014 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 52 آيتون ۽ 7 رڪوع آھن
الۗرٰ ۣ كِتٰبٌ اَنْزَلْنٰهُ اِلَيْكَ لِتُخْرِجَ النَّاسَ مِنَ الظُّلُمٰتِ اِلَي النُّوْرِ ڏ بِاِذْنِ رَبِّھِمْ اِلٰي صِرَاطِ الْعَزِيْزِ الْحَمِيْدِ 1ۙ
الف لام را (هيءُ) ڪتاب آهي نازل ڪيوسون ان کي توڏانهن تانتهه ڪڍين ماڻهن کي انڌيرن مان روشنائيءَ ڏانهن سندن رب جي اذن سان طرف واٽ غالب، ساراهيل جي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريالر. هي هڪ ڪتاب آهي جنهن کي اسان تو ڏي هن لاءِ نازل ڪيو آهي ته تون ماڻهن کي سندن پاليندڙ جي حڪم سان اونداهين مان (ڪڍي) روشنيءَ ۾ (اُن) زبردست (۽) ساراهيل الله جي رستي تي آڻين،
— مولانا محمد مدنيالف ـــ لام ـــ را ھي ھڪ ڪتاب آھي جيڪو اسان تنھنجي مٿان نازل ڪيو آھي ته جيئن تون سڀني ماڻهن کي پنھنجي پالڻھار جي حڪم سان انڌيرن مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آڻين، ان پالڻھار جي رستي ڏانھن جيڪو زبردست ۽ تعريف جي لائق آھي.
— عبدالسلام ڀُٽواللّٰهِ الَّذِيْ لَهٗ مَافِي السَّمٰوٰتِ وَمَافِي الْاَرْضِ ۭ وَوَيْلٌ لِّلْكٰفِرِيْنَ مِنْ عَذَابٍ شَدِيْدِ 2ۙ
معبود بالحق اهو جو ان جي ملڪيت آهي جيڪو آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪو زمين ۾ آهي ۽ ويل آهي ڪافرن جي لاءِ عذاب سخت جي ڪري .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريجنهن جو اهو (سڀئي) آهي جيڪي آسمانن ۽ جيڪي زمين ۾ آهي. ۽ ڪافرن لاءِ سخت عذاب جي مصيبت آهي،
— مولانا محمد مدنياهو اللھ تعالى ئي آهي جيڪو آسمانن ۽ زمين جي هر شيءِ جو مالڪ آھي ۽ (ان جو) انڪار ڪندڙن لاءِ بربادي ۽ سخت عذاب آھي.
— عبدالسلام ڀُٽوۨالَّذِيْنَ يَسْتَحِبُّوْنَ الْحَيٰوةَ الدُّنْيَا عَلَي الْاٰخِرَةِ وَ يَصُدُّوْنَ عَنْ سَبِيْلِ اللّٰهِ وَ يَبْغُوْنَھَا عِوَجًا ۭ اُولٰۗىِٕكَ فِيْ ضَلٰلٍۢ بَعِيْدٍ 3
اهي جو پسند ڪن ٿا حياتيءَ دنيويءَ کي آخرت تي ۽ روڪين ٿا الله جي واٽ کان ۽ طلب ڪن ٿا ان کي ڏنگو اهي گمراهيءَ پري واريءَ ۾ آهن .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريجيڪي دنيا جي حياتيءَ کي آخرت کان پسند ڪن ٿا ۽ الله جي رستي کان روڪين ٿا ۽ ان ۾ ڏنگائي گهرن ٿا، اهي وڏيءَ گمراهيءَ ۾ آهن.
— مولانا محمد مدنيڪافر دنيا جي حياتيءَ کي آخرت جي حياتيءَ جي مقابلي ۾ وڌيڪ پسند ڪن ٿا، ماڻهن کي اللھ تعالى جي رستي کان روڪين ٿا ۽ ان رستي ۾ ٽيڙھ پيدا ڪرڻ به چاھين ٿا (حقيقت ۾) ھو وڏي گمراھيءَ ۾ پيل آھن.
— عبدالسلام ڀُٽووَمَآ اَرْسَلْنَا مِنْ رَّسُوْلٍ اِلَّا بِلِسَانِ قَوْمِهٖ لِيُبَيِّنَ لَهُمْ ۭ فَيُضِلُّ اللّٰهُ مَنْ يَّشَاۗءُ وَيَهْدِيْ مَنْ يَّشَاۗءُ ۭ وَهُوَ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ 4
۽ نه موڪليوسون ڪو رسول مگر ان قوم جي ٻوليءَ سان تانتهه بيان ڪري انهن لاءِ پوءِ گمراھ ڪري ٿو الله جنهن کي گهري ۽ هدايت ٿو ڪري جنهن کي گهري ۽ اهو ئي غالب حڪمت وارو آهي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ اسان هر هڪ رسول کي سندس قوم جي زبان سان ئي موڪليو ته جيئن کين سمجهائي. پوءِ الله جنهن کي گهري تنهن کي گمراهه ڪري ٿو ۽ جنهن کي گهري تنهن کي رستو ڏيکاري ٿو. ۽ اهو زبردست (۽) حڪمت وارو آهي.
— مولانا محمد مدني۽ اسان سڀني رسولن کي سندن قومي ٻولي ۾ پيغام ڏنو آھي ته جيئن ھو ماڻهن کي چڱي طرح بيان ڪري ٻڌائين (وري به) اللھ تعالى جنھن کي چاھي گمراهه ڪري ٿو ۽ جنھن کي چاھي سڌو رستو عطا ڪري ٿو. ھو زبردست حڪمت وارو آھي.
— عبدالسلام ڀُٽووَلَقَدْ اَرْسَلْنَا مُوْسٰى بِاٰيٰتِنَآاَنْ اَخْرِجْ قَوْمَكَ مِنَ الظُّلُمٰتِ اِلَى النُّوْرِ وَذَكِّرْهُمْ ڏ بِاَيّٰىمِ اللّٰهِ ۭ اِنَّ فِيْ ذٰلِكَ لَاٰيٰتٍ لِّكُلِّ صَبَّارٍ شَكُوْرٍ 5
۽ البتهه تحقيق موڪليوسون موسى کي نشانين پنهنجن سان ته ڪڍ تون پنهنجي قوم کي انڌيرن مان روشنيءَ ڏانهن ۽ ياد ڏيار انهن کي الله جا ڏينهن بيشڪ ان ۾ البتهه نشانيون آهن هر صبر ڪندڙ شڪر ڪندڙ جي لاءِ .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ بيشڪ اسان موسيٰ کي پنهنجي نشانين سان موڪليو (کيس چيوسون) ته پنهنجيءَ قوم کي اونداهين مان روشنيءَ ۾ آڻ! ۽ انهن کي الله جا ڏينهن ياد ڏيار. بيشڪ ان ۾ سڀڪنهن صبر ڪندڙ (۽) شڪر ڪندڙ لاءِ نشانيون آهن.
— مولانا محمد مدني(اھڙيءَ طرح) اسان موسى ($) کي به نشانيون ڏئي موڪليوته پنھنجي قوم کي انڌيرن مان ڪڍي روشني ڏي وٺي اچ ۽ ان کي اللھ تعالى جي طرفان (گذريل قومن تي آيل) حالات بيان ڪري ٻڌاءِ. بيشڪ انهن (حالات) ۾ صبر ۽ شڪر ڪندڙ ماڻهن لاءِ وڏيون نشانيون آھن.
— عبدالسلام ڀُٽووَاِذْ قَالَ مُوْسٰى لِقَوْمِهِ اذْكُرُوْا نِعْمَةَ اللّٰهِ عَلَيْكُمْ اِذْ اَنْجٰىكُمْ مِّنْ اٰلِ فِرْعَوْنَ يَسُوْمُوْنَكُمْ سُوْۗءَ الْعَذَابِ وَيُذَبِّحُوْنَ اَبْنَاۗءَكُمْ وَيَسْتَحْيُوْنَ نِسَاۗءَكُمْ ۭ وَفِيْ ذٰلِكُمْ بَلَاۗءٌ مِّنْ رَّبِّكُمْ عَظِيْمٌ 6ۧ
۽ (ياد ڪر) جڏهن فرمايو موسى واسطي قوم پنهنجي ته ياد ڪيو الله جي نعمت پنهنجي مٿان جڏهن ڇڏايائين اوهان کي فرمانبردارن فرعون جي کان چکائين پيا اوهان کي سخت عذاب ۽ ڪُهن پيا پٽن اوهان جن کي ۽ جيئرو ڇڏين پيا عورتن اوهان جن کي ۽ ان ۾ آزمائش آهي طرفان رب اوهان جي وڏي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ (اهو وقت ياد ڪر) جڏهن موسيٰ پنهنجي قوم کي چيو ته پاڻ تي (ٿيل) الله جي نعمت کي ياد ڪريو جڏهن اوهان کي فرعون جي ماڻهن کان بچايائين جي اوهان کي بڇڙو عذاب پهچائيندا هئا ۽ اوهان جي پٽن کي ڪهندا هئا ۽ اوهان جي ڌيئرن کي جيئرو ڇڏيندا هئا. ۽ ان ۾ اوهان جي پاليندڙ جي طرفان وڏو امتحان هو.
— مولانا محمد مدني۽ جڏھن موسى ($) پنھنجي قوم کي چيو ته: اللھ تعالى جي ان نعمت کي ياد ڪريو جڏھن ھن توھان کي فرعون جي ماڻهن کان نجات ڏياري، جن توھان کي سخت عذاب ۾ جڪڙي ڇڏيو ھو ۽ توھان جي پٽن کي (نسل ختم ڪرڻ لاءِ) ذبح ڪندا ھئا، توھان جي نياڻين کي ڇڏي ڏيندا ھئا (ته جيئن اوھان جي طاقت ختم ڪئي وڃي) تاريخ جو اھو نقشو توھان جي لاءِ توھان جي پالڻھار جي طرف کان تمام وڏي آزمائش ھئي.
— عبدالسلام ڀُٽووَاِذْ تَاَذَّنَ رَبُّكُمْ لَىِٕنْ شَكَرْتُمْ لَاَزِيْدَنَّكُمْ وَلَىِٕنْ كَفَرْتُمْ اِنَّ عَذَابِيْ لَشَدِيْدٌ 7
۽ جڏهن اعلان ڪيو رب اوهان جي ته البته جيڪڏهن شڪر ڪندؤ اوهان ته البته ضرور وڌائيندس اوهان کي ۽ البته جيڪڏهن بي شڪري ڪندؤ اوهان ته بيشڪ عذاب منهنجو البته سخت آهي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ (اهو وقت ياد ڪريو) جڏهن اوهان جي پاليندڙ (اوهان کي) ٻڌايو ته جيڪڏهن اوهين شڪر ڪندو ته آءُ اوهان کي وڌيڪ ڏيندس ۽ جيڪڏهن ناشڪري ڪندو ته پوءِ بيشڪ منهنجو عذاب سخت آهي.
— مولانا محمد مدني(اي بني اسرائيل! اھو وقت به ياد ڪريو) جڏھن اوھان جي پالڻھار پنھنجي نعمتن ڏيڻ جي طريقي جو اعلان ڪيو ھو ته جيڪڏھن توھان ڏنل نعمتن تي شڪر گذار ٿي رھندا ته مان (آئندهه ) توھان جي نعمتن کي اڃا به وڌائيندس پر جيڪڏھن ناشڪري ڪندا ته (پوءِ ٻڌي ڇڏيو ته) بيشڪ منھنجو عذاب به تمام سخت آھي.
— عبدالسلام ڀُٽووَقَالَ مُوْسٰٓى اِنْ تَكْفُرُوْٓا اَنْتُمْ وَمَنْ فِي الْاَرْضِ جَمِيْعًا ۙ فَاِنَّ اللّٰهَ لَغَنِيٌّ حَمِيْدٌ 8
۽ فرمايو موسى ته جيڪڏهن ڪفر ڪندؤ اوهان ۽ اهي جو زمين ۾ آهن مڙئي پوءِ بلاشڪ الله البته بي پرواھ ساراهيل آهي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ موسيٰ چيو ته جيڪڏهن اوهين ۽ جيڪي زمين ۾ آهن سڀئي ڪفر ڪندو ته (پنهنجو نقصان ڪندو) ڇو ته الله بي پرواه ساراهيل آهي.
— مولانا محمد مدني۽ موسى ($ ) کين چيو ته جيڪڏھن توھان ۽ زمين ۾ سڀ رھندڙ ملي ڪري به اللھ تعالى جي ناشڪري ڪندا ته ( به اللھ تعالى کي ڪو نقصان نٿا پهچائي سگهو ڇاڪاڻ ته) بيشڪ اللھ تعالى سڀني کان بي پرواهه ۽ تعريف جي لائق آھي.
— عبدالسلام ڀُٽواَلَمْ يَاْتِكُمْ نَبَؤُا الَّذِيْنَ مِنْ قَبْلِكُمْ قَوْمِ نُوْحٍ وَّعَادٍ وَّثَـمُوْدَ ټ وَالَّذِيْنَ مِنْۢ بَعْدِهِمْ ړ لَا يَعْلَمُهُمْ اِلَّا اللّٰهُ ۭ جَاۗءَتْهُمْ رُسُلُهُمْ بِالْبَيِّنٰتِ فَرَدُّوْٓا اَيْدِيَهُمْ فِيْٓ اَفْوَاهِهِمْ وَقَالُوْٓا اِنَّا كَفَرْنَا بِـمَآ اُرْسِلْتُمْ بِهٖ وَاِنَّا لَفِيْ شَكٍّ مِّـمَّا تَدْعُوْنَنَآ اِلَيْهِ مُرِيْبٍ 9
ڇا نه آئي اوهان وٽ خبر انهن جي جيڪي (گذريا) اڳي اوهان کان نوح جي قوم ۽ عاد ۽ ثمود ۽ انهن جي جيڪي انهن کان بعد آيا نه ٿو ڄاڻي انهن کي مگر الله آيا انهن وٽ رسول انهن جا روشن دليلن سان پوءِ وڌائون هٿ پنهنجا واتن پنهنجن ۾ ۽ چيائون ته اسان ضرور ڪفر ڪيو ان جو جو موڪليا ويئو اوهان ان سان ۽ بلاشڪ اسين البته شڪ ۾ آهيون ان کان جو سڏيو ٿا اوهان اسان کي ان ڏانهن شڪ ۾ وجهندڙ .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريڇا اوهان کي انهن جي خبر نه پهتي جيڪي اوهان کان اڳ هئا (جيئن) نوح ۽ عاد ۽ ثمود جي قوم ۽ جيڪي انهن کان پوءِ هئا. انهن کي الله کان سواءِ ٻيو ڪو نه ٿو ڄاڻي. انهن وٽ سندن رسول ظاهر نشانيون کڻي آيا. پوءِ انهن پنهنجن هٿن کي پنهنجن واتن ۾ وڌو. ۽ چيائون ته جنهن سان اوهان کي موڪليو ويو آهي تنهن جو اسان انڪار ڪيو ۽ جنهن رستي ڏي اوهين اسان کي سڏيو ٿا تنهن ۾ اسان کي وڏو شڪ آهي.
— مولانا محمد مدني(اي مڪي وارو!) توھان وٽ انهن قومن جو خبرون نه پھتيون آھن ڇا؟ جيڪي توھان کان اڳ ٿي گذريون آھن، (مثلاً) نوح ($) جي قوم، عاد قوم، ثمود قوم ۽ انهن کان پوءِ جيڪي قومون گذريون آھن، جن کي اللھ تعالى کان سواءِ ٻيو ڪير به نٿو ڄاڻي، انهن سڀني قومن وٽ سندن رسول سڳورا جڏھن واضح نشانيون کڻي آيا ته کين ڏندي آڱريون اچي ويون ۽ چيائون ته جنھن مقصد لاءِ اوھان کي موڪليو ويو آھي اسان ته ان کي مڃون ئي نٿا ۽ جنھن رستي ڏانھن اسان کي سڏيو ٿا ان ۾ اسان کي شڪ آھي ۽ اھو منجهائيندڙ رستو به آھي.
— عبدالسلام ڀُٽوقَالَتْ رُسُلُهُمْ اَفِي اللّٰهِ شَكٌّ فَاطِرِ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ يَدْعُوْكُمْ لِيَغْفِرَ لَكُمْ مِّنْ ذُنُوْبِكُمْ وَيُؤَخِّرَكُمْ اِلٰٓى اَجَلٍ مُّسَمًّى ۭ قَالُوْٓا اِنْ اَنْتُمْ اِلَّا بَشَرٌ مِّثْلُنَا ۭ تُرِيْدُوْنَ اَنْ تَصُدُّوْنَا عَـمَّا كَانَ يَعْبُدُ اٰبَاۗؤُنَا فَاْتُوْنَا بِسُلْطٰنٍ مُّبِيْنٍ 10
فرمايو انهن جي رسولن ڇا الله ۾ شڪ آهي؟ جيڪو پيدا ڪندڙ آهي آسمانن ۽ زمين جو سڏي ٿو اوهان کي تانته بخشي اوهان کي گناھ اوهان جا ۽ مهلت ڏي اوهان کي مدي مقرر تائين چيائون ته ناهيو اوهان مگر بشر اسان جهڙا ارادو ڪيو ٿا هي ته روڪيو اسان کي ان کان جو عبادت ڪندا هئا انهن جي ابا ڏاڏا اسان جا پوءِ آڻيو اسان وٽ دليل روشن .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريسندن رسولن چيو ته ڇا (اوهان کي) الله ۾ شڪ آهي جو آسمانن ۽ زمين جو پيدا ڪندڙ آهي. اهو اوهان کي هن لاءِ سڏي ٿو ته اوهان کي اوهان جا گناهه معاف ڪري ۽ اوهان کي هڪ مقرر مدت تائين مهلت ڏئي. انهن چيو ته اوهين رڳو اسان جهڙا ماڻهو آهيو. اوهين اسان کي انهن کان روڪڻ گهرو ٿا جن کي اسان جا ابا ڏاڏا پوڄيندا آيا آهن.پوءِ اسان وٽ ڪا ظاهر ثابتي آڻيو.
— مولانا محمد مدنيسندن رسول سڳورن چيو ته ڇا اللھ تعالى جي باري ۾ توھان کي ڪو شڪ آھي؟ جيڪو آسمانن ۽ زمين جو پيدا ڪندڙ آھي، ھو توھان کي (سڌي رستي ڏانهن) ان لاءِ ٿو سڏي ته جيئن توھان جي گناھن کي بخش ڪري ۽ توھان کي ھڪ مقرر وقت تائين مھلت ڏي. انهن چيو ته اوھان ته اسان وانگر انسان آھيو، توھان رڳو اسان کي پنھنجي ابن ڏاڏن جي معبودن جي عبادت ڪرڻ کان روڪيو ٿا، اسان وٽ ڪي چٽا معجزا کڻي اچو.
— عبدالسلام ڀُٽوقَالَتْ لَهُمْ رُسُلُهُمْ اِنْ نَّحْنُ اِلَّا بَشَرٌ مِّثْلُكُمْ وَلٰكِنَّ اللّٰهَ يَمُنُّ عَلٰي مَنْ يَّشَاۗءُ مِنْ عِبَادِهٖ ۭ وَمَا كَانَ لَنَآ اَنْ نَّاْتِيَكُمْ بِسُلْطٰنٍ اِلَّا بِاِذْنِ اللّٰهِ ۭ وَعَلَي اللّٰهِ فَلْيَتَوَكَّلِ الْمُؤْمِنُوْنَ 11
چيو انهن کي سندن رسولن ته ناهيون اسين مگر (ظاهر) بشر اوهان جهڙا ۽ پر الله احسان ٿو ڪري ان تي جنهن کي گهري ٿو ٻانهن پنهنجن مان ۽ نه ٿو هجي اسان لاءِ ته آڻيون اوهان وٽ ڪو دليل مگر الله جي اذن سان ۽ الله تي پوءِ گهرجي ته توڪل ڪن توڪل ڪندڙ .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريانهن کي سندن رسولن چيو ته اسين رڳو اوهان جهڙا ماڻهو آهيون، پر الله پنهنجن ٻانهن مان جنهن تي گهري تنهن تي احسان ڪري ٿو. ۽ اسان لاءِ هيءَ ڳالهه (آسان) نه آهي ته الله جي حڪم کان سواءِاوهان وٽ ڪا ثابتي آڻيون. ۽ پوءِ ايمان وارن کي الله تي ئي ڀروسو ڪرڻ کپي. ۽ اسان کي ڇا ٿيو آهي جو الله تي ڀروسو نه ڪريون
— مولانا محمد مدنيسندن رسول سڳورن چيو ته (ٺيڪ آ) واقعي اسان توھان جھڙا انسان آھيون پر اللھ تعالى پنھنجي ٻانھن مان جنھن تي چاھي احسان ڪندو آھي، اسان ته اللھ تعالى جي حُڪم کان سواءِ توھان کي ڪوبه معجزو نٿا ڏيکاري سگهون. ايمان وارن کي ته صرف ان تي ئي ڀروسو ڪرڻو پوندو آھي.
— عبدالسلام ڀُٽووَمَا لَنَآ اَلَّا نَتَوَكَّلَ عَلَي اللّٰهِ وَقَدْ هَدٰىنَا سُبُلَنَا ۭ وَلَنَصْبِرَنَّ عَلٰي مَآ اٰذَيْتُمُوْنَا ۭ وَعَلَي اللّٰهِ فَلْيَتَوَكَّلِ الْمُتَوَكِّلُوْنَ ۧ12
۽ ڇا آهي اسان کي جونه توڪل ڪيون الله تي ۽ تحقيق هدايت ڪيائين اسان کي اسان جي سڌن رستن جي ۽ البته ضرور صبر ڪنداسون ان تي جو ايذاء ڏيو ٿا اوهان اسان کي ۽ الله تي پوءِ گهرجي ته توڪل ڪن توڪل ڪندڙ .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريهوڏانهن ان اسان کي اسان جا (سڀئي) رستا ڏيکاريا آهن. ۽ اوهين جيڪو ايذاء اسان کي پهچايو ٿا تنهن تي ضرور صبر ڪنداسون. ۽ پوءِ توڪل ڪرڻ وارن کي الله تي ئي توڪل ڪرڻ کپي.
— مولانا محمد مدنياسان اللھ تعالى تي ڇو نه ڀروسو ڪريون؟ جڏهن ته ھن اسان کي پنھنجي زندگيءَ جو صحيح رستو ڏيکاريو آھي. (بھرحال) توھان اسان کي جيڪا تڪليف پھچايو ٿا اسان ان تي ضرور صبر ڪنداسين (۽ اللھ تعالى تي ڀروسو ڪنداسين ڇاڪاڻ ته) ڀروسي رکڻ وارن کي ان تي ئي ڀروسو رکڻ گهرجي.
— عبدالسلام ڀُٽووَقَالَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا لِرُسُلِهِمْ لَنُخْرِجَنَّكُمْ مِّنْ اَرْضِنَآ اَوْ لَتَعُوْدُنَّ فِيْ مِلَّتِنَا ۭ فَاَوْحٰٓى اِلَيْهِمْ رَبُّهُمْ لَنُهْلِكَنَّ الظّٰلِمِيْنَ ۙ13
۽ چيو انهن جو ڪفر ڪيائون واسطي رسولن پنهنجي ته البته ضرور ڪڍي ڇڏينداسون اوهان کي زمين پنهنجيءَ مان يا البته ضرور واپس موٽندؤ دين اسان جي ۾ پوءِ وحي موڪليو انهن ڏانهن رب انهن جي ته البته ضرور هلاڪ ڪنداسون ظالمن کي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ ڪافرن پنهنجن رسولن کي چيو ته اسين اوهان کي پنهنجي زمين مان ضرور ڪڍي ڇڏينداسون يا ته اوهين اسان جي دين ۾ موٽي اچو. پوءِ سندن پاليندڙ انهن ڏي وحي ڪيو ته ضرور اسين ظالمن کي برباد ڪنداسون.
— مولانا محمد مدني(اھو ٻڌي) ڪافرن پنھنجي رسولن کي چيو ته اسان توھان کي هتان ملڪ نيڪالي ڏينداسين يا وري اوھان کي اسان جي مذھب ۾ اچڻو پوندو. ان تي سندن پالڻھار رسولن ڏانھن وحي ڪئي ته (فڪر نه ڪريو) اسان (انھن) ظالمن کي تباهه ڪري ڇڏينداسين.
— عبدالسلام ڀُٽووَلَنُسْكِنَنَّكُمُ الْاَرْضَ مِنْۢ بَعْدِهِمْ ۭ ذٰلِكَ لِمَنْ خَافَ مَقَامِيْ وَخَافَ وَعِيْدِ 14
۽ البته ضرور رهائينداسون اوهان کي زمين ۾ انهن کان پوءِ اهو ان لاءِ آهي جو ڊڄي ٿو منهنجي اڳيان بيهڻ کان ۽ ڊڄي ٿو وعدي عذاب منهنجي کان .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ انهن کان پوءِ ضرور اسين اوهان کي ان زمين ۾ رهائينداسون. اهو انجام ان لاءِ آهي جيڪو منهنجي اڳيان بيهڻ کان ڊنو ۽ منهنجي عذاب جي وعدي کان ڊنو.
— مولانا محمد مدنيانهن کان پوءِ توھان کي ئي ملڪ ۾ آباد ڪنداسين، اھو وعدو انهن سڀني جي لاءِ آھي جيڪو اسان جي سامھون پيش ٿيڻ جو خوف رکندو ۽ (اسان جي) عذاب جي وعدي کان ڊڄندو.
— عبدالسلام ڀُٽووَاسْتَفْتَحُوْا وَخَابَ كُلُّ جَبَّارٍ عَنِيْدٍ ۙ15
۽ فتح جي طلب ڪيائون ۽ نامراد ٿيو هر هٺيلو سرڪش .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ انهن فتح گهري ۽ سڀ ڪو سرڪش ضدي ناڪامياب ٿيو،
— مولانا محمد مدنيانهن پيغمبرن فتح گهري هئي (سو اسان کين فتح عطا ڪئي) ۽ ھڪ ھڪ سرڪش ۽ ضدي ماڻهو ناڪام ۽ نامراد ٿي ويو.
— عبدالسلام ڀُٽومِّنْ وَّرَاۗىِٕهٖ جَهَنَّمُ وَيُسْقٰى مِنْ مَّاۗءٍ صَدِيْدٍ ۙ16
پويان ان جي جهنم آهي ۽ پياريو ويندو پاڻي پونءِ وارو .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريان جي پٺيان دوزخ آهي ۽ کيس پُونءِ جي پاڻيءَ مان پياريو ويندو،
— مولانا محمد مدنيناڪام ٿيڻ کان پوءِ هاڻي (ان لاءِ) جھنم به آھي جتي کيس پُونءِ (يعني زخمن جي گند) وارو پاڻي پياريو ويندو.
— عبدالسلام ڀُٽويَّتَجَرَّعُهٗ وَلَا يَكَادُ يُسِيْغُهٗ وَيَاْتِيْهِ الْمَوْتُ مِنْ كُلِّ مَكَانٍ وَّمَا هُوَ بِمَيِّتٍ ۭ وَمِنْ وَّرَاۗىِٕهٖ عَذَابٌ غَلِيْظٌ 17
ڍڪ ڍڪ ڪري پيئندو ان کي ۽ نه ٿو ويجهو ٿئي جو ڳيت ڏئي پئي ان کي ۽ ايندو ان وٽ موت هر پاسي کان ۽ ناهي اهو مرندڙ ۽ پويان ان جي عذاب سخت آهي.
— مولانا محمد ادريس ڏاھريان کي ڍڪ ڍڪ ڪري پئيندو ۽ ان کي آسانيءَ سان نڙيءَ کان هيٺ نه لاهي سگهندو ۽ سڀڪنهن پاسي کان ان ڏي موت ايندو پر هو نه مرندو. ۽ ان جي پٺيان سخت عذاب آهي.
— مولانا محمد مدنيجنهن کي هو ڍُڪ ڍُڪ ڪري پيئندو پر نڙيءَ کان آسانيءَ سان ھيٺ نه لاھي سگهندو، کيس ھر طرف موت نظر ايندو پر مرندو به نه. وري ٻيو سخت عذاب سندس پويان ھوندو.
— عبدالسلام ڀُٽومَثَلُ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا بِرَبِّهِمْ اَعْمَالُهُمْ كَرَمَادِ ۨاشْـتَدَّتْ بِهِ الرِّيْحُ فِيْ يَوْمٍ عَاصِفٍ ۭ لَا يَقْدِرُوْنَ مِـمَّا كَسَبُوْا عَلٰي شَيْءٍ ۭ ذٰلِكَ هُوَ الضَّلٰلُ الْبَعِيْدُ 18
ان کي واءُ آنڌي واري ڏينهن ۾ نه قادر ٿيندا ان مان جو ڪمايائون ڪنهن شيءِ تي اها ئي گمراهي پرانهين آهي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريجن پنهنجي پاليندڙ جو انڪار ڪيو تن جو حال هي آهي ته انهن جا عمل ڦلهيار وانگر آهن جنهن کي طوفان واري ڏينهن ۾ واءُ اڏايو. جيڪي ڪمايائون تنهن مان کين ڪجهه به هٿ نه ايندو. اها ئي وڏي گمراهي آهي.
— مولانا محمد مدنيجن ماڻهن پنھنجي پالڻھار سان ڪفر ڪيو، انهن جي عملن جو مثال ان خاڪ وانگر آھي جنھن کي آنڌيءَ واري ڏينھن ھوا تيزيءَ سان اڏاري ڇڏيو. انهن جيڪو به عمل ڪيو آھي تن جو کين ڪوبه فائدو نه پھچندو، بيشڪ اِھا ھڪ وڏي گمراھي آھي.
— عبدالسلام ڀُٽواَلَمْ تَرَ اَنَّ اللّٰهَ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ بِالْـحَقِّ ۭ اِنْ يَّشَاْ يُذْهِبْكُمْ وَيَاْتِ بِخَلْقٍ جَدِيْدٍ ۙ19
ڇا نه ڏٺو تو ته بيشڪ الله پيدا ڪيا آسمان ۽ زمين حق سان جيڪڏهن گهرندو ته ختم ڪندو اوهان کي ۽ آڻيندو مخلوق نئين .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريڇا تو نه ڏٺو ته الله آسمانن ۽ زمين کي پوري تدبير سان پيدا ڪيو آهي جيڪڏهن گهري ته اوهان کي پري (فنا) ڪري ڇڏي، ۽ نئين خلق آڻي.
— مولانا محمد مدنيڇا تو نه ڏٺو ته بيشڪ اللھ تعالى آسمانن ۽ زمين کي برحق پيدا ڪيو آھي، جيڪڏھن ھو چاھي ته توھان کي ھٽائي توھان جي جاءِ تي ٻي مخلوق آڻي.
— عبدالسلام ڀُٽووَّمَا ذٰلِكَ عَلَي اللّٰهِ بِعَزِيْزٍ 20
۽ ناهي اها ڳالھ الله تي غالب .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ اهو (ڪرڻ) الله تي مشڪل نه آهي.
— مولانا محمد مدني(ٻي مخلوق آڻڻ) ان لاءِ ڪو مشڪل ڪم نه آھي.
— عبدالسلام ڀُٽو