مصر جي) ملڪ ۾ وڏو سرڪش (بادشاه) هو ۽ انهيءَ ۾ به شڪ ڪونهي ته هو (ظلم ۽ جبر ۾) چوٽ چڙهيل هو.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ فرعون ۽ سندس لشڪر جي خوف سببان (حضرت) موسيٰ تي فقط سندس قوم جي ڪجھه ماڻهن ايمان آندو ته متان فرعون انهن تي عذاب ڪري، ۽ بيشڪ فرعون زمين (مصر) ۾ نهايت طاقتور هو، ۽ بيشڪ اهو (ظلم ۽ فساد ۾) حد کان وڌندڙ هو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


مطلب ته موسى تي رڳو سندس قوم جي نسل مان ڪجھ ماڻهن کان سواءِ فرعون ۽ سندس سردارن جي هن خوف کان ته (متان) مٿن ڪا مصيبت وجهي، ڪنهن به ايمان نه آندو، ۽ بيشڪ فرعون روءِ زمين ۾ سرڪش هو ۽ بيشڪ هو حد کان لنگهندڙن مان هو.(سيد فرمان علي)


پوءِ نه ايمان آندو موسى تي مگر ڪجھ اولاد قوم ان جي مان ڊڄندي فرعون ۽ ان جي ماڻهن کان ته متان مجبور ڪري انهن کي ۽ بلاشڪ فرعون البته هٺيلو هو زمين ۾ ۽ بيشڪ اهو البته حد کان لنگھندڙن مان آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ موسيٰ کي رڳو ان جي قوم جي ڪجهه ماڻهن مڃيو، فرعون ۽ انهن جي سردارن کان هن ڊپ هوندي به ته متان اهي انهن کي ايذائين. ۽ بيشڪ فرعون (اُن) زمين ۾ سرڪش هو ۽ بيشڪ هو حد کان لنگهندڙن مان هو، (مولانا محمد مدني)


پوءِ موسى مٿان ان جي قوم جي چند نوجوانن کان سواءِ (ڪنهن) ايمان نه آندو فرعون ۽ ان جي سردارن کان ڊڄندي ته متان انهن کي مصيبت ۾ وجهن. ۽ بيشڪ فرعون زمينِ ۾ سرڪش هيو، ۽ بلاشڪ اهو حد کان لنگهڻ وارن مان هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اَلله حَق، حَق ڪري، سَندسِ فرمُودن ساڻ، توڻي پاپِي پاڻ، مَٺِين ڀانئـِينِ، مَن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَقالَ موسىٰ يٰقَومِ إِن كُنتُم ءامَنتُم بِاللَّهِ فَعَلَيهِ تَوَكَّلوا إِن كُنتُم مُسلِمينَ (آيت : 84)

۽ موسىٰ چيو ته اي منھنجي قوم جيڪڏھن اوھان الله تي اِيمان آندو آھي ته جي مُسلمان آھيو ته مٿس ڀروسو ڪريو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ حضرت موسيٰ (پنهنجي قوم کي) چيو ته، اي منهنجي قوم! جيڪڏهن توهان سچ پچ الله تي ايمان آندو آهي ۽ سندس فرمانبرداري ڪرڻ چاهيو ٿا ته توهان کي گهرجي ته فقط الله تي ڀروسو رکو (۽ فرعون جي طاقت کان نه ڊڄو).(علامه علي خان ابڙو)


۽ موسيٰ چيو اي منهنجي قوم جيڪڏهن توهان الله تي ايمان آڻيو ٿا ته پوءِ توهان الله تي توڪل ڪريو جيڪڏهن توهان مسلمان آهيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ موسى چيو اي منهنجي قوم! جڏهن اوهان (سچي دل سان) خدا تي ايمان آندو آهي! ته مٿس ڀروسو ڪريو جيڪڏهن اوهين فرمانبردار آهيو.(سيد فرمان علي)


۽ چيو موسى اي منهنجي قوم! جيڪڏهن ايمان آندو اٿَوَ الله تي پوءِ ان تي ئي توڪل ڪيو جيڪڏهن آهيون مسلمان.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ موسيٰ چيو ته اي منهنجي قوم! جيڪڏهن اوهان الله تي ايمان آندو آهي ته مٿس ڀروسو ڪريو جيڪڏهن اوهين فرمانبردار آهيو. (مولانا محمد مدني)


۽ موسى چيو ته: ”اي منهنجي قوم! جيڪڏهن اوهان الله تي ايمان آندو آهي ته پوءِ ان تي ڀروسو ڪيو جيڪڏهن اوهان مسلمان آهيو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پوءِ، مَڃيو نه، مُوسٰى کي مُور، ري ڪيڙ، سَندسِ قوم مان، فِرعون ۽ سندسِ فِرق جي، ڀَو مَنجھان ڀَرپُور، مَتان آڻي اُن مَٿي، ڪو فِتنو ۽ فُتور، ۽ فرعون فَرش زمِين تي، آهي بالم بي شَعور، ۽ وَڏو سو وَهلور، بِلڪل بيهودن مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَقالوا عَلَى اللَّهِ تَوَكَّلنا رَبَّنا لا تَجعَلنا فِتنَةً لِلقَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 85)

پوءِ چيائون ته الله تي ڀروسو ڪيوسون، اي اسان جا پالڻھار اسان کي ظالمن جي قوم جي پرک نه ڪر.(علامه تاج محمود امروٽي)


هنن چيو ته اسان الله تي ڀروسو ڪيو آهي. (اسان دعا ٿا گهرون ته) اي پروردگار اسان کي هن ظالم ٽولي جي لاءِ (اهڙي) آزمائش ۾ نه وجهه (جو سندن ظلمن جي مقابلي ۾ ڪمزوري ڏيکاريون).(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ اُمتين عرض ڪيو اسان الله تي توڪل ڪئي آهي، اي اسان جا رب تون اسان کي ظالم قوم جي عذاب کان محفوظ رک(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


تڏهن انهن عرض ڪيو، اسان ته خدا تي ئي ڀروسو ڪيو آهي (پڻ دعا گهري آهي ته) اي اسان جا پالڻهار! تون اسان کي ظالم ماڻهن جي امتحان جو (ذريعو) نه بنائي.(سيد فرمان علي)


پوءِ چيائون الله تي توڪل ڪئي اسان اي اسان جا پالڻهار! نه بناءِ اسان کي فتنو ظالم قوم جي لاءِ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ انهن چيو ته الله تي ئي اسان ڀروسو ڪيو. اي اسان جا پاليندڙ! اسان تي ظالم قوم جو زور نه آزماءِ! (مولانا محمد مدني)


پوءِ چيائون: ”اسان الله تي ڀروسو ڪيو. اي اسان جا پالڻهار اسان کي ظالمن جي قوم لاءِ آزمائش نه بناءِ. (انهن جي ستم جو نشانو نه بناءِ)(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ مُوسٰى چيو، جي مَڃيو، اي قوم!، اَوهان ڪلتار، ته بَرسِر رکوسِ بار، جي تَهدِل تابِع، آهيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَنَجِّنا بِرَحمَتِكَ مِنَ القَومِ الكٰفِرينَ (آيت : 86)

۽ ڪافرن جي قوم کان پنھنجي ٻاجھ سان اسان کي بچاءِ.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ پنهنجيءَ رحمت سان اسان کي هن ڪافر قوم کان بچائجانءِ.(علامه علي خان ابڙو)


۽ تون اسان کي پنهنجي رحمت سان ڪافرن جي قوم کان نجات عطا ڪر(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ پنهنجي رحمت سان اسان کي هنن ڪافرن (جي چنبي) کان آزاد ڪر.(سيد فرمان علي)


۽ ڇڏاءِ اسان کي رحمت پنهنجيءَ سان ڪافر قوم کان.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ اسان کي پنهنجي رحمت سان ڪافر قوم کان بچاءِ! (مولانا محمد مدني)


۽ اسان کي پنهنجي رحمت سان ڪافرن جي قوم کان بچاءِ.“(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چي، رَکياسون ڪَم ڪرِيم تي، سانيمِ رَبَّ سُبحان!، ڪر نه ظالِم ذات لئي، اَسان کي اِمتحان، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَأَوحَينا إِلىٰ موسىٰ وَأَخيهِ أَن تَبَوَّءا لِقَومِكُما بِمِصرَ بُيوتًا وَاجعَلوا بُيوتَكُم قِبلَةً وَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَبَشِّرِ المُؤمِنينَ (آيت : 87)

۽ موسىٰ ۽ سندس ڀاءُ ڏانھن وحي ڪيوسون ته اوھين پنھنجي قوم لاءِ مِصر ۾ گھر بڻايو ۽ (اُنھن) پنھنجن گھرن کي قبلي جي سامھون ڪريو ۽ نماز پڙھو، ۽ مؤمنن کي خوشخبري ڏي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ اسان حضرت موسيٰ ۽ سندن ڀاءُ (هارون) تي وحي نازل ڪيو ته پنهنجي قوم جي لاءِ مصر ۾ گهر ٺاهيو ۽ گهرن جو رخ پنهنجي قبلي ڏي ڪيو ۽ (انهن گهرن ۾) نماز قائم ڪيو ۽ جن ايمان آندو آهي تن کي (ڪاميابيءَ جي) خوشخبري پهچايو.(علامه علي خان ابڙو)


۽ اسان موسيٰ ۽ هارون ڏانهن وَحي موڪلي ته توهان پنهنجي قوم لاءِ مصر ۾ گھر تيار ڪريو ۽ توهان پنهنجي گھرن جو رُخ قبلي طرف ڪريو ۽ توهان نماز قائم ڪريو، ۽ تون مؤمنن کي بشارت ڏي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اسان موسى ۽ سندس ڀاءُ (هارون) ڏي حڪم موڪيلو ته مصر ۾ پنهنجي قوم جي (رهڻ سهڻ) لاءِ گهر جوڙيو ۽ پنهنجن پنهنجن گهرن کي ئي مسجدون ڪري پابندي سان نماز پڙهو ۽ مومنن کي (نجات جي) خوش خبري ٻڌائي ڇڏيو.(سيد فرمان علي)


۽ وحي ڪيوسون موسى ۽ ڀاءُ ان جي ڏانهن ته مقرر ڪيو واسطي قوم پنهنجي مصر ۾ گھڻا گھر ۽ ڪيو گھرن پنهنجن کي قبلو ۽ قائم ڪيو نماز ۽ خوشخبري ڏي مؤمنن کي.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ اسان موسيٰ ۽ سندس ڀاءُ ڏي هيءُ حڪم موڪليو ته اوهين ٻئي مصر ۾ پنهنجي قوم لاءِ ڪي گهر مقرر ڪريو ۽ پنهنجن انهن گهرن کي قبلي جي سامهون ڪريو. ۽ نماز قائم ڪريو. ۽ (اي موسيٰ) تون ايمان وارن کي خوشخبري ٻڌاءِ. (مولانا محمد مدني)


۽ اسان موسى ۽ سندس ڀاءُ ڏانهن وحي ڪئي ته اوهان ٻئي مصر (جي ملڪ) ۾ پنهنجي قوم لاءِ ڪجهه گهر تيار ڪيو ۽ پنهنجي گهرن کي قبله رخ بنايو ۽ نماز قائم ڪيو. ۽ (اي موسى) ايمان وارن کي خوشخبري ڏي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ قوم ڪَنان ڪُفران آجو ڪر اِحسان سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَقالَ موسىٰ رَبَّنا إِنَّكَ ءاتَيتَ فِرعَونَ وَمَلَأَهُ زينَةً وَأَموٰلًا فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا رَبَّنا لِيُضِلّوا عَن سَبيلِكَ رَبَّنَا اطمِس عَلىٰ أَموٰلِهِم وَاشدُد عَلىٰ قُلوبِهِم فَلا يُؤمِنوا حَتّىٰ يَرَوُا العَذابَ الأَليمَ (آيت : 88)

۽ مُوسىٰ چيو ته اي اسان جا پالڻھار تو فرعون ۽ سندس سردارن کي سينگار ۽ (گھڻو) مال دنيا جي حياتيءَ ۾ (ھن لاءِ) ڏنو آھي ته اي اسان جا پالڻھار تنھنجي واٽ کان ماڻھن کي ڀُلائين، اي اسان جا پالڻھار سندن مال کي ناس ڪر ۽ سندين دلين مُھر ھَڻ جو جيستائين ڏکوئيندڙ عذاب (نه) ڏسن تيسين ايمان نه آڻين.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ حضرت موسيٰ دعا گهري ته، اي خدا! تو فرعون ۽ سندس سردارن کي هن دنيا جي زندگيءَ ۾ زيب ۽ زينت جو سامان ۽ مال ۽ دولت جون شوڪتون ڏنيون آهن. پوءِ اهو (سڀ ڪجهه) هن لاءِ آهي ڇا ته هو ماڻهن کي تنهنجي راه کان روڪي گمراه ڪن؟ اي خدا! سندن دولت ناس ڪري ڇڏ ۽ سندن دلين تي مهر لڳائي ڇڏ، انهيءَ لاءِ ته هو ايمان نه آڻين تانجو دردناڪ عذاب پنهنجي سامهون ڏسن.(علامه علي خان ابڙو)


۽ موسيٰ عرض ڪيو اي اسان جا رب بيشڪ تو فرعون ۽ سندس لشڪر کي دنيا جي حياتي ۾ زينت (لباس، زيور، هٿيار، سواريون ۽ نوڪر) ۽ ملڪيت عطا ڪئي آهي، اي اسان جا رب اهي ماڻهن کي تنهنجي راه کان گمراه ڪندا، اي اسان جا رب تون انهن جي ملڪيت برباد ڪر ۽ انهن جون دليون سخت ڪر جو اهي ايمان نه آڻن، ايستائين جو اهي دردناڪ عذاب ڏسن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ موسى عرض ڪيو اي اسان جا پالڻهار تو فرعون ۽ سندس سردارن کي دنيا جي حياتي ۾ (وڏي) آرائش ۽ گهڻا مال ڏنا آهن (ڇا تو اهو سامان هن لاءِ عطا ڪيو اٿن) ته جيئن اهي تنهنجي راھ کان ماڻهن کي گمراھ ڪن. پروردگار! تون سندس مال! (دولت) کي برباد ڪر ۽ سندن دلين تي سختي ڪر (ڇو ته) جيستائين اهي ماڻهو تڪليف ڏيندڙ عذاب نه ڏسندا ايمان نه آڻيندا.(سيد فرمان علي)


۽ عرض ڪيو موسى اي اسان جا پالڻهار! بيشڪ تو ڏنو فرعون کي ۽ ان جي (دور جي) سردارن کي سنيگار ۽ گھڻا مال حياتيءَ دنيا جي ۾ اي اسان جا پالڻهار! تانته گمراھ ڪن واٽ تنهنجي کان اي اسان جا پالڻهار! بربادي وجھ مالن انهن جي تي ۽ سختي ڪر دلين انهن جي تي پوءِ نه ايمان آڻين تانجو ڏسن عذاب دردناڪ.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ موسيٰ چيو ته اي اسان جا پاليندڙ! تو فرعون ۽ سندس سردارن کي دنيا جي حياتيءَ ۾ رونق ۽ گهڻا مال ڏنا آهن هن لاءِ ته (ان سان) اي اسان جا پاليندڙ تنهنجي رستي کان گمراهه ڪن (تنهن ڪري) اي اسان جا پاليندڙ! سندن مال برباد ڪر ۽ سندن دليون سخت ڪر! ته اهي ايمان نه آڻين جيستائين اهي دردناڪ عذاب (نه) ڏسن. (مولانا محمد مدني)


۽ موسى چيو ته: ”اي اسان جا پالڻهار! تو فرعون ۽ ان جي سردارن کي دنياوي زندگي ۾ سينگار ۽ گهڻا مال ڏنا آهن ته جيئن اي اسان جا پروردگار! تنهنجي رستي کان (ماڻهن کي) گمراهه ڪن. اي اسان جا پالڻهار! تون انهن جي مالن کي برباد ڪر. ۽ انهن جي دلين کي سخت ڪر پوءِ ايمان نه آڻن تانجو دردناڪ عذاب کي ڏسن“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ مِهتر مُوسٰى ۽ ڀاڻس کي، اَسان ڪيو اِلهام، ته مِصر ۾، پَنهنجي پَهر لئي، گَھربَناءِ، گام، ۽ قِبلو ڪريو گَھر پَنهنجا، پڻ نِـمازون نيڪ نام!، مِڙِي پڙهو مُدام، پڻ ڏي مُبارڪون مُؤمنِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قالَ قَد أُجيبَت دَعوَتُكُما فَاستَقيما وَلا تَتَّبِعانِّ سَبيلَ الَّذينَ لا يَعلَمونَ (آيت : 89)

(الله) چيو ته بيشڪ اوھان (ٻنھي) جي دُعا قبول ڪئي وئي پوءِ ٻئي قائم رھو ۽ جيڪي نه ڄاڻندا آھن تن جي واٽ جي تابعداري نه ڪريو.(علامه تاج محمود امروٽي)


الله تعاليٰ فرمايو ته اوهان ٻنهي جي دعا قبول ڪئي وئي. سو هاڻي اوهان (پنهنجي راهه ۾) مستقيم ۽ محڪم ٿي وک وڌايو، ۽ انهن ماڻهن جي تابعداري نه ڪريو جيڪي (منهنجي ڏسيل واٽ کي) نٿا ڄاڻن (۽ سمجهن).(علامه علي خان ابڙو)


الله فرمايو بيشڪ مون توهان ٻِنهي جي دُعا قبول فرمائي پوءِ توهان ٻَئي ثابت قدم رهو ۽ توهان جاهلن جي واٽ جي تابعداري نه ڪريو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


خدا فرمايو ته اوهان ٻنهي جي دعا قبول ڪئي وئي پوءِ اوهين ثابت قدم رهو ۽ نادانن جي راھ تي نه هلو.(سيد فرمان علي)


فرمايو (الله) تحقيق قبول ڪئي وئي دعا اوهان جي پوءِ ثابت قدم رهو ٻئي ۽ نه تابعداري ڪيو انهن جي واٽ جي جيڪي نه ٿا ڄاڻن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


الله فرمايو ته اوهان ٻنهين جي دعا قبول ڪئي وئي پوءِ ٻئي سڌا رهو ۽ جيڪي نه ٿا ڄاڻن تن جي رستي جي ڪڏهن به پيروي نه ڪريو. (مولانا محمد مدني)


فرمايائين بيشڪ اوهان ٻنهين جي دعا قبول ڪئي وئي پوءِ اوهان ٻئي ثابت قدم رهجو ۽ انهن ماڻهن جي رستي جي پيروي نه ڪجو جيڪي نه ٿا ڄاڻن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ مُوسٰى چيو، ته مُون ڌڻي!، سَوِين ڏِنَئـِي سِينگار، فِرعون ۽ سَندسِ فِرق کي، ۽ ڌَن مَنجھ دُنيادار، تان سانيمِ رَبَّ ستّار!، وِرسائـِينِ تُنهن جِي واٽ کان. سانيمِ! سَندنِ مال کي، ڇَڏ ميساري مُور، ڪَٺڻ ڪر قُلوب تن، تان وِسهَن نَه وَهلُور، تان ڀيٽِينِ بي شُعور، سُورن ڀَرئي ساڙ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَجٰوَزنا بِبَنى إِسرٰءيلَ البَحرَ فَأَتبَعَهُم فِرعَونُ وَجُنودُهُ بَغيًا وَعَدوًا حَتّىٰ إِذا أَدرَكَهُ الغَرَقُ قالَ ءامَنتُ أَنَّهُ لا إِلٰهَ إِلَّا الَّذى ءامَنَت بِهِ بَنوا إِسرٰءيلَ وَأَنا۠ مِنَ المُسلِمينَ (آيت : 90)

۽ بني اسرائيلن کي سمنڊ کان (پار) لنگھايوسون پوءِ سندن پويان فرعون ۽ سندس لشڪر ظلم ۽ سرڪشي ڪرڻ لاءِ ايتري قدر سندن پُٺيان پيا جيسين ٻُڏا (فرعون) چيو ته ايمان آندم سچ آھي ته جنھن تي بني اسرائيلن ايمان آندو آھي تنھن کانسواءِ ڪوئي عبادت جو لائق نه آھي ۽ آءٌ مسلمانن منجھان آھيان.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ پوءِ اسان بني اسرائيل کي سمنڊ جي پار اڪاريو. هي ڏسي فرعون ۽ سندس لشڪر سندن پٺيان پيو، انهيءَ لاءِ (بني اسرائيلن سان) ظلم ۽ شرارت ڪن، پر جڏهن حالت هيءَ ٿي جو فرعون سمنڊ ۾ ٻڏڻ لڳو، تڏهن (عاجز ٿي) پڪاريائين ته مان هاڻي يقين ٿو ڪريان ته انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي جنهن تي بني اسرائيلن ايمان آندو آهي ۽ مان به انهيءَ ئي جي فرمانبردارن ۾ آهيان.(علامه علي خان ابڙو)


۽ اسان بني اسرائيل کي درياءُ پار ڪرايو، پوءِ فرعون ۽ ان جو لشڪر ظلم ۽ زيادتي سان سندن پويان ڪاهي پيو، ايستائين جو اُهي ٻُڏڻ لڳا، فرعون چيو مون ايمان آندو اُن الله تي جيڪو اڪيلو آهي ۽ جنهن الله تي بني اسرائيل ايمان آندو آهي ۽ آئون مسلمانن مان آهيان(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اسان بني اسرائيلن کي دريا کان پار لنگهايو. پوءِ فرعون ۽ سندس لشڪر ظلم ۽ سرڪشيءَ سان انهن جي پٺيان پيا. نيٺ جڏهن ٻڏڻ لڳو ته چيائين ته جنهن خدا تي بني اسرائيلن ايمان آندو آهي آءُ به ان تي ايمان آڻيان ٿو. ان کان سواءِ ڪو به معبود نه آهي ۽ آءُ فرمانبردارن مان آهيان.(سيد فرمان علي)


۽ لنگھايوسون بني اسرائيل کي سمنڊ کان پوءِ پويان پيو انهن جي فرعون ۽ لشڪر ان جو سرڪشيءَ ۽ دشمنيءَ جي ڪري تانجو جڏهن پهتو ان کي غرق ٿيڻ ته (مايوس ٿي) چيائين ايمان آندو مون تحقيق شان هي آهي ته ناهي ڪوبه معبود بالحق پر اهو جو ايمان آندو ان تي بني اسرائيل ۽ مان مسلمانن مان آهيان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ اسان بني اسرائيلن کي درياهه کان پار لنگهايو پوءِ فرعون ۽ سندس لشڪر ظلم ۽ سرڪشيءَ سان انهن جي پٺيان پيا. نيٺ جڏهن ٻڏڻ لڳو تڏهن چيائين ته مون يقين ڪيو ته جنهن تي بني اسرائيلن ايمان آندو آهي تنهن کان سواءِ ٻيو ڪو حاڪم نه آهي ۽ آءُ فرمان بردارن مان آهيان. (مولانا محمد مدني)


۽ اسان بني اسرائيل کي سمنڊُ ٽَپايو پوءِ فرعون ۽ سندس لشڪر سرڪشي ۽ دشمني سان انهن جي پٺيان پيا. تانجو جڏهن (فرعون) ٻڏڻ لڳو ته چيائين: ”مون ايمان آندو ان ڳالهه تي ته يقيناً ڪو معبود ناهي سواءِ ان (الله) جي جنهن تي بني اسرائيل ايمان آندو آهي ۽ آءٌ مسلمانن مان آهيان“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چي، اَ گھايوسون عرض اَهنجو، پوءِ بِيهو سَنوان بحال، ۽ جي ڳِهلا نه سَمجھن ڳالھ، واٽ نه وَٺو اُنهن جِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ءالـٰٔنَ وَقَد عَصَيتَ قَبلُ وَكُنتَ مِنَ المُفسِدينَ (آيت : 91)

(چيو ويو ته) ھاڻي (ٿو ايمان آڻين) ؟ ۽ بيشڪ توکان پوءِ اچن تن لاءِ نشاني ھجين، ۽ گھڻا ماڻھو اسان جي نشانين کان ضرور بيخبر آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


(الله تعاليٰ فرمايو ته) ها! هاڻي تو ايمان آندو! (هاڻي ڇا ٿيندو) اڳي تون هميشه نافراني ڪندو هئين ۽ تون بگاڙو ڪندڙ انسانن ۾ هڪ (وڏو) بگاڙو ڪندڙ هئين.(علامه علي خان ابڙو)


الله تعالى فرمايو، ڇا تون هينئر ايمان آڻين ٿو ۽ تحقيق تو هِن کان اڳ ۾ نافرماني ڪئي ۽ تون فسادين مان هُئين(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


هاڻي (مرڻ وقت ٿو ايمان آڻين )هوڏانهن هن کان اڳ تو نافرماني ڪئي تون ته فسادين مان هئين. (سيد فرمان علي)


ڇا هاڻي؟ ۽ تحقيق بي فرماني ڪئي تو اڳ ۽ هئين تون فساد ڪندڙن مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(کيس چيو ويو ته) ڇا هاڻي (تو ايمان آندو) هوڏانهن هن کان اڳ تو نافرماني ڪئي ۽ تون فسادين مان هئين. (مولانا محمد مدني)


(چيو ويو) ڇا هاڻي (ايمان ٿو آڻين) ۽ بيشڪ هن کان اڳ تو بي فرماني ڪئي ۽ تون فسادين مان هئين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ بَنِي اِسرائيل کي بَحر کان، اُڪاريو سون پار، پوءِ فرعون ۽ فوجون اُن جون، لَـڳِينِ ڪَڍ قطار، ڪَلُور ۽ ڪاه سان، تان جو، ٻُڏا مَنجھ ٻار، چي، مَڃيمِ، ته مُورهِين ناهِ ڪو، ڌَڻِي اِنهيان ڌار، اولاد اسرائيل جي، جِنهن تي آندو اِعتبار، ۽ مُؤمِن آهيان مُورهين، تابعين مان تڪرار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَاليَومَ نُنَجّيكَ بِبَدَنِكَ لِتَكونَ لِمَن خَلفَكَ ءايَةً وَإِنَّ كَثيرًا مِنَ النّاسِ عَن ءايٰتِنا لَغٰفِلونَ (آيت : 92)

پوءِ اڄ تنھنجي لاشي کي ھِن لاءِ بچائينداسون ته جيڪي توکان پوءِ اچن تن لاءِ نشاني ھجين، ۽ گھڻا ماڻھو اسان جي نشانين کان ضرور بيخبر آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ اڄ اسان تنهنجي جسم کي (سمنڊ جي لهرن مان) بچائي ٻاهر ڪڍنداسين انهيءَ لاءِ ته انهن ماڻهن جي واسطي جيڪي توکان پوءِ اچڻا آهن (حق جي قدرت جي) هڪ نشاني ٿئي. (پر افسوس) اڪثر انسان اهڙا آهن جيڪي اسان جي نشانين کان بلڪل غافل آهن.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ اڄ تنهنجي جسم کي اسان سمنڊ مان ٻاهر اڇلائينداسين، انهي لاءِ ته پَويَنِ ماڻهن لاءِ تون نشان ٿئين، ۽ بيشڪ گھڻا ماڻهو اسان جي نشانين کان غافل آهن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ته اڄ اسين (تنهنجي روح کي ته نه پر) تنهنجي بدن کي (تري ۾ رهڻ کان) بچائينداسون ته جيئن تون پنهنجي بعد وارن جي لاءِ عبرت (جو سبب) ٿئين. ۽ ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ڪيترا ئي ماڻهو اسان جي نشانين کان يقينا بي خبر آهن.(سيد فرمان علي)


پوءِ اڄ بچائينداسون توکي لاش تنهنجي سان گڏ تانته هجين انهن لاءِ جو پويان تنهنجي آهن نشاني (عبرت پرائڻ لاءِ) ۽ بيشڪ گھڻا ماڻهن مان نشانين اسان جي کان البته غافل آهن. ع(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ اڄ اسين تنهنجي لاش کي بچائينداسون. هن لاءِ ته جيڪي تنهنجي پٺيان آهن تن لاءِ نشاني ٿئين. ۽ بيشڪ گهڻا ماڻهو اسان جي نشانين کان غافل آهن. (مولانا محمد مدني)


پوءِ اڄ اسان تنهنجي بدن کي بچائينداسين هن لاءِ ته تون پنهنجي پونير لاءِ (عبرت جي) نشاني بنجين. ۽ بيشڪ گهڻا ماڻهو اسان جي نشانين کان غافل آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


هِينئر، ڪِ هِن حال ۾، ۽ اَ ڳي ڪيئـِي انڪار، هُئـِين تُون هَموار، ڦِريل ڦيٽوڙن مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلَقَد بَوَّأنا بَنى إِسرٰءيلَ مُبَوَّأَ صِدقٍ وَرَزَقنٰهُم مِنَ الطَّيِّبٰتِ فَمَا اختَلَفوا حَتّىٰ جاءَهُمُ العِلمُ إِنَّ رَبَّكَ يَقضى بَينَهُم يَومَ القِيٰمَةِ فيما كانوا فيهِ يَختَلِفونَ (آيت : 93)

۽ بيشڪ بني اسرائيلن کي چڱي ھنڌ رھڻ جي جاءِ ڏني سون ۽ کين سُٺين شين مان روزي ڏني سون، پوءِ (ايستائين) اختلاف نه ڪيائون جيسين وٽن علم (يعني قرآن نه) آيو، بيشڪ تنھنجو پالڻھار جنھن ڳالھ بابت جھڳڙو ڪندا آھن تنھن جو قيامت جي ڏينھن سندن وچ ۾ فيصلو ڪندو.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ بيشڪ اسان بني اسرائيل کي (پنهنجي واعدي مطابق فلسطين ۾) رهڻ لاءِ چڱا مڪان ڏنا هئا ۽ پاڪ شين مان سندن روزيءَ جو سامان مهيا ڪري ڏنو هو. پوءِ جڏهن به هنن (دين جي باري ۾) اختلاف ڪيا تڏهن هنن ڏي علم جي روشني موڪلي ويئي (يعني هڪ ٻئي پٺيان هنن ڏي پيغمبر موڪليا ويا، تنهن هوندي به اختلاف ڪندا رهيا) سو قيامت جي ڏينهن تنهنجو پروردگار هنن جي وچ ۾ انهن ڳالهين جو فيصلو ڪندو جن ۾ هڪ ٻئي سان اختلاف ڪندا رهيا آهن. (يعني کين معلوم ٿيندو ته حقيقت ڇا هئي).(علامه علي خان ابڙو)


۽ تحقيق اسان بني اسرائيل کي بهترين جاءِ تي رهايوسين ۽ اسان انهن کي پاڪ شين مان رزق عطا ڪيو، پوءِ رسولِ عربيءَ جي رسالت تي اُهي سڀئي متفق هئا، ايستائين جو رسولِ عربيءَ جي آمد ٿي، بيشڪ توهان جو رب انهن جي وچ ۾ قيامت جي ڏينهن فيصلو ڪندو جن ڳالهين ۾ اهي اختلاف ڪندا هئا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ اسان بني اسرائيلن کي (شام ملڪ) ۾ تمام چڱي جڳھ تي رهايو ۽ کين سٺيون سٺيون شيون کائڻ لاءِ ڏنيون ته انهن وٽ جيستائين علم (نه) اچي چڪو هنن اختلاف نه ڪيو. بيشڪ جن ڳالهين ۾ اهي (دنيا ۾) پاڻ ۾ وڙهي رهيا آهن قيامت جي ڏينهن تنهنجو پالڻهار ان ۾ فيصلو ڪندو.(سيد فرمان علي)


۽ البته تحقيق رهايوسون بني اسرائيل کي ڀليءَ جاءِ ۾ ۽ روزي ڏني سون انهن کي پاڪ صاف شين مان پوءِ نه اختلاف ڪيائون تانجو آيو انهن وٽ (حقيقت جو) علم بيشڪ رب تنهنجو فيصلو ڪندو انهن ۾ قيامت جي ڏينهن ان ڳالھ جو جنهن ۾ اختلاف ڪيائون ٿي.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ بيشڪ اسان بني اسرائيلن کي چڱي جاءِ ۾ رهايو ۽ کين سٺين شين مان روزي ڏني سون، پوءِ انهن تيستائين اختلاف نه ڪيو جيستائين کين علم (نه) پهتو. (اي پيغمبر !) جنهن ۾ اهي اختلاف ڪندا هئا تنهن بابت سندن وچ ۾ قيامت جي ڏينهن تنهنجو پاليندڙ ئي فيصلو ڪندو. (مولانا محمد مدني)


۽ بيشڪ اسان بني اسرائيل کي رهڻ لاءِ بهترين جاءِ بخشي ۽ اسان کين پاڪيزه شين مان روزي ڏني. پوءِ انهن تيستائين اختلاف ڪونه ڪيو جيستائين انهن وٽ ڄاڻ آئي. بيشڪ تنهنجو پالڻهار انهن جي وچ ۾ قيامت واري ڏينهن فيصلو ڪندو انهن ڳالهين بابت جن ۾ اختلاف ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ بَخشياسون بَنِي اِسرائـِيـل کي، بَنگلا ۽ باغات، کاڌا خاصا خُوب طرح، ڏِناسونِ ڏات، پوءِ لَـڳِي پيٽوڙيُن پُٺياڻ، پاڻ بِگيڙئون بات، تان آيو عِلم اُنهن کي، تُنهنجو پرور پاڪ ذات، ڪَندو ڏِينهن قِيام جي، اُن وچ، مَنجھ عرصات، جِنهن ۾ گوڙ ڪن گِنات، ڪندو قَطعِي فيصلو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَإِن كُنتَ فى شَكٍّ مِمّا أَنزَلنا إِلَيكَ فَسـَٔلِ الَّذينَ يَقرَءونَ الكِتٰبَ مِن قَبلِكَ لَقَد جاءَكَ الحَقُّ مِن رَبِّكَ فَلا تَكونَنَّ مِنَ المُمتَرينَ (آيت : 94)

پوءِ جيڪي توڏانھن نازل ڪيوسون تنھن کان جيڪڏھن شڪ ۾ آھين ته جيڪي توکان اڳ ڪتاب پڙھندا آھن تن کان پُڇ، بيشڪ تنھنجي پالڻھار کان توڏانھن حق آيو آھي پوءِ تون شڪ ڪندڙن مان نه ھُج.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جيڪڏهن توهان کي هن ڳالهه ۾ ڪنهن به طرح جو شڪ هجي جيڪا اسان اوهان تي نازل ڪئي آهي ته انهن ماڻهن کان پڇي ڏسو جيڪي اوهان جي زماني کان اڳ جا (خدائي) ڪتاب پڙهندا رهن ٿا (يعني اهل ڪتاب کان پڇي ڏسو) ته يقيناً هي حق آهي جو اوهان جي پروردگار وٽان اوهان تي نازل ٿيو آهي. تنهن ڪري هرگز ائين نه ڪجو جو شڪ آڻيندڙ ٿي پئو.(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ اي انسان جيڪڏهن تون قرآن ڪريم جي باري ۾ ڪنهن شڪ ۾ آهين ته پوءِ توهان انهن ماڻهن کان پڇا ڪريو جيڪي اڳيان ڪتاب پڙهن ٿا، بيشڪ رسولِ عربي وٽ سندن رب جي طرفان قرآن ڪريم آيو آهي پوءِ تون اي انسان شڪ ڪندڙن مان نه ٿيءُ(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ جيڪو (قرآن) اسان تو ڏي نازل ڪيو آهي تنهن جي لاءِ جيڪڏهن تو کي شڪ آهي ته جيڪي ماڻهو تو کان اڳ (خدا جي) ڪتاب ۾ پڙهن ٿا تن کان پڇ، بيشڪ تو وٽ تنهنجي پالڻهار جي طرفان برحق ڪتاب اچي چڪو، پوءِ هرگز شڪ ڪندڙن مان نه ٿي.(سيد فرمان علي)


پوءِ جيڪڏهن آهين تون شڪ ۾ ان (جي باري) ۾ جو نازل ڪيوسون توڏانهن پوءِ پڇ انهن کان جو پڙهن ٿا ڪتاب اڳي توکان البته تحقيق آيو تو وٽ حق رب تنهنجي وٽان پوءِ هرگز نه هج شڪ ڪندڙن مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ جيڪي اسان تو ڏي نازل ڪيو آهي تنهن ۾ جيڪڏهن توکي شڪ آهي ته جيڪي توکان اڳ ۾ ڪتاب پڙهن ٿا تن کان پڇ. بيشڪ تو وٽ تنهنجي پاليندڙ جي طرفان سچ آيو آهي پوءِ هرگز شڪ ڪندڙن مان نه ٿي. (مولانا محمد مدني)


پوءِ (اي مخاطب!) جيڪڏهن تون شڪ ۾ هجين ان بابت جيڪو اسان تو ڏانهن (هن رسول جي معرفت) نازل ڪيو آهي ته پوءِ انهن کان پڇي ڏس جيڪي تو کان اڳ ۾ ڪتاب پڙهن پيا. بيشڪ تو وٽ تنهنجي پالڻهار وٽان سچ آيو آهي پوءِ تون هرگز شڪ ڪرڻ وارن مان نه ٿجانءِ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


جي توکي شَڪ تِنهن ۾، جو توتي لاٿو سون لال!، پوءِ جي پڙهن اڳ ڪتاب کي، پُڇ اُنهن کان احوال، پوءِ آيئـِي، تُنهنجي آگِيا، بِلڪل حق بَحال، پوءِ ڪڏهن ٿِي نه ڪَمال!، شَڪ جِي، شِڪارين مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلا تَكونَنَّ مِنَ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِ اللَّهِ فَتَكونَ مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 95)

۽ نڪي تون انھن مان ھج جن الله جي آيتن کي ڪُوڙ ڄاتو ته تون ڇيئي وارن مان ٿيندين.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ انهن ماڻهن جهڙا نه ٿيو جن الله جي نشانين کي ڪوڙو ٺهرايو ۽ نتيجو هيءُ نڪتو جو هو نامراد ٿي وڏي فقصان هيٺ اچي ويا.(علامه علي خان ابڙو)


۽ هرگز تون انهن ماڻهن مان نه ٿيءُ جيڪي قرآن ڪريم کي ڪوڙو سمجھي نقصان وارن مان ٿي پيا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ نڪي هرگز انهن مان ٿيءُ جن خدا جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو (نه ته) تون به نقصان کڻن وارن مان ٿيندي.(سيد فرمان علي)


۽ هرگز نه هج انهن مان جو ڪوڙو ڪيائون آيتن الله جي کي پوءِ ٿي پوين نقصان وارن مان.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ نه ڪي هرگز انهن مان ٿيءُ جن الله جي ڳالهين کي ڪوڙو ڪيو نه ته تون به نقصان پائڻ وارن مان ٿيندين. (مولانا محمد مدني)


۽ نه هرگز انهن ماڻهن مان ٿجانءِ جن الله جي آيتن کي ڪوڙو چيو نه ته تون نقصان وارن مان ٿيندين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


پڻ مَ ٿِي، تن مان مُور، جن آيتون اَلله جون، ڪوٺيون ڪُوڙ فُتور، پوءِ ڀيڙو ڀِينگن سان ٿِئين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


إِنَّ الَّذينَ حَقَّت عَلَيهِم كَلِمَتُ رَبِّكَ لا يُؤمِنونَ (آيت : 96)

بيشڪ جن تي پنھنجي پالڻھار (جي عذاب) جو حُڪم لازم ٿي چڪو آھي سي ايمان نه آڻيندا.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر!) جن ماڻهن تي الله جو فرمان سچو ثابت ٿيو آهي (يعني سندس هي قانون ته جيڪو اکيون کڻي پوريندو تنهن کي ڪجهه به نظر نه ايندو) سي ڪڏهن به ايمان نه آڻيندا.(علامه علي خان ابڙو)


بيشڪ انهن ماڻهن لاءِ تنهنجي رب جو قطعي فيصلو ثابت ٿي چُڪو آهي ته اهي ايمان نه آڻيندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي رسول!) بيشڪ جن ماڻهن جي واسطي تنهنجي پالڻهار جون ڳالهيون پوريون لهي چڪيون آهن (ته اهي عذاب ڪرڻ جا مستحق آهن) اهي ماڻهو ايمان نه آڻيندا.(سيد فرمان علي)


بيشڪ اهي ماڻهو جو ثابت ٿيو انهن تي فرمان رب تنهنجي جو نه ايمان آڻيندا .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


بيشڪ جن تي تنهنجي پاليندڙ (جي عذاب) جو حڪم لازم ٿيو سي ايمان نه آڻيندا. (مولانا محمد مدني)


بيشڪ اُهي ماڻهو جن تي تنهنجي پالڻهار جي ڳالهه ثابت ٿي چڪي آهي، اُهي ايمان نه آڻيندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


قَلم تُنهنجي قادر جو، لَڳو جن تي لال!، سي نه مَڃِين مُورهين؛ (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلَو جاءَتهُم كُلُّ ءايَةٍ حَتّىٰ يَرَوُا العَذابَ الأَليمَ (آيت : 97)

جيتوڻيڪ وٽن سڀ دليل اچن جيستائين ته ڏکوئيندڙ عذاب ڏسن.(علامه تاج محمود امروٽي)


جيڪڏهن (دنيا جون) سڀ نشانيون به هنن جي اڳيان اچي وڃن (ته به هو نه مڃيندا) تان جو دردناڪ عذاب پنهنجي اکين سان ڏسن.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جيتوڻيڪ اهي سڀئي نشانيون ڏسن، ايستائين جو اُهي دردناڪ عذاب نه ڏسن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


جيستائين دردناڪ عذاب نه ڏسندا، توڙي انهن اڳيان (ساري خدائي جا) معجزا اچي موجود ٿين.(سيد فرمان علي)


جيتوڻيڪ اچي انهن وٽ هر نشاني تانجو ڏسن عذاب دردناڪ .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


توڙي انهن وٽ هر هڪ نشاني اچي تان جو هو دردناڪ عذاب (نه) ڏسن. (مولانا محمد مدني)


توڙي جو انهن تي هر نشاني اچي وڃي ايستائين جو اُهي دردناڪ عذاب ڏسن. (ته به ايمان نه آڻيندا)(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


اِهو هُوندن حال، توڻي اَچن اُنهن کي، ڪيڏا ڪم ڪمال، پَسن تان، پيمال، سُورن واري ساڙ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَلَولا كانَت قَريَةٌ ءامَنَت فَنَفَعَها إيمٰنُها إِلّا قَومَ يونُسَ لَمّا ءامَنوا كَشَفنا عَنهُم عَذابَ الخِزىِ فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَمَتَّعنٰهُم إِلىٰ حينٍ (آيت : 98)

يُونُس جي قوم کانسواءِ ڪن ڳوٺن (وارن عذاب نازل ٿيڻ وقت) ڇونه ايمان آندو ته سندن ايمان کين فائدو ڏئي ھا، جنھن مھل (يونس جي قوم) ايمان آندو (ته اُن وقت) خواريءَ وارو عذاب دُنيا جي حياتيءَ ۾ کانئن لاٿوسون ۽ کين ڪُجھ وقت آسُودو ڪيوسون.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ ڇو ائين ٿيو جو يونس جي قوم جي بستي (آبادي ۽ شهر) کان سواءِ ڪابه اهڙي بستي ڪانه هئي جا (عذاب اچڻ کان اڳي) ايمان آڻي ها ۽ ايمان جي برڪتن جو فائدو پرائي ها. سو اسان به هن (يونس جي ماڻهن) تان ذلت (خواري) جو اهو عذاب ٽاري ڇڏيو جو دنيا جي زندگيءَ ۾ مٿن اچڻو هو ۽ هڪ خاص مدي تائين اسان کين آسودي زندگيءَ جي مهلت ڏني.(علامه علي خان ابڙو)


(عذاب نازل ٿيڻ کانپوءِ) ڪنهن به ڳوٺ واري کي سندن ايمان آڻڻ فائدو ڪونه ڏنو، سواءِ قوم يونس جي، جڏهن انهن ايمان آندو ته اسان، دنيا جي حياتي ۾ خواري وارو عذاب سندن مٿان لاهي ڇڏيو ۽ مقرر وقت تائين اسان انهن کي خوش رکيو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


پوءِ ڇا لاءِ ٻيو ڪو اهڙو نه ٿيو جو آڻي ها ته سندس ايمان فائدي مند ٿئي ها. هاءُ يونس جي قوم جڏهن (عذاب ڏسي) ايمان آندو ته اسان دنيا (فاني) جي حياتيءَ ۾ مٿن خواريءَ جو عذاب لاٿو ۽ کين هڪ خاص وقت تائين آسودو ڪيوسين.(سيد فرمان علي)


پوءِ ڇو نه هو ڪو ڳوٺ جو ايمان آڻي ها پوءِ نفعو ڏئي ها ان کي ايمان ان جو پر قوم يونس جي جڏهن ايمان آندائون ته پري ڪيوسون انهن کان عذاب خواريءَ جو حياتيءَ دنيا جي ۾ ۽ نفعو ڏنوسون انهن کي مقرر وقت تائين .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ ڇا لاءِ يونس جي قوم کان سواءِ ٻيو ڪو ڳوٺ اهڙو نه ٿيو جو ايمان آڻي ها. پوءِ ان کي سندس ايمان فائدو ڏئي ها (جيئن) انهن (يونس جي قوم) جڏهن ايمان آندو تڏهن اسان انهن تان دنيا جي حياتيءَ ۾ خواريءَ جو عذاب لاٿو ۽ کين هڪ وقت تائين آسودو ڪيوسون. (مولانا محمد مدني)


پوءِ ڇا اهڙو ڪو مثال آهي جو هڪ ڳوٺ عذاب ڏسي پوءِ ايمان آندو هجي ۽ انهن جي ايمان انهن کي نفعو ڏنو هجي يونس جي قوم کان سواءِ. جڏهن ايمان آندائون ته اسان انهن تان دنياوي زندگي ۾ خواريءَ وارو عذاب لاٿو ۽ کين هڪ وقت تائين خوشحال ڪيوسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


هُوند، نه هوڪو ڳوٺڙو، ته مَڃن وَرسايسِ مُور، مگر جَماعت يُونُس جِي، مَڃيؤن جڏهن مَجبور، ته جُٺ جِھڙو عذاب، اُنهن تان، ڪيوسون دنيا ۾ دُور، ۽ وَٺايوسونِ ضَرور، وَٽابو ڪِنهن وقت سِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلَو شاءَ رَبُّكَ لَءامَنَ مَن فِى الأَرضِ كُلُّهُم جَميعًا أَفَأَنتَ تُكرِهُ النّاسَ حَتّىٰ يَكونوا مُؤمِنينَ (آيت : 99)

۽ جيڪڏھن تنھنجو پالڻھار گھري ھا ته جيڪي زمين ۾ آھن سي سڀ سمورا ضرور ايمان آڻين ھا، پوءِ تون ماڻھن کي زور ڪندين ڇا ته مؤمن ٿين؟(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (اي پيغمبر!) جيڪڏهن تنهنجو پروردگار چاهي ها ته جيڪي به ماڻهو روءِ زمين تي آهن سي سڀ ايمان آڻين ها (۽ دنيا ۾ اعتقاد ۽ عمل جو اختلاف ڪونه هجي ها، پر تون ڏسين ٿو ته الله تعاليٰ ائين ڪونه چاهيو. سندس مشيت يا قانون ئي ائين ٿيو ته طرح طرح جون طبيعتون ۽ لياقتون ظهور ۾ اچن. پوءِ جيڪڏهن ماڻهو اسلام تي نه اچن ته) ڇا تون انهن تي زور آڻيندين ته جستائين ايمان نه آڻيندؤ تيستائين مان اوهان کي ڇڏڻ وارو ناهيان؟(علامه علي خان ابڙو)


۽ جيڪڏهن رسولِ عربي توهان جو رب چاهي ها ته سموري زمين جا سمورا ماڻهو ايمان آڻن ها، ڇا پوءِ توهان ماڻهن (ڪافرن) کي ناپسند ڪريو ٿا، ايستائين جو اهي ايمان آڻن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (اي پيغمبر) جيڪڏهن تنهنجو پروردگار گهري ها ته جيڪي ماڻهو روءِ زمين تي آهن اهي سڀئي ايمان آڻين ها، ڇا پوءِ تون ماڻهن تي زبردستي ڪندين ته اهي سڀ ايماندار ٿين.(سيد فرمان علي)


۽ جيڪڏهن گھري ها رب تنهنجو ته البته ايمان آڻين ها اهي جو زمين ۾ آهن سڀ ئي پوري جا پورا ڇا پوءِ مجبور ڪندين تون ماڻهن کي تانجو ٿين مؤمن .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽جيڪڏهن تنهنجو پاليندڙ گهري ها ته جيڪي زمين ۾ آهن سي سڀئي گڏ ايمان آڻين ها. ڇا پوءِ تون ماڻهن تي زبردستي ڪندين ته اهي مسلمان ٿين. (مولانا محمد مدني)


۽ جيڪڏهن تنهنجو پروردگار چاهي ها ته جيڪي به زمين ۾ آهن سي سڀ گڏجي ايمان آڻن ها. ڇا پوءِ تون ماڻهن مٿان سختي ڪندين؟ ايستائين جو مؤمن بنجي وڃن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


هُوند، وڻي توڌڻِي، ته ڀُون۾، جي ڀَر پُور، تن مِڙنِي گَڏ مَڃيو، پوءِ ڪَرئـِين ڪِنهن دَستور، ماڻهن کي، مَجبُور، ته هونِ مَڃيندڙ مُورهِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَما كانَ لِنَفسٍ أَن تُؤمِنَ إِلّا بِإِذنِ اللَّهِ وَيَجعَلُ الرِّجسَ عَلَى الَّذينَ لا يَعقِلونَ (آيت : 100)

۽ ڪنھن ماڻھوءَ کي الله جي گھُر کانسواءِ مؤمن ٿيڻ جو اختيار نه آھي، ۽ جيڪي نه ڄاڻندا آھن تن تي (ڪفر جي) پليتي رکندو آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (يا رکو ته) ڪنهن به انسان جي اختيار ۾ ناهي جو الله جي حڪم کان سواءِ (ڪنهن به ڳالهه تي) ايمان آڻي. (يعني الله جي قانون کان جيڪو ٻاهر هوندو سو ڪڏهن به حق تي نه ايندو ۽ سندس قانون هي آهي ته) الله تعاليٰ انهن ماڻهن کي (محرومي ۽ بدبختي جي) گندگيءَ ۾ ڇڏي ٿو ڏئي جيڪي عقل کان ڪم نٿا وٺن.(علامه علي خان ابڙو)


۽ ڪنهن انسان کي طاقت ناهي جو الله جي رضامندي کان سواءِ م‍ؤمن ٿي سگھي، ۽ الله تعالى انهن ماڻهن تي عذاب ڪري ٿو جيڪي حق ۽ باطل ۾ فرق نٿا ڪن(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


هوڏانهن ڪنهن شخص کي اهو اختيار نه آهي جو الله جي حڪم کان سواءِ ايمان آڻي. ۽ جيڪي (دين جي اصول ۾) عقل کان ڪم نٿا وٺن، انهن کي ئي خدا (ڪفر جي) پليتي وجهي ٿو.(سيد فرمان علي)


۽ نه ٿو هجي ڪنهن نفس جي لاءِ ته ايمان آڻي مگر الله جي اذن سان ۽ وجھي ٿو (ڪفر جي) پليدي انهن تي جو نه ٿا عقل رکن.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ ڪنهن به ماڻهوءَ لاءِ هيءَ ڳالهه آسان نه آهي ته الله جي حڪم کان سواءِ ايمان آڻي. ۽ جيڪي عقل کان ڪم نه ٿا وٺن تن تي الله پليتي وجهي ٿو. (مولانا محمد مدني)


۽ ڪنهن شخص لاءِ (سولو) ناهي جو بنا الله جي حڪم جي ايمان آڻي. ۽ (الله ڪفر جي) پليتي انهن مٿان وجهي ٿو جيڪي عقل کان ڪم نه ٿا وٺن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ڪِنهن ماڻهوءُ وَس نه مُور، ته اَچي سو اِيمان تي، بنا اِذن اَلله جي؛ ۽ ڌڻيء جي دستور، پَوي نه جَن پروڙ، اُڇلي ٿو ڪِن، اُنهن مَٿي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُلِ انظُروا ماذا فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما تُغنِى الءايٰتُ وَالنُّذُرُ عَن قَومٍ لا يُؤمِنونَ (آيت : 101)

چؤ ته نھاريو ته آسمانن ۽ زمين ۾ ڪھڙيون (سندن قدرتون) آُھن؟ ۽ نه مڃيندڙ قوم کي نشانيون ۽ ڊيڄارڻ فائدو نه ڏيندا آھن.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر!) تون انهن ماڻهن کي چئو ته جيڪي به آسمان ۾ (اوهان جي مٿان) آهي ۽ جيڪي به زمين ۾ (اوهان جي چئني طرفن کان) آهي تنهن تي نظر ڪيو (۽ ڏسو ته هو پنهنجي حالتن سان ڪهڙي حقيقت جي شاهدي ڏيئي رهيا آهن) پر جيڪي ماڻهو يقين نٿا رکن تن جي لاءِ نڪي (قدرت جون) نشانيون ڪارگر ٿين ٿيون، نڪي (رسولن جون) تنبيهون ۽ خبردار ڪرڻ واريون هدايتون.(علامه علي خان ابڙو)


توهان فرمايو ته توهان الله تعالى جون نشانيون غور سان ڏسو آسمانن ۽ زمينن ۾ ۽ جيڪي ماڻهو ايمان نٿا آڻن انهن کي نشانين ۽ ڊپ مان ڪو فائدو حاصل نه ٿيندو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي پيغمبر! کين) چئو ته ڏسو ته آسمانن ۽ زمين ۾ (خدا جون نشانيون) ڪهڙيون به آهن؟ (پر سچ ته هي آهي) ۽ جيڪي ايمان قبول نه ٿا ڪن انهن کي اسان جون نشانيون ۽ ڊيڄارڻ ڪو فائدو نه ڏيندو.(سيد فرمان علي)


فرماءِ ته: ڏسو ته ڇا آهي آسمانن ۾ زمينن ۾ ۽ نه ٿيون فائدو ڏين آيتون ۽ ڊيڄاريندڙ ان قوم کي جيڪي نه ٿا ايمان آڻين، .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي پيغمبر! کين) چئو ته ڏسو ته آسمانن ۽ زمين ۾ ڇا ڇا آهي؟ ۽ جيڪي ماڻهو نه ٿا مڃين تن کي نشانيون ۽ ڊيڄارڻ وارا ڪجهه به ڪم نه ايندا. (مولانا محمد مدني)


چؤ ته ڏسو ته آسمانن ۽ زمين ۾ ڇاڇا (نشانيون) آهن! ۽ (اهي) نشانيون ۽ ڊيڄارڻ وارا (نبيءَ) ان قوم کي فائدو نه ٿا پهچائي سگهن جيڪي ايمان آڻڻ نه ٿا چاهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چئو، ڏِسو ته اُڀ، زمين ۾، آهن ڇا اسرار، پَڌرايو ۽ پَيَڙا، بِلڪل نه لاهِينِ بار، ڪَنان قوم ڪُفَّار، جي سَچ سَمجھن ڪِين ڪِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


فَهَل يَنتَظِرونَ إِلّا مِثلَ أَيّامِ الَّذينَ خَلَوا مِن قَبلِهِم قُل فَانتَظِروا إِنّى مَعَكُم مِنَ المُنتَظِرينَ (آيت : 102)

پوءِ اُنھن جھڙين مُصيبتن کانسواءِ انتظار نه ڪندا آھن جيڪي کانئن اڳ گذري ويون، (کين) چؤ ته انتظار ڪريو آءٌ به اوھان سان گڏ انتظار ڪندڙن مان آھيان.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ جيڪڏهن اهي ماڻهو منتظر آهن ته سندن انتظار (يعني ڪنهن ڳالهه لاءِ ترسي پوڻ) هن ڳالهه کان سواءِ ٻي ڪهڙي ڳالهه لاءِ ٿي سگهي ٿو ته جهڙي (عذاب جا) ڏينهن اڳين ماڻهن تي اچي چڪا هئا تهڙائي مٿن به اچي ڪڙڪن. سو تون چئي ڏي ته چڱو، انتظار ڪندا رهو. مان به توهان سان گڏ انتظار ڪرڻ وارن مان آهيان (ته خدا ڪهڙو نه مناسب فيصلو ٿو ڪري).(علامه علي خان ابڙو)


پوءِ اهي (مڪي وارا) انتظار نٿا ڪن مگر عذاب جي اچڻ جو جيڪو اڳين ماڻهن تي نازل ٿيو، توهان فرمايو ته توهان انتظار ڪريو بيشڪ آئون به توهان سان گڏ انتظار ڪندڙ آهيان(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


ته پوءِ اهي ماڻهو به انهن ئي (سزائن) جا منتظر آهن جيڪي هنن کان اڳين تي گذري چڪا آهن. (اي رسول! کين) چئو ته چڱو اوهين به انتظار ڪريو بيشڪ آءُ به اوهان سان گڏ انتظار ڪندڙن مان آهيان.(سيد فرمان علي)


پوءِ نه ٿا انتظار ڪن پر مثال ڏينهن انهن جي جيڪي گذريا انهن کان اڳي فرماءِ ته پوءِ انتظار ڪيو بلاشڪ مان اوهان سان گڏ انتظار ڪندڙن مان آهيان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


پوءِ اهي انتظار نه ٿا ڪن مگر انهن تي آيل ڏينهن جهڙو جيڪي انهن کان اڳي گذري ويا. (اي پيغمبر! کين) چئو ته پوءِ انتظار ڪريو بيشڪ آءُ (به) اوهان سان گڏ انتظار ڪندڙن مان آهيان. (مولانا محمد مدني)


سو اهي انتظار نه ٿا ڪن مگر انهن ماڻهن تي آيل ڏينهن جهڙو جيڪي انهن کان اڳ گذري چڪا. چؤ پوءِ انتظار ڪيو ۽ آءُ به اوهان سان گڏ انتظار ڪرڻ وارن مان آهيان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


نَه ڪَڍنِ اِنتظار، مگر اُن ڏوهِيُن جي، ڏِينهَنْ جھڙو، جي اَ ڳي اُنهن کان گُذريا؛ چئو، پوءِ ويٺا ڏِسو ڪاوار، توهان گَڏ تَڪرار، آئون پڻ اِنتظارين مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


ثُمَّ نُنَجّى رُسُلَنا وَالَّذينَ ءامَنوا كَذٰلِكَ حَقًّا عَلَينا نُنجِ المُؤمِنينَ (آيت : 103)

وري اسين پيغمبرن کي ۽ جن ايمان آندو تن کي بچائيندا آھيون اھڙي طرح اسان تي حق آھي ته مؤمنن کي بچايون.(علامه تاج محمود امروٽي)


پوءِ (جڏهن عذاب جي گهڙي اچي ٿي وڃي تڏهن اسان جو قانون آهي ته) پنهنجي رسول کي ۽ مؤمنن کي ان عذاب کان بچائي ٿا وٺون. اهڙيءَ طرح اسان پاڻ تي ضروري ٺهرايو آهي ته مؤمنن کي بچائيندا رهون.(علامه علي خان ابڙو)


اُن کان پوءِ اسان پنهنجن پيغمبرن ۽ مؤمنن کي نجات ڏني اهڙي طرح مؤمنن کي نجات ڏيڻ اسان جي مٿان لازم آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


وري (عذاب نازل ٿيڻ وقت) اسين پنهنجن رسولن ۽ ايمان وارن کي (عذاب کان) صاف بچائيندا آهيون. اهو ئي اسان تي الزام آهي ته اسين ايمان آڻڻ وارن کي به بچايون.(سيد فرمان علي)


ان کان پوءِ بچائينداسون رسولن پنهنجن کي ۽ انهن کي جن ايمان آندو اهڙي طرح حق آهي اسان تي ته ڇڏينداسون مؤمنن کي. ع(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


وري اسين اهڙيءَ طرح پنهنجن رسولن ۽ ايمان وارن کي بچائيندا آهيون. اسان تي حق آهي ته ايمان وارن کي بچايون. (مولانا محمد مدني)


پوءِ اسان پنهنجي رسولن کي بچايون ٿا ۽ اهڙي طرح انهن کي به جن ايمان آندو. اسان تي حق آهي ته مؤمنن کي بچايون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


موٽِي ڇڏياسون، مِهرسان، پَنهنجا پيغمبر، ۽ جَن به مَڃيو، تن مُؤمِنين، حق اسان تي، اِن پر، ته آجو ڪريون آخر، مُؤمِنَن کي مانَ سان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل يٰأَيُّهَا النّاسُ إِن كُنتُم فى شَكٍّ مِن دينى فَلا أَعبُدُ الَّذينَ تَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ وَلٰكِن أَعبُدُ اللَّهَ الَّذى يَتَوَفّىٰكُم وَأُمِرتُ أَن أَكونَ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 104)

چؤ ته اي ماڻھؤ جيڪڏھن منھنجي دين کان شڪ ۾ آھيو ته (ٻُڌو ته) الله کانسواءِ جن کي پوڄيندا آھيو تن کي نه پوڄيندس پر اُن الله کي پوڄيندس جيڪو اوھان کي ماريندو آھي، ۽ مُون کي حڪم ڪيو ويو آھي ته مؤمنن مان ھجان.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر!) تون چئو ته، اي انسانو! جيڪڏهن توهان کي منهنجي دين جي باري ۾ ڪنهن به طرح جو شڪ هجي ته مان توهان کي ٻڌائي ٿو ڇڏيان ته منهنجو طريقو ڪهڙو آهي. توهان الله کان سواءِ جن هستين جي بندگي ٿا ڪريو تن جي بندگي مان ڪونه ٿو ڪريان. (نڪي ڪندس) مان ته الله جي بندگي ٿو ڪريان (جنهن جي قبضي ۾ اوهان جي زندگي آهي ۽) جنهن جي حڪم سان اوهان تي موت اچي ٿو ۽ مون کي ان ئي وٽان حڪم آيل آهي ته مؤمنن جي جماعت ۾ رهان.(علامه علي خان ابڙو)


رسولِ عربي توهان فرمايو اي انسانو جيڪڏهن توهان کي منهنجي دين ۾ ڪو شڪ آهي تڏهن به آئون الله کان سواءِ (توهان جي) بُتن جي عبادت نه ڪندس پر آئون اُن الله جي عبادت ڪريان ٿو، جيڪو توهان کي زندگي ۽ موت ڏئي ٿو ۽ مون کي حڪم ڪيو ويو آهي ته آئون مؤمنن مان هجان(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي پيغمبر کين) چئو ته جيڪڏهن اوهين منهنجي دين جي باري ۾ شڪ ۾ پيا آهيو ته (آءُ به اوهان کي صاف ٻڌايان ٿو ته) خدا کان سواءِ جن جي اوهين عبادت ڪريو ٿا مون کي ته انهن جي عبادت ڪرڻي ڪانهي پر (هاءُ) آءُ ان خدا جي عبادت ڪريان ٿو جيڪو اوهان کي (پنهنجي قدرت سان دنيا مان اٿاريندو ۽ مون کي حڪم ڏنل آهي ته آءُ مومن آهيان.(سيد فرمان علي)


فرماءِ ته اي انسانو! جيڪڏهن آهيو شڪ ۾ منهنجي دين مان پوءِ نه عبادت (ڪندس) مان (انهن جي) جو عبادت ڪيو ٿا اوهان انهن جي الله کان سواءِ ۽ پر عبادت ڪيان ٿو مان الله جي جيڪو وفات ڪرائي ٿو اوهان کي ۽ امر ڪيو ويو آهيان ته هجان مؤمنن سان گڏ.(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي پيغمبر! کين) چئو ته اي انسانو! جيڪڏهن اوهان کي منهنجي دين (اسلام) ۾ شڪ آهي ته (ٻڌو ته) الله کان سواءِ جن جي اوهين عبادت ڪريو ٿا تن جي آءُ عبادت نه ٿو ڪريان پر آءُ ان الله جي عبادت ڪريان ٿو جيڪو اوهان کي ماري ٿو. ۽ مون کي حڪم ڪيو ويو آهي ته آءُ ايمان وارن مان ٿيان. (مولانا محمد مدني)


چؤ اي انسانو! جيڪڏهن اوهان منهنجي دين بابت شڪ ۾ آهيو ته (ٻُڌي ڇڏيو) پوءِ آءٌ انهن جي عبادت ڪونه ڪندس جن جي اوهين الله کان سواءِ عبادت ڪيو ٿا ۽ پر الله جي عبادت ڪندس جيڪو اوهان کي ماري ٿو ۽ مون کي امر ڪيو ويو آهي ته آءٌ مؤمنن مان هجان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چئو، ماڻهئا! مُنهنجي دين کان، جي آهيو شَڪ اندر، ته پَرور ري، جَن پُوڄِيو، تَن نه پُوڄِيندسِ ڪِنهن پر، پر پُوڄِيندس اُن کي، جو پُورو ڪَندان پَرور، اِهو ٿِينمِ اَمر، ته هُجان، مَڃِيندڙن مَنجھان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَأَن أَقِم وَجهَكَ لِلدّينِ حَنيفًا وَلا تَكونَنَّ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 105)

۽ (ھيءَ) ته پنھنجي مھاڙ کي حنيف دين لاءِ بيھڪ وٺاءِ، ۽ مُشرڪن مان نه ھُج.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ پڻ مون کي حڪم ڏنو ويو آهي ته، هر طرف کان هٽي پنهنجو رخ الله جي دين ڏانهن ڪر، ۽ هيئن هرگز نه ڪجانءِ جو مشرڪن منجهان ٿي پوين.(علامه علي خان ابڙو)


۽ (هيءُ حڪم به آهي ته) آئون پنهنجي دين تي مخلص هجان، ۽ توهان مشرڪن مان نه هجو(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (مون کي) هي به (حڪم آهي) ته مان (باطل کان) پاسو ڪري پنهنجو رخ دين ڏي قائم رک ۽ مشرڪن مان هرگز نه ٿج!(سيد فرمان علي)


۽ هي ته سڌو رک منهن پنهنجو واسطي دين جي حق تي هلندڙ باطل کا منهن موڙيندڙ ۽ هرگز نه هج مشرڪن مان .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ (مون کي چيو ويو آهي ته) ابراهيم جي طريقي تي ٿي پنهنجو منهن دين لاءِ سڌو ڪر ۽ مشرڪن مان ڪڏهن به نه ٿي. (مولانا محمد مدني)


۽ (مون کي چيو ويو آهي ته) هر باطل کان بچي پنهنجو رخ دين تي قائم رک ۽ هرگز شرڪ ڪرڻ وارن مان نه بنج.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ مُنهن پَنهنجو پاڪ دِين ڏي، ساري ڪَر سَنئون، ڦِريَل ڦيرن کئون، پَرجي، پُوڄارِيُن مان، نه ٿي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَلا تَدعُ مِن دونِ اللَّهِ ما لا يَنفَعُكَ وَلا يَضُرُّكَ فَإِن فَعَلتَ فَإِنَّكَ إِذًا مِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 106)

۽ الله کانسواءِ انھي جي عبادت نه ڪر جيڪو توکي نڪي سُک پُھچائي ۽ نڪي توکي ڏُک پھچائي، پوءِ جيڪڏھن (ائين) ڪندين ته اُنھي مھل تون ظالمن مان ٿيندين.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ (مونکي حڪم ڏنو ويو آهي ته) الله کان سواءِ ڪنهن کي به نه پڪار، کانئس سواءِ جيڪو به آهي سو نڪي فائدو پهچائي سگهي ٿو، نڪي نقصان! جيڪڏهن تون ائين ڪندين (يعني ڪنهن غير کي پڪاريندين) ته پوءِ يقيناً تون ظالمن ۾ شمار ڪيو ويندين.(علامه علي خان ابڙو)


۽ توهان الله کان سواءِ (ُبُتن جي) عبادت نه ڪريو جيڪي توهان کي نفعو ۽ نقصان نٿا پهچائي سگھن، پوءِ جيڪڏهن بالفرض توهان ايئن ڪيو ته توهان ظالمن مان ٿي پوندا(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ خدا کي ڇڏي اهڙي شيءِ کي نه سڏ جيڪا تو کي نه فائدو پهچائي ۽ نه تو کي نقصان پهچائي سگهي ٿي. پوءِ جيڪڏهن تون ائين ڪندين ته ان وقت تون به ظالمن مان ٿيندي.(سيد فرمان علي)


۽ نه عبادت ڪر سواءِ الله جي ان جي جو نه ٿو نفعو ڏئي توکي ۽ نه ٿو نقصان ڏئي توکي.وءِ جيڪڏهن ڪندين ته پوءِ بيشڪ تون ان وقت ظالمن مان هوندين .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ الله کان سواءِ اهڙي شيءِ کي نه سڏ جا توکي نه فائدو پهچائي ۽ نه توکي نقصان پهچائي. پوءِ جيڪڏهن تون (ائين) ڪندين ته ان وقت ئي ظالمن مان ٿيندين. (مولانا محمد مدني)


۽ الله کان سواءِ ڪنهن اهڙي شيءِ جي پوڄا نه ڪر جيڪا تو کي نه نفعو ڏئي ۽ نه نقصان ڏئي پوءِ جيڪڏهن تو ائين ڪيو ته ان وقت ئي تون نا انصافن مان ٿي پوندين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ ري سائـِينءَ سَڏ مَ تَن کي، جي نه ڏِينَئـِي نَفعو، ۽ نُقصان، جي ڪيئـِي ڪَم اِهڙو، خَطا جِھڙو خان!، تڏهن ته بي گمان، هُوندين هاڃيڪارن مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَإِن يَمسَسكَ اللَّهُ بِضُرٍّ فَلا كاشِفَ لَهُ إِلّا هُوَ وَإِن يُرِدكَ بِخَيرٍ فَلا رادَّ لِفَضلِهِ يُصيبُ بِهِ مَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ وَهُوَ الغَفورُ الرَّحيمُ (آيت : 107)

۽ جيڪڏھن الله توکي ڪو ڏک پھچائي ته اُن ڌاران ڪو اُن جي لاھڻ وارو ڪونھي، ۽ جيڪڏھن تولاءِ چڱائي گھري ته سندس فضل ڪو ھٽائڻ وارو نه آھي، پنھنجي ٻانھن مان جنھن کي وڻيس تنھن کي فضل پُھچائيندو آھي، ۽ اُھو بخشڻھار مھربان آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


۽ جيڪڏهن الله تعاليٰ جي حڪم سان توکي ڪا تڪليف پهچي ته پڪ ڄاڻ ته ان کي لاهڻ وارو ٻيو ڪوبه ڪونهي سواءِ سندس ذات جي. جيڪڏهن هو توکي ڪنهن به طرح جي چڱائي بخشڻ چاهي ته پڪ ڄاڻ ته ڪوبه ٻيو ڪونهي جو سندس فضل کي روڪي سگهي. هو پنهنجي ٻانهن مان جنهن لاءِ وڻيس تنهن تي فضل ڪري ڇڏي. هو بخشيندڙ ۽ رحم وارو آهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ جيڪڏهن الله توهان کي ڪا تڪليف پهچائي ٿو ته پوءِ الله کانسواءِ ڪوبه اها تڪليف لاهي نٿو سگھي، ۽ جيڪڏهن توهان جي لاءِ خير چاهي ٿو ته پوءِ الله جي فضل کي ڪو روڪي نٿو سگھي، اُن فضل کي پنهنجي بندن تائين پهچائي ٿو، ۽ اهوئي بخش ڪندڙ ٻاجھارو آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (ياد رکو ته) جيڪڏهن خدا جي طرفان تو کي ڪا تڪليف پهچي به ته پوءِ ان کان سواءِ ڪو به ان جي ٽارڻ وارو نه آهي. پر جيڪڏهن اهو تو کي ڀلائي پهچائڻ گهري ته سندس فضل (۽ ڪرم) کي ڪو ٿيڙڻ وارو نه آهي. پنهنجن ٻانهن مان جنهن کي گهري ٿو تنهن کي فائدو پهچائي ٿو ۽ اهو معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.(سيد فرمان علي)


۽ جيڪڏهن پهچائي توکي الله نقصان پوءِ ناهي ڪو دور ڪندڙ واسطي ان جي مگر اهو ۽ جيڪڏهن ارادو ڪري تولاءِ ڀلائيءَ جو ته پوءِ ناهي ڪو موٽائيندڙ واسطي مهربانيءَ ان جي، پهچائي ٿو ان کي جنهن کي گھري ٻانهن پنهنجن مان ۽ اهو بخشڻهار مهربان آهي .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ جيڪڏهن الله توکي ڪا تڪليف پهچائڻ گهري ته الله کان سواءِ ان کي ڪو هٽائڻ وارو نه آهي. ۽ جيڪڏهن توکي ڀلائي پهچائڻ گهري ته سندس فضل کي ڪو ڦيرڻ وارو نه آهي. پنهنجن ٻانهن مان جنهن کي گهري ٿو تنهن کي اهو (فضل) پهچائي ٿو ۽ اهو معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ جيڪڏهن الله تو کي ڪا تڪليف پهچائڻ چاهي ته ان کان سواءِ ڪو به هٽائڻ وارو نه آهي ۽ جيڪڏهن اهو توکي ڀلائي پهچائڻ چاهي سندس فضل کي ڪو ڦيرائڻ وارو نه آهي. پنهنجي ٻانهن مان جنهن کي چاهي ٿو ان کي اها پهچائي ٿو ۽ اهو بخشڻهار ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ جي سائـِين ڏِينَئي سُور، ته اُن جو، نه ويڄ، اُن ري، جي وڻيسِ، ته توسان وَڙ ڪري، ته مانِع ناهي مُور، تِنهن ڀلي جي ڀال کي؛ تنهن کي نَوازي، سو نُور، سَندسِ سپاهِيُن مان، جِنهن لئي گُھري، پاڻ غفور؛ ۽ ظاهر آهي، ضَروور، سو مَرهِيندڙ ۽ مِهرڀَريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


قُل يٰأَيُّهَا النّاسُ قَد جاءَكُمُ الحَقُّ مِن رَبِّكُم فَمَنِ اهتَدىٰ فَإِنَّما يَهتَدى لِنَفسِهِ وَمَن ضَلَّ فَإِنَّما يَضِلُّ عَلَيها وَما أَنا۠ عَلَيكُم بِوَكيلٍ (آيت : 108)

چؤ ته اي ماڻھؤ بيشڪ اوھان وٽ اوھان جي پالڻھار کان حق آيو آھي، پوءِ جيڪو ھدايت وارو ٿيو سو پاڻ لاءِ ھدايت ٿو لھي، ۽ جيڪو ڀُلو تنھن تي گمراھيءَ ھجڻ کانسواءِ (ٻيو ڪي) نه آھي، ۽ آءٌ اوھان جو ذمي وار نه آھيان.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر!) انهن ماڻهن کي چئو ته، اي نسانو! توهان جي پروردگار وٽان سچائي توهان وٽ اچي ويئي آهي. پوءِ جيڪو هدايت جي واٽ وٺندو سو پنهنجي ئي چڱائي لاءِ وٺندو ۽ جيڪو گمراه ٿيندو تنهن جي گمراهي سندس ئي آڏو ايندي. مان (پيغمبر) اوهان تي نگهبان ڪونه آهيان (جو زبردستيءَ اوهان کي مڃايان ۽ راه وٺايان).(علامه علي خان ابڙو)


رسولِ عربي توهان فرمايو اي انسانو توهان وٽ توهان جي رب جي طرفان حق پهتو، پوءِ جنهن هدايت اختيار ڪئي پوءِ انهي پنهنجي لاءِ هدايت اختيار ڪئي، ۽ جنهن گمراهي اختيار ڪئي ان پنهنجي لاءِ گمراهي اختيار ڪئي، ۽ آئون توهان جي ڪمن جو ذميدار ناهيان(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


(اي پيغمبر! کين) چئو ته اي انسانو! بيشڪ اوهان وٽ اوهان جي پالڻهار جي طرفان حق (قرآن) آيو آهي. پوءِ جيڪو سڌي راھ تي آيو سو رڳو پاڻ لاءِ سڌي رستي تي اچي ٿو ۽ جيڪو گمراھ ٿيو سو رڳو پنهنجي نقصان لاءِ گمراھ ٿئي ٿو. ۽ آءُ اوهان جو ذمه دار ته آهيان ڪين!(سيد فرمان علي)


فرماءِ ته: اي انسانو! تحقيق آيو اوهان وٽ حق رب اوهان جي کان پوءِ جيڪو هدايت وارو ٿيو پوءِ تحقيق هدايت وارو ٿو ٿئي واسطي سر پنهنجي ۽ جيڪو گمراھ ٿيو پوءِ تحقيق گمراھ ٿو ٿئي پاڻ تي ۽ ناهيان مان اوهان تي ذميوار .(مولانا محمد ادريس ڏاهري)


(اي پيغمبر! کين) چئو ته اي انسانو! بيشڪ اوهان وٽ اوهان جي پاليندڙ جي طرفان حق آيو آهي پوءِ جيڪو رستي تي آيو سو رڳو پاڻ لاءِ رستي تي اچي ٿو ۽ جيڪو گمراهه ٿيو سو رڳو پنهنجي نقصان لاءِ گمراهه ٿئي ٿو. ۽ آءُ اوهان تي نگهبان نه آهيان. (مولانا محمد مدني)


چؤ اي انسانو! بيشڪ اوهان وٽ اوهان جي پالڻهار کان حق آيو آهي. پوءِ جنهن هدايت اختيار ڪئي ته اُهو پنهنجي فائدي جي لاءِ ئي هدايت اختيار ڪري ٿو ۽ جيڪو گمراه ٿيو اُهو فقط پنهنجي نقصان لاءِ گمراهه ٿيو ۽ آءٌ اوهان تي نگهبان نه آهيان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


چئو، آيان اي انسان!، سَچ پَنهنجي، سائينءَ کان، پوءِ سُوٺو، جنهن سَچ کي، ته سُود سند*سِ ئـِي جان، ۽ جي ڀُلَيو، ته ڀُل اُنهِيءَ تي، بِلڪُل بي گمان، ۽ آئون نَه نِگھبان، اَصل اوهان تي آهيان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))


وَاتَّبِع ما يوحىٰ إِلَيكَ وَاصبِر حَتّىٰ يَحكُمَ اللَّهُ وَهُوَ خَيرُ الحٰكِمينَ (آيت : 109)

۽ جيڪي توڏانھن وحي ڪيو وڃي ٿو تنھنجي تابعداري ڪر ۽ (ايستائين) صبر ڪر جيسين الله نبيرو ڪري، ۽ اُھو چڱو نبيرو ڪندڙ آھي.(علامه تاج محمود امروٽي)


(اي پيغمبر!) جيڪو وحي توتي موڪليو وڃي ٿو تنهن تي عمل ڪندو رهه ۽ پنهنجي راه تي ڄميو ره، تان جو الله تعالي! فيصلو ڪري ۽ هو فيصلو ڪندڙن ۾ سڀني کان بهتر فيصلو ڪندڙ آهي.(علامه علي خان ابڙو)


۽ توهان ان وحي ربانيءَ جي تابعداري ڪريو جيڪا توهان ڏانهن موڪلي وئي آهي ۽ توهان صبر ڪريو ايستائين جو الله تعالى فيصلو فرمائي، ۽ اهوئي بهترين فيصلو ڪندڙ آهي(علامه عبدالوحيد جان سرهندي)


۽ (اي رسول!) تون فقط ان جي پيروي ڪر جيڪي تو ڏي وحي ڪيو وڃي ٿو ۽ صبر ڪر جيستائين خدا (تنهنجي ۽ ڪافرن جي وچ ۾) فيصلو ڪري ۽ اهو سڀني کان سٺو فيصلو ڪندڙ آهي.(سيد فرمان علي)


۽ تابع ٿيءُ ان جو جيڪو وحي ڪيو ٿو وڃي تو ڏانهن ۽ صبر ڪر تانجو حڪم ڪري الله ۽ اهو حڪم ڪندڙن مان ڀلو آهي. (مولانا محمد ادريس ڏاهري)


۽ تون فقط ان جي پيروي ڪر جيڪي تو ڏي وحي ڪيو وڃي ٿو ۽ صبر ڪر جيستائين الله فيصلو ڪري ۽ اهو سڀني کان چڱو فيصلو ڪندڙ آهي. (مولانا محمد مدني)


۽ تون ان جي پيروي ڪر جيڪو تو ڏانهن وحي ڪيو ويو ۽ صبر ڪر ايستائين جو الله فيصلو ڪري ۽ اُهو سڀني کان ڀلو فيصلو ڪندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


۽ تابِع ٿِي، تون تِنهنجو، جو اَچيئـِي وير!، وَحِي، ۽ تان فائـِق ڪري، ڪو فيصلو، سَڀ ڪُجھ وَڃ سَهِي، ۽ سُهڻو، سو صَحِي، نياءُ نِبيرِيندڙن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح))



© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017