يٰأَيُّهَا المُزَّمِّلُ (آيت : 1) |
اي ويڙهجي سيڙهجي سمهڻ وارا |
قُمِ الَّيلَ إِلّا قَليلًا (آيت : 2) |
رات جو نماز ۾ بيهندو ڪر، سواءِ ڪنهن ٿوري وقت جي |
نِصفَهُ أَوِ انقُص مِنهُ قَليلًا (آيت : 3) |
رات جو اڌ يا ان مان ڪجهه گهٽ ڪر |
أَو زِد عَلَيهِ وَرَتِّلِ القُرءانَ تَرتيلًا (آيت : 4) |
يا ان ۾ ڪجهه وڌاءِ ۽ قرآن کي خوب ٺاهي ٺاهي پڙهه |
إِنّا سَنُلقى عَلَيكَ قَولًا ثَقيلًا (آيت : 5) |
اسان توتي ڏاڍو ڳرو ڪلام نازل ڪرڻ وارا آهيون |
إِنَّ ناشِئَةَ الَّيلِ هِىَ أَشَدُّ وَطـًٔا وَأَقوَمُ قيلًا (آيت : 6) |
حقيقت اها آهي ته رات جو اٿڻ نفس تي ضابطو رکڻ لاءِ ڏاڍو ڪارائتو آهي ۽ قرآن سنئينءَ طرح پڙهڻ لاءِ به ڏاڍو مناسب آهي |
إِنَّ لَكَ فِى النَّهارِ سَبحًا طَويلًا (آيت : 7) |
ڏينهن جو ته تو لاءِ گهڻا ڪم ڪاريون آهن |
وَاذكُرِ اسمَ رَبِّكَ وَتَبَتَّل إِلَيهِ تَبتيلًا (آيت : 8) |
پنهنجي رب جو نالو ياد ڪندو ڪر ۽ سڀني کان پاسيرو ٿي ان جو ئي ٿي وڃ |
رَبُّ المَشرِقِ وَالمَغرِبِ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ فَاتَّخِذهُ وَكيلًا (آيت : 9) |
هو اوڀر توڙي اولهه جو رب آهي، ان کانسواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي، تنهنڪري انهيءَ کي ئي پنهنجو ڪارساز بڻاءِ |
وَاصبِر عَلىٰ ما يَقولونَ وَاهجُرهُم هَجرًا جَميلًا (آيت : 10) |
۽ جيڪي ڳالهيون ماڻهو ڪن ٿا تن تي صبر ڪر ۽ کانئن سهڻي نموني ۾ ڌار ٿي وڃ |
وَذَرنى وَالمُكَذِّبينَ أُولِى النَّعمَةِ وَمَهِّلهُم قَليلًا (آيت : 11) |
۽ انهن ڪوڙو سڏيندڙ آسودن ماڻهن سان نبرڻ جو ڪم تون مون تي ڇڏي ڏي ۽ انهن کي ٿوري وقت لاءِ انهيءَ حالت تي ڇڏي ڏي |
إِنَّ لَدَينا أَنكالًا وَجَحيمًا (آيت : 12) |
بيشڪ اسان وٽ (انهن لاءِ) ڏنڊا ٻيڙيون ۽ ڀڙڪندڙ باهه آهي |
وَطَعامًا ذا غُصَّةٍ وَعَذابًا أَليمًا (آيت : 13) |
۽ نـڙيءَ ۾ اٽڪندڙ کاڌو ۽ دردناڪ عذاب |
يَومَ تَرجُفُ الأَرضُ وَالجِبالُ وَكانَتِ الجِبالُ كَثيبًا مَهيلًا (آيت : 14) |
اهو انهيءَ ڏينهن ٿيندو، جڏهن زمين ۽ جبل ڌڏڻ لڳندا ۽ جبل ائين ٿي ويندا جو ڄڻ ته واريءَ جا ڍير آهن، جيڪي کنڊري رهيا آهن |
إِنّا أَرسَلنا إِلَيكُم رَسولًا شٰهِدًا عَلَيكُم كَما أَرسَلنا إِلىٰ فِرعَونَ رَسولًا (آيت : 15) |
توهان ڏي اسان ائين هڪڙو رسول توهان تي شاهد ڪري موڪليو آهي، جيئن اسان فرعون ڏي هڪڙو رسول موڪليو هو |
فَعَصىٰ فِرعَونُ الرَّسولَ فَأَخَذنٰهُ أَخذًا وَبيلًا (آيت : 16) |
پوءِ (ڏسو جڏهن) فرعون انهيءَ رسول جي ڳالهه نه مڃي ته اسان کيس سختيءَ سان پڪڙيو |
فَكَيفَ تَتَّقونَ إِن كَفَرتُم يَومًا يَجعَلُ الوِلدٰنَ شيبًا (آيت : 17) |
جيڪڏهن توهان مڃڻ کان انڪار ڪندؤ ته انهيءَ ڏينهن ڪيئن بچي ويندؤ، جيڪو ٻارن کي ٻڍو ڪري ڇڏيندو |
السَّماءُ مُنفَطِرٌ بِهِ كانَ وَعدُهُ مَفعولًا (آيت : 18) |
۽ جنهن جي سختيءَ کان آسمان پيو ڦاٽندو هوندو؟ الله جو وعدو ته پورو ٿي رهڻو آهي |
إِنَّ هٰذِهِ تَذكِرَةٌ فَمَن شاءَ اتَّخَذَ إِلىٰ رَبِّهِ سَبيلًا (آيت : 19) |
هيءَ هڪڙي نصيحت آهي، هاڻي جنهن جي دل گهري ته پنهنجي رب ڏانهن هلڻ واري واٽ وٺي |
إِنَّ رَبَّكَ يَعلَمُ أَنَّكَ تَقومُ أَدنىٰ مِن ثُلُثَىِ الَّيلِ وَنِصفَهُ وَثُلُثَهُ وَطائِفَةٌ مِنَ الَّذينَ مَعَكَ وَاللَّهُ يُقَدِّرُ الَّيلَ وَالنَّهارَ عَلِمَ أَن لَن تُحصوهُ فَتابَ عَلَيكُم فَاقرَءوا ما تَيَسَّرَ مِنَ القُرءانِ عَلِمَ أَن سَيَكونُ مِنكُم مَرضىٰ وَءاخَرونَ يَضرِبونَ فِى الأَرضِ يَبتَغونَ مِن فَضلِ اللَّهِ وَءاخَرونَ يُقٰتِلونَ فى سَبيلِ اللَّهِ فَاقرَءوا ما تَيَسَّرَ مِنهُ وَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَءاتُوا الزَّكوٰةَ وَأَقرِضُوا اللَّهَ قَرضًا حَسَنًا وَما تُقَدِّموا لِأَنفُسِكُم مِن خَيرٍ تَجِدوهُ عِندَ اللَّهِ هُوَ خَيرًا وَأَعظَمَ أَجرًا وَاستَغفِرُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 20) |
اي نبي! تنهنجو رب ڄاڻي ٿو ته تون ڪڏهن رات جا ذري گهٽ ٻه ڀاڱي ٽي حصا، ڪڏهن رات جو اڌ ۽ ڪڏهن ان جي ٽهائي عبادت ۾ بيٺو هوندو آهين ۽ تنهنجي ساٿين مان به هڪڙو ٽولو ائين ڪندو آهي. الله ئي رات ۽ ڏينهن جي وقتن جو حساب ٿو رکي. ان کي معلوم آهي ته توهان وقتن جو صحيح حساب نٿا لڳائي سگهو، تنهنڪري هن توهان تي ٻاجهه ڪئي. پوءِ جيترو قرآن سولائيءَ سان پڙهي سگهو ٿا پڙهو. هن کي ته معلوم آهي ته توهان مان ڪي بيمار هوندا، ڪي وري الله جي فضل (روزگار) جي ڳولا ۾ سفر ڪن ٿا ۽ ڪي وري الله جي راهه ۾ لڙن ٿا، تنهنڪري جيترو قرآن سؤلائيءَ سان پڙهي سگهو پڙهندا ڪريو ۽ نماز قائم ڪريو، زڪواة ڏيو ۽ الله کي سهڻو قرض ڏيندا رهو. جيڪا به ڀلائي توهان پنهنجي لاءِ اڳتي اماڻيندؤ سا الله وٽ موجود ڏسندؤ، اهوئي سڀ کان ڀلو آهي ۽ سندس اجر تمام وڏو آهي. الله کان بخشش گهرندا رهو، بيشڪ الله ڏاڍو بخشڻهار ٻاجهارو آهي |