007 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 206 آيتون ۽ 24 رڪوع آھن
الۗمّۗصۗ 1ۚ
الٓمّٓصٓۚ۱ .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريالمص.
— مولانا محمد مدنيالف - لام- ميم- صاد
— عبدالسلام ڀُٽوكِتٰبٌ اُنْزِلَ اِلَيْكَ فَلَا يَكُنْ فِيْ صَدْرِكَ حَرَجٌ مِّنْهُ لِتُنْذِرَ بِهٖ وَذِكْرٰي لِلْمُؤْمِنِيْنَ 2
(هي) ڪتاب آهي جو لاٿو ويو آهي توڏانهن پوءِ نه هجي سيني (مبارڪ) تنهنجي ۾ تنگي ان (جي پهچائڻ) ۾ تانته ڊيڄارين ان سان ۽ نصيحت آهي مؤمنن جي لاءِ .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريهي هڪ ڪتاب آهي جو توڏي نازل ڪيو ويو آهي پوءِ تنهنجي سيني ۾ ان (کي ماڻهن تائين پهچائڻ) جي ڪري ڪجهه به تنگي نه اچڻ گهرجي هن لاءِ ته تون ان سان (ماڻهن کي) ڊيڄارين ۽ ايمان وارن لاءِ نصيحت هجي.
— مولانا محمد مدنيهي هڪ ڪتاب آهي، جيڪو تنھنجي مٿان نازل ڪيو ويو آهي (ان جي نازل ڪرڻ سان) تنھنجي دل ۾ ڪا به پريشاني نه ٿيڻ کپي (ڇو جو هن ڪتاب جي نازل ڪرڻ جو مقصد هي آهي ته) توهان هن جي ذريعي انڪار ڪندڙن کي ڊيڄاريو ۽ ايمان وارن لاءِ هي ڪتاب هڪ نصيحت آهي.
— عبدالسلام ڀُٽواِتَّبِعُوْا مَآ اُنْزِلَ اِلَيْكُمْ مِّنْ رَّبِّكُمْ وَلَا تَتَّبِعُوْا مِنْ دُوْنِهٖٓ اَوْلِيَاۗءَ ۭ قَلِيْلًا مَّا تَذَكَّرُوْنَ 3
تابعداري ڪيو ان جي جو لاٿو ويو اوهان ڏانهن رب اوهان جي وٽان ۽ نه تابعداري ڪيو سواءِ ان جي ٻين دوستن جي ٿوري ٿا نصيحت قبول ڪيو .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريجيڪي اوهان ڏي اوهان جي پاليندڙ جي طرفان لاٿو ويو آهي تنهن تي هلو ۽ اُن (الله) کان سواءِ ٻين دوستن جي پٺيان نه هلو.اوهين بلڪل ٿورو ڌيان ڪريو ٿا.
— مولانا محمد مدنيتوهان جي پالڻھار جي طرف کان جيڪو ڪجهه توهان ڏي نازل ڪيو ويو آهي، ان جي پيروي ڪريو ان کان علاوه ٻين حمايتين جي پيروي نه ڪريو (حقيقت هي آهي ته) توهان ماڻهو تمام گهٽ ئي نصيحت پرايو ٿا.
— عبدالسلام ڀُٽووَكَمْ مِّنْ قَرْيَةٍ اَهْلَكْنٰهَا فَـجَاۗءَهَا بَاْسُنَا بَيَاتًا اَوْ هُمْ قَاۗىِٕلُوْنَ 4
۽ ڪيترا ڳوٺ هلاڪ ڪيوسون انهن کي پوءِ آيو انهن وٽ عذاب اسان جو رات جو يا اهي مجھند جو ستل هيا .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ ڪيترا ڳوٺ آهن جن کي اسان برباد ڪيو آهي پوءِ اسان جو عذاب مٿن (ياته) راتو رات آيو يا اهي ٻن پهرن جي ننڊ ۾ هئا.
— مولانا محمد مدنياسان ڪيترن ئي ڳوٺن (۽ شھرن) کي برباد ڪري ڇڏيوسين پوءِ انهن تي اسان جو عذاب رات جو آيو هو يا منجهند جو جڏهن هو آرام ۾ هئا.
— عبدالسلام ڀُٽوفَـمَا كَانَ دَعْوٰىهُمْ اِذْ جَاۗءَهُمْ بَاْسُنَآ اِلَّآ اَنْ قَالُوْٓا اِنَّا كُنَّا ظٰلِمِيْنَ 5
پوءِ نه هئي پڪار انهن جي جڏهن آيو انهن وٽ عذاب اسان جو مگر هيءُ جو چيائون ته بيشڪ اسين هئاسين ظلم ڪندڙ .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريپوءِ جڏهن اسان جو عذاب مٿن آيو تڏهن سندن فرياد هن چوڻ کانسواءِ ٻيو نه هو ته بيشڪ اسين ظالم هئاسون.
— مولانا محمد مدني(بھرحال) جڏهن به اسان جو مٿن عذاب آيو ته هو اعتراف ڪندا هئا ته واقعي اسان ئي ظالم هئاسين.
— عبدالسلام ڀُٽوفَلَنَسْــــَٔـلَنَّ الَّذِيْنَ اُرْسِلَ اِلَيْهِمْ وَلَنَسْــــَٔـلَنَّ الْمُرْسَلِيْنَ 6ۙ
پوءِ البته ضرور پڇنداسون انهن کان جو موڪليا ويا انهن ڏانهن ۽ البته ضرور پڇنداسون موڪليلن کان .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريپوءِ جن ڏي رسولن کي موڪليو ويو تن کان ضرور پڇنداسون ۽ رسولن کان به ضرور پڇنداسون.
— مولانا محمد مدنيپوءِ اسان انهن قومن کان ضرور پڇاڻو ڪنداسين جن ڏي رسول موڪليا هئا ۽ وري رسولن کان به ان باري ۾ ضرور پڇا ڪنداسين.
— عبدالسلام ڀُٽوفَلَنَقُصَّنَّ عَلَيْهِمْ بِعِلْمٍ وَّمَا كُنَّا غَاۗىِٕبِيْنَ 7
پوءِ البته ضرور بيان ڪنداسون انهن تي علم سان ۽ نه هئاسون غائب .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريپوءِ اسين کين ثابتيءَ سان ٻڌائينداسون. ۽ اسين پري نه هئاسون.
— مولانا محمد مدنياسان انهن کان غائب (يعني پري) ته نه هئاسين، سو کين پوري ثبوت سان هر شيءِ ٻڌائينداسين.
— عبدالسلام ڀُٽووَالْوَزْنُ يَوْمَىِٕذِ ۨالْـحَقُّ ۚ فَـمَنْ ثَقُلَتْ مَوَازِيْنُهٗ فَاُولٰۗىِٕكَ هُمُ الْمُفْلِحُوْنَ 8
۽ (عملن جي) تور ان ڏينهن حق آهي پوءِ اهو شخص جو ڳرا ٿيا عملناما ان جا پوءِ اهيئي ڪامياب ٿيندڙ آهن .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ ان ڏينهن (عملن جي) تور انصاف سان ٿيندي. پوءِ جن جا (چڱا) عمل ڳرا ٿيندا، سي ئي ڪامياب آهن.
— مولانا محمد مدنيان ڏينھن اعمال جو وزن (انصاف سان) ضرور ڪيو ويندو پوءِ جن جا (نيڪيءَ جا) وزن ڳرا هوندا، بس! اُهي ئي ڪامياب هوندا.
— عبدالسلام ڀُٽووَمَنْ خَفَّتْ مَوَازِيْنُهٗ فَاُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ خَسِرُوْٓا اَنْفُسَهُمْ بِـمَا كَانُوْا بِاٰيٰتِنَا يَظْلِمُوْنَ 9
۽ اهو شخص جو هلڪا ٿيا عملناما ان جا پوءِ اهي ئي آهن جو نقصان ۾ وڌائون سرن پنهنجن کي سببان ان جي جو آيتن اسان جن سان ظلم ٿي ڪيائون .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ جن جا (چڱا) عمل هلڪا ٿيندا سي اهي آهن جن پاڻهين پاڻ کي نقصان ۾ وڌو آهي، هن ڪري جو اُهي اسان جي آيتن جو انڪار پيا ڪن.
— مولانا محمد مدني۽ جن جا (نيڪيءَ جا) وزن گهٽ ٿيا ته اهڙن ماڻهن اسان جي آيتن سان ظلم ڪرڻ سبب پنھنجو پاڻ کي وڏي خساري ۾ وجهي ڇڏيو.
— عبدالسلام ڀُٽووَلَقَدْ مَكَّنّٰكُمْ فِي الْاَرْضِ وَجَعَلْنَا لَكُمْ فِيْهَا مَعَايِشَ ۭ قَلِيْلًا مَّا تَشْكُرُوْنَ ۧ10
۽ البته تحقيق طاقت سان ورهايوسون اوهان کي زمين ۾ ٺاهياسون اوهان لاءِ ان ۾ گذران جا ذريعا تمام ٿورو ٿا شڪر ڪيو .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ بيشڪ اسان اوهان کي زمين ۾ طاقت ڏني ۽ اوهان لاءِ ان ۾ گذران جو سامان پيدا ڪيوسون. اوهين بلڪل ٿورو شڪر ڪريو ٿا.
— مولانا محمد مدنياسان توهان کي زمين ۾ رهايوسين ۽ اوهان جي لاءِ ان ۾ زندگي گذارڻ جو سامان مھيا ڪيوسين، (پوءِ به) توهان ماڻهو تمام گهٽ شڪر ادا ڪريو ٿا.
— عبدالسلام ڀُٽووَلَقَدْ خَلَقْنٰكُمْ ثُـمَّ صَوَّرْنٰكُمْ ثُـمَّ قُلْنَا لِلْمَلٰۗىِٕكَةِ اسْـجُدُوْا لِاٰدَمَ ڰ فَسَجَدُوْٓا اِلَّآ اِبْلِيْسَ ۭ لَمْ يَكُنْ مِّنَ السّٰجِدِيْنَ 11
۽ البته تحقيق پيدا ڪيو سون اوهان کي ان کان پوءِ صورت ڏني سون اوهان کي ان کان پوءِ چيوسون ملائڪن کي ته سجدو ڪيوآدم جي اڳيان پوءِ سجدو ڪيائون سواءِ شيطان جي جو نه هو سجدي ڪندڙن مان .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ بيشڪ اسان اوهان کي پيدا ڪيو وري اوهان جي شڪل ٺاهي سون وري ملائڪن کي چيوسون ته آدم کي سجدو ڪريو ! پوءِ انهن سجدو ڪيو سواءِ ابليس جي. هو (ابليس) سجدي ڪندڙن مان نه ٿيو.
— مولانا محمد مدنيبيشڪ اسان توهان کي پيدا ڪيو ۽ توهان کي (سهڻي) شڪل ڏني پوءِ ملائڪن کي آدم کي سجدو ڪرڻ لاءِ چيو، سو سڀني ملائڪن سجدو ڪيو سواءِ ابليس جي، هو سجدو ڪندڙن ۾ شامل نه ٿيو.
— عبدالسلام ڀُٽوقَالَ مَا مَنَعَكَ اَلَّا تَسْجُدَ اِذْ اَمَرْتُكَ ۭ قَالَ اَنَا خَيْرٌ مِّنْهُ ۚ خَلَقْتَنِيْ مِنْ نَّارٍ وَّخَلَقْتَهٗ مِنْ طِيْنٍ 12
فرمايو (الله) ته ڪنهن روڪيو توکي جو سجدو نه ڪَيُئي جڏهن امر ڪيو مون توکي ته چيائين ته مان ڀلو آهيان ان کان، پيدا ڪَيُئي مون کي باھ مان ۽ پيدا ڪَيُئي ان کي مٽيءَ مان .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريالله (ابليس کي) فرمايو ته توکي ڪهڙي ڳالهه سجدي ڪرڻ کان روڪيو آهي جڏهن آءُ توکي (ان جو) حڪم ڪري چڪو آهيان؟ابليس چيو ته آءُ ان کان چڱو آهيان. تو مون کي باهه مان پيدا ڪيو آهي ۽ ان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو اٿئي.
— مولانا محمد مدنيالله تعالى کيس فرمايو ته جڏهن مان تو کي سجدو ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو ته تو کي ڪهڙي شيءِ سجدي ڪرڻ کان روڪيو هو؟ هن چيو ته: مان آدم کان بھتر آهيان، تو مون کي باهه مان پيدا ڪيو ۽ هن کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو آهي.
— عبدالسلام ڀُٽوقَالَ فَاهْبِطْ مِنْهَا فَـمَا يَكُوْنُ لَكَ اَنْ تَتَكَبَّرَ فِيْهَا فَاخْرُجْ اِنَّكَ مِنَ الصّٰغِرِيْنَ 13
فرمايائين پوءِ لهي وڃ ان مان پوءِ نه ٿو مناسب رهي تولاءِ هيءُ جو هٺ ڪرين ان ۾ پوءِ نڪري وڃ بيشڪ تون ذليلن مان آهين .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريالله فرمايو ته تون ان (جنت) مان هيٺ لهي وڃ جو توکي ان ۾ وڏائي ڪرڻ جو حق نه آهي پوءِ ٻاهر نڪر ! ڇو ته تون خوار ٿيلن مان آهين.
— مولانا محمد مدنيالله تعالى فرمايو ته هتان هليو وڃ، هتي ويھي توکي تڪبر ڪرڻ جو ڪو به اختيار نه آهي. ٽري وڃ، تون ذليلن مان آهين (۽ تون انتھائي ننڍي سوچ رکندڙ آهين)
— عبدالسلام ڀُٽوقَالَ اَنْظِرْنِيْٓ اِلٰي يَوْمِ يُبْعَثُوْنَ 14
عرض ڪيائين ته مهلت ڏي مون کي ان ڏينهن تائين جو اٿاريا ويندا .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريابليس چيو ته جنهن ڏينهن کين جيئرو ڪري اٿاريو ويندو تنهن ڏينهن تائين مون کي مهلت ڏي.
— مولانا محمد مدنيهن چيو ته (سائين! چڱو ڀلا) مون کي قيامت جي ڏينھن تائين مھلت ڏيو.
— عبدالسلام ڀُٽوقَالَ اِنَّكَ مِنَ الْمُنْظَرِيْنَ 15
فرمايو (الله) بيشڪ تون مهلت ڏنلن مان آهين .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريالله فرمايو ته تون مهلت ڏنلن مان آهين.
— مولانا محمد مدنيالله تعالى فرمايو: بيشڪ تو کي مھلت ڏني وڃي ٿي.
— عبدالسلام ڀُٽوقَالَ فَبِـمَآ اَغْوَيْتَنِيْ لَاَقْعُدَنَّ لَهُمْ صِرَاطَكَ الْمُسْتَقِيْمَ ۙ16
چيائين ته پوءِ سببان ان جي جو گمراھ ڪيو تو مون کي البته ضرور وهندس انهن (کي گمراھ ڪرڻ) جي لاءِ واٽ تنهنجي سڌيءَ تي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريابليس چيو ته تون جو مون کي گمراهه ڪيو آهي تنهن ڪري آءُ به ضرور ماڻهن لاءِ تنهنجي سڌي رستي تي ويهندس.
— مولانا محمد مدنيابليس چيو ته (يا الله!) تو مون کي (جنهن طريقي سان) راهه تان هٽائي ڇڏيو آهي مان به (بلڪل) اهڙي طريقي سان ماڻهن جي تاڙ ۾ تنھنجي ٻڌايل سڌي رستي تي (گهٽ وٺي) ويھي رهندس.
— عبدالسلام ڀُٽوثُـمَّ لَاٰتِيَنَّهُمْ مِّنْۢ بَيْنِ اَيْدِيْهِمْ وَمِنْ خَلْفِهِمْ وَعَنْ اَيْـمَانِهِمْ وَعَنْ شَـمَاۗىِٕلِهِمْ ۭ وَلَا تَـجِدُ اَكْثَرَهُمْ شٰكِرِيْنَ 17
ان کان پوِءِ البته ضرور ايندس انهن وٽ اڳيان انهن جي ۽ پويان انهن جي ۽ سڄي پاسي انهن جي کان ۽ کٻي پاسي انهن جي کان ۽ نه لهندين گھڻن انهن جي کي شڪر ڪندڙ .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريپوءِ سندن اڳيان ۽ سندن پويان ۽ سندن سڄي پاسي کان ۽ سندن کٻي پاسي کان ضرور وٽن ايندس. ۽ تون انهن مان گهڻن کي شڪر گذار نه ڏسندين.
— مولانا محمد مدنيبس! پوءِ ته مان انهن جي سامهون، پويان، ساڄي ۽ کاٻي پاسي گهيرو ڪري بيٺو هوندس پوءِ تون (به) انهن مان گهڻن کي شڪر گذار نه ڏسندين.
— عبدالسلام ڀُٽوقَالَ اخْرُجْ مِنْهَا مَذْءُوْمًا مَّدْحُوْرًا ۭ لَمَنْ تَبِعَكَ مِنْهُمْ لَاَمْلَئَنَّ جَهَنَّمَ مِنْكُمْ اَجْمَعِيْنَ 18
فرمايائين ته نڪر ان مان ذليل تڙيل ٿي البته جيڪو پويان لڳو تنهنجي انهن مان ته البته ضرور ڀريندس جهنم کي اوهان مڙني مان .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريالله فرمايو ته تون هتان تڙيل ۽ ڌڪاريل ٿي نڪري وڃ. جيڪو به انهن (انسانن) مان تنهنجي پٺيان هلندو ته آءُ اوهان سڀني مان دوزخ کي ضرور ڀريندس.
— مولانا محمد مدنيالله تعالى فرمايو ته تون هتان ذليل ۽ خوار ٿي نڪري وڃ، انهن مان جيڪو به تنھنجي پيروي ڪندو ته مان توهان سڀني سان جھنم کي ڀريندس.
— عبدالسلام ڀُٽووَيٰٓاٰدَمُ اسْكُنْ اَنْتَ وَزَوْجُكَ الْـجَنَّةَ فَكُلَا مِنْ حَيْثُ شِـئْتُـمَا وَلَا تَقْرَبَا هٰذِهِ الشَّجَرَةَ فَتَكُوْنَا مِنَ الظّٰلِمِيْنَ 19
۽ اي آدم رھ تون ۽ زال تنهنجي بهشت ۾ پوءِ کائو جتان به گھرو اوهان ۽ نه ويجھا وڃو هن وڻ کي پوءِ ٿي پئو نقصان وارن مان .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ اي آدم ! تون ۽ تنهنجي زال جنت ۾ رهو. پوءِ جتان وڻيوَ ، تتان کائو ۽ هن وڻ کي ويجها نه وڃو نه ته ظالمن مان ٿيندو.
— مولانا محمد مدني(الله تعالى فرمايو) اي آدم! تون ۽ تنھنجي گهر واري جنت ۾ ئي رهو ۽ جنت ۾ جتان به توهان جي مرضي چاهي، اتان وڃي کائو پر (اهو خيال ڪجو) هن (خاص) وڻ جي ويجها نه وڃجو نه ته توهان به ظالمن مان ٿي ويندا.
— عبدالسلام ڀُٽوفَوَسْوَسَ لَهُمَا الشَّيْطٰنُ لِيُبْدِيَ لَهُمَا مَا وٗرِيَ عَنْهُمَا مِنْ سَوْاٰتِهِمَا وَقَالَ مَا نَهٰىكُـمَا رَبُّكُـمَا عَنْ هٰذِهِ الشَّجَرَةِ اِلَّآ اَنْ تَكُوْنَا مَلَكَيْنِ اَوْ تَكُوْنَا مِنَ الْـخٰلِدِيْنَ 20
پوءِ وسوسو وڌائين انهن ٻنهي (جي دلين) ۾ شيطان تانته ظاهر ڪري انهن ٻنهي جي لاءِ اهو جو لڪايو ويو انهن ٻنهي کان اگھڙن سندن مان ۽ چيائين (شيطان) ته نه روڪيائين اوهان ٻنهي کي رب اوهان جي هن وڻ کان مگر هن جي ڪري ته ڪٿي ٿي نه وڃو ٻئي ملائڪ يا ٿي پئو هميشہ زندھ رهندڙن مان .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريپوءِ شيطان انهن ٻنهين کي وسوسو وڌو هن لاءِ ته انهن ٻنهين جي جيڪا اگهاڙ انهن کان لڪل هئي سا انهن تي ظاهر ڪري ۽ چيائين ته اوهان جي پاليندڙ اوهان ٻنهين کي هن وڻ کان رڳو هن لاءِ روڪيو آهي ته متان اوهين ٻئي ملائڪ ٿي پئو يا هميشة رهڻ وارن مان ٿيو
— مولانا محمد مدنيپوءِ شيطان ٻنهي (جي دلين) اندر وسوسو وڌو ته جيئن سندن اوگهڙ انهن جي لاءِ ظاهر ڪري جيڪا انهن کان لڪائي وئي هئي. ۽ انهن کي چيائين ته توهان جي پالڻھار توهان کي هن وڻ کان ان ڪري روڪيو آهي ته ڪٿي توهان فرشتا نه بنجي وڃو يا توهان کي تاحيات زندگي نه ملي وڃي.
— عبدالسلام ڀُٽو