سنڌسلامت پيغامِ قرآن ٽيم ھنن محسنن جو مشڪور آھي جن وقت بوقت پيغامِ قرآن ۾ اسان سان سھڪار ڪيو


فضل الرحمان ميمڻ (سنڌيڪا اڪيڊمي)

26 سيپٽمبر 1991ع تي ڪراچيءَ ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي جي بانيڪار نور احمد ميمڻ سنڌ جي ماڻهن کي برطانيا جي “برٽينيڪا” جي طرز تي هڪ جديد علمي ۽ شعوري اداري جي قائم ڪرڻ جي خوشخبري ڏني. سنڌيڪا جو مقصد آهي: سنڌين جي ڏاهپ جي سرچشمن جي مسلسل ۽ مستقل وهڪري کي يقيني بنائڻ لاءِ ڪوششون جاري رکڻ، ته جيئن مختلف علمي ۽ شعوري ميدانن ۾ سنڌ واسين کي اڳتي وڌڻ لاءِ نه فقط اتساه پر پليٽ فارم پڻ دستياب ٿي سگهي.
سنڌيڪا اڪيڊمي ان کانپوءِ مسلسل ڪتابن جي ڇپائيءَ جو سلسلو جاري رکيو ۽ سنڌ شناسي، لطيفيات، بايوگرافي، يادگيريون، اخلاقيات، ڏاهپ، فلسفو، ادب، عالمي تاريخ، تهذيب ۽ تمدن، سياسي ادب، سماجيات، تحقيق ۽ تنقيد، لسانيات، سائنٽولاجي، سيلف ڊولپمينٽ، نفسيات، صحت، تعليم، فڪشن، ٻارن لاءِ ڪتاب، گرامر، ڊڪشنريون، تعليمي مددگار مواد، ڪيريئر پلاننگ، رليجن، سيرت النبي ۽ قرآنيات تي شاهڪار ڪتاب ڇپيا ويا. جنھن ۾ برصغير جي روشن فڪر عالمن جي لکيل ديني ڪتابن، قرآن مجيد جي ترجمن ۽ تفسيرن کي شايع ڪيو ويو ته جيئن خدائي هدايت جي پيغام سواءِ ڪنهن فرقي بازي، انتهاپسندي ۽ تنگ نظريءَ جي سنڌ جي عوام تائين پهچي ۽ سنڌ ۾ حقيقي سلامتي، امن ۽ محبت جو معاشرو جڙي.
سنڌ سلامت سندن انتھائي مشڪور آھن جو پيغامِ قرآن جي ھن ڪارِ خير ۾ موجود زيادہ تر ترجما سندن طرفان سافٽ ڪاپي ۾ مھيا ڪيا ويا آھن.

02132737290


مولانا حبيب الرحمٰن خيرآبادي کوسو (مدرس ۽ ليڪچرار)

فاضل نوجوان، عالم دين، تحرير، تصنيف ۽ تاليف سان گڏوگڏ درس ۽ تدريس ۽ شاعري جي دنيا ۾ به پنهنجو پاڻ متعارف ڪرائيندڙ، انگريزي، عربي، فارسي، اردو ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ماهر نام و نمود کان ڪوهين پري.
نالو ۽ نسب
مولانا مفتي حبيب الرحمٰن بن مولانا ڊاڪٽر عبدالله بن واحد بخش بن نبي بخش کوسو. 12 اپريل 1987ء ڌاران ڳوٺ خير آباد تعلقه شهداد پور ضلع سانگهڙ ۾ پيدا ٿيا.
تعليم ۽ تربيت
ابتدائي تعليم پنهنجي والد مولانا ڊاڪٽر عبدالله کوسو جن وٽ شروع ڪيائون. پرائمري ڳوٺ دوست محمد کوسو تعلقه شهداد پور ضلع سانگهڙ ۾ پنهنجي ناني استاد محمد خان کوسو ۽ استاد ارباب خان کوسو وٽ پڙهيا. ديني تعليم مختلف مدرسن مان حاصل ڪندي جھڙوڪ جامعه دارالقرآن سرهيه ڪنڊيارو، جامعه شمس العلوم کرڙاھ ضلع خيرپور ميرس، مدرسه عربيه تعليم القرآن ڪوٽ الاهي بخش کوسو، جامعه دارالعلوم شهداد پور مان ابتدائي تعليم حاصل ڪندي سڄو درس نظامي جامعه عربيه انوارالعلوم ڪنڊيارو مڪمل پڙهي 2005ء ڌاران دستار ٻَڌي سند يافته مولوي ٿي ويا. دوره حديث مڪمل ڪرڻ کان پوءِ پاڻ انهيءَ مدرسي، جامعه انوارالعلوم ڪنڊيارو ۾ تخصص في الفقھ پڻ ڪيائون ۽ ان سان گڏوگڏ اتي تدريس به ڪيائون. ان کان پوءِ ڪراچي ۾ جامعه عمر ٽول پلازه ۾ تخصص في اللغة الانجليزيه پڻ ڪيائون.
سندن مشهور استادن ۾ حضرت مولانا ڊاڪٽر مفتي محمد ادريس سومرو، حضرت مولانا غلام مصطفيٰ راڄپر، حضرت مولانا سليم الله سومرو، حضرت مولانا عبدالاحد ڪٻر، حضرت مولانا خير محمد نانگراج، حضرت مولانا محمد الياس سومرو ۽ حضرت مولانا صبغت الله جوڳي شامل آهن.
مولانا صاحب بحيثيت استاد
ديني علوم جي فراغت کان پوءِ پاڻ مختلف ديني مدرسن ۾ پڙهائي چڪا آهن. جهڙوڪ: جامعه انوارالعلوم ڪنڊيارو ۾ هڪ سال، مرڪز عمر فاروق التعليمي منگوچي، ملاوي افريڪا کنڊ ۾ چار سال درس نظامي انگريزي ۽ عربي ۾ پڙهايائون.ان کان پوءِ دار القرآن سرهيه مسجد ڪنڊيارو ۾ درس نظامي پڙهايائون. پاڻ هن وقت جامعه عمر ٽول پلازه ڪراچي جي شعبي انگريزي جا استاد ۽ تصنيف ۽ تاليف جي پڻ نگراني ڪن ٿا. پاڻ مختلف ديني توڙي ادبي رسالن مضمون نويسي به ڪندا رهندا آهن. جھڙوڪ ماهوار الفاروق ڪراچي، ماهوار القاسم ڪوٽڙي، جامعه انوارالعلوم ڪنڊيارو مان نڪرندڙ رسالي مخزن الانوار جا ايڊيٽر پڻ آهن.
پاڻ مولانا ڊاڪٽر محمد ادريس السندي دامت برڪاتهم جا علمي ڪم ۾ ٻانهن ٻيلي به آهن ۽ سنڌ جي مشهور علمي تنظيم رابطة علماءِ السند جا نائب جنرل سيڪريٽري به آهن.
سنڌ سلامت سندن انتھائي مشڪور آھي.. پيغامِ قرآن ۾ موجود ترجمن ۾ پاڻ ھميشہ رھنمائي ڪندا رھيا آھن.

03087480606


هتي هڪ دفعو وري سمورن سنڌين کي گذارش آهي ته توهان به هن ڪارِ خير ۾ حصو وٺي آخرت ۾ سرخرو ٿي سگهو ٿا. ان سلسلي ۾ توهان هيٺين طرح مدد ڪري سگهو ٿا :

  • پاڻ وٽ موجود سنڌي ترجمي جي سافٽ ڪاپي موڪليو
  • پنهنجي طرفان قرآن پاڪ جو سنڌي ترجمو ڪمپوز ڪري موڪليو
  • يا مالي مدد طور سهائتا ڪريو

رابطي لاءِ برقي پتو: salamatsindh@gmail.com