پيغامِ قرآن بابت

اَعُوْذُ بِاللّٰهِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ
بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِیْمِ

سنڌ سلامت پيغامِ قرآن

جڏھن اسلام عرب دنيا کان اڳتي وڌڻ لڳو، ته غير عرب قومن کي قرآن مجيد سمجهڻ ڏکيو ٿي پيو. ۽ ان وقت ضرورت محسوس ٿي تہ قرآن مجيد جو ترجمو سندن جي ئي ٻولين ۾ ڪري کين سمجھايو وڃي. حضرت امام ابو حنيفه رحه طرفان قرآن پاڪ کي ٻين ٻولئَ ۾ ترجمي ڪرڻ جي فتوىٰ کان پوءِ سڀ کان پھريان سنڌي ٻولئَ ۾ قرآن مجيد جو ٽين صدئَ جي وچ ڌاري ترجمو ڪيو ويو. اهو يارهن سؤ سال اڳ جو ترجمو آهي، جو مهروڪ بن رائق راجا جي استدعا تي منصوره سنڌ جي عرب حاڪم عبدالله بن عمر بن عبدالعزيز جي حڪم سان هڪ عراقي عالم لکيو. جنھن کان پوءِ دنيا جي انيڪ ٻولين ۾ ترجما اچڻ لڳا. ۽ تحقيق ايتري وڌي جو ھڪ ئي زبان ۾ ڪافي ترجما اچڻ لڳا. ھن وقت رڳو سنڌي زبان جا اندازاً 12 کان وڌيڪ ترجما موجود آھن.

ڪجھ وقت کان سنڌ سلامت طرفان ڪوششون ڪيو ويون ته قرآن ڪريم جي تلاوت و تحقيق لاءِ هڪ اھڙو ويب پورٽل تيار ڪيو وڃي جنھن ۾ بغير فرقيواريت جي قرآن پاڪ جا سمورا ترجمہ موجود ملن جنهن سان پنهنجي مادري زبان ۾ خدا جي پيغام بھتر انداز سان ھر عام خاص سنڌيءَ تائين پھچائي سگھجي.

جيئن ته زبان جي پيچيدگين بابت ناواقفيت، ڪمپوزنگ کان وٺي پروف ريڊنگ تائين جهڙو ڏکيو عمل ۽ ڪمپيوٽر ۾ عربي ۽ سنڌي پراسيسنگ لاءِ بهتر نظام جو موجود نه هجڻ ڪري سنڌ سلامت اڳيان ڪافي ڏکيائون آيون. حقيقت ۾ اهو ڪم قابليت جي لحاظ کان وڏو هو. پر الله پاڪ حضورِ اقدس صلي الله عليه والسلم جي طفيل دين جي تبليغ جهڙي هن عظيم مقصد ۾ حصو وٺڻ لاءِ رستو هموار ٿيو ۽ ڀلاري مهيني رمضان ڪريم ۾ ان منصوبي کي هڪ ٻئي رخ سان شروعات ڪرڻ لاءِ آسانيون مهيا ٿيون ۽ ڪجھ ذاتي رابطن سان مترجمن سميت ڪجھ سھڪاري ساٿين سان ڪم سولو ٿيندو ويو.

جنهن کان پوءِ ايندڙ مسئلن کي الله پاڪ طرفان حل ٿيڻ جي يقين سان هن منصوبي ۾ ضروري تبديليون ڪندي سڀ کان پهريان سنڌي ڊجيٽل قرآن جو آن لائين پورٽل تيار ڪيو ويو ۽ بعد ۾ اينڊروائيڊ ايپ تيار ڪئي وئي جنهن ۾ عربي آيتن سان گڏ اڳ ئي ڪمپوز ٿيل سنڌي ترجما شامل ڪيا ويا آهن.

سنڌ سلامت ڊجيٽل قرآن پروجيڪٽ جي سهولتن ۾ شامل آهن:

  • واضح ۽ خوبصورت عربي متن
  • واضح ۽ خوبصورت سنڌي متن
  • هر ترجمي کي الڳ رنگ جي سڃاڻپ
  • هڪ ئي وقت هر آيت جا مختلف ترجما پڙهڻ جي سهولت
  • پنھنجي پسنديدہ مترجم جي ترجمي ۾ سموري قرآن شريف کي پڙھڻ جي سھولت
  • سيڪنڊن ۾ پنهنجي مطلوبه آيت تائين پهچ
  • سموري مواد مان پنهنجي مطلوبه لفظ جي ڳولا جي سهولت
  • اکرن کي وڏي ۽ ننڍي ڪرڻ جي سھولت
  • معروف قاري عبدالرحمٰن السديس جي آواز ۾ ھر ھڪ آيت ۽ سورة جي صوتي (آواز) تلاوت

مٿين خصوصيتن جو صرف سرسري ذڪر ڪيو ويو آهي جن کي يقينن ڄاڻو آساني سان سمجهي ويا هوندا. ڄاڻو ۽ قابل سنڌين کي درخواست آهي ته هن ڪارِ خير ۾ پنهنجي صلاحيتن کي شامل ڪرڻ لاءِ اسان سان اي ميل ذريعي ضرور رابطو ڪن ان کان علاوه مختلف مڪتبهءِ فڪر ساٿين ۽ مذهبي اسڪالرس کي پڻ درخواست آهي ته جيڪڏهن انھن وٽ قرآن الڪريم بابت ڪو ڪمپوز ٿيل سنڌي مواد يا ترجمو موجود آهي ته اسان سان رابطو ڪري موڪلي ڏين ته جئين هن پروجيڪٽ ۾ اضافو آڻي سگهجي.

آخر ۾ توهان سان گذارش آهي ته مطالعي جي دوران جيڪڏهن ڪا غلطي يا خامي نظر مان گذري ته اسان کي ضرور اطلاع ڏين. توهان جي قيمتي راين ۽ رهنمائي ۾ انشاء الله اسان جو سفر جاري رهندو.

والسلام

رشيد سمون
منتظمِ اعليٰ
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
رابطي لاءِ برقي پتو: salamatsindh@gmail.com