سنڌي قرآن

مُترجم: سيد فرمان علي

بسم الله الرجمن الرحيم
قرآن شريف، الله سائين جو آخري ڪتاب ۽ رسول اڪرم صلي الله عليه و آله و سلم جي رسالت جو زندھ ۽ جاويد معجزو آهي، جنهن ۾ ڪنهن به قسم جو ڪو شڪ شبهو نه آهي، هي آسماني ڪتاب هر قسم جي لفظي تحريف يا گهاٽي واڌي کان پاڪ آهي. پر ڇو جو هي خدائي ڪلام عربي ٻولي ۾ آهي، تنهنڪري غير عرب مسلمانن کي ان مان لاڀ پرائڻ ۽ فيضياب ٿيڻ لاءِ ترجمي جي ضرورت پيش آئي، البت هر مترجم پنهنجي علمي قابليت ۽ عربي ۽ پنهنجي ٻولي تي مهارت موجب ان جو ترجمو ڪيو آهي، تنهنڪري ڪنهن به ترجمي کي حرف آخر نٿو چئي سگهجي. پاڪ پالڻهار مترجمين کي اجر عظيم عطا فرمائي. انهن پنهنجي وس آهر ڪوشش ڪئي. هي موجوده ترجمو قاري امان الله بيگ جو آهي، جيڪو ان مولانا حافظ سيد فرمان علي جي اردو ترجمي مان سنڌي ۾ ڪيو آهي. هن ترجمي کي ڇاپي پڌري ڪرڻ جي سعادت پير محمد ابراهيم ٽرسٽ کي حاصل ٿي، 1975 ۾ هي ايڊيشن شايع ٿيو. هينئر انٽرنيٽ جي سهولت کي نظر ۾ رکندي اسان جي خواهش هئي ته ان کي وري ٽائيپ ڪرائي، آنلائن رکجي يا اڃا وڌيڪ ان جي ائنڊرائيڊ ايپليڪشن ٺاهجي ته جيئن هر ڪو مومن پنهنجي موبائل ۾ ان کان استفادو ڪري سگهي. بهرحال مترجم پنهنجي وس آهر ڪوشش ڪئي آهي، پر ظاهر آهي ته ڪنهن جي به ڳالھ قرآن جي ترجمي جي لحاظ کان حرف آخر نه آهي، مترجم کان علمي اختلاف رکڻ جو هر محقق کي حق آهي. اسان هن جي ٽائيپ ۾ ڪوشش ڪئي آهي پر وري به ٿي سگهي ٿو ڪٿي غلطي ٿي وئي هجي، پڙهندڙن کي گذارش آهي ته ان جي نشاندهي ڪن ته جيئن ان جي اصلاح ڪري سگهجي. ياد رهي ته ان قرآن ۾ ضروري جاين تي وضاحت يا مختصر تفسير طور حاشيو به لڳايو ويو آهي، اصل ترجمي جي ٽائيپنگ غلام قاسم تسنيمي ڪئي آهي، جڏهن ته حاشئي جي ٽائيپنگ برادر سائين نظير احمد بهشتي ۽ ظفر علي تسنيمي ڪئي آهي. مهديه فائونڊيشن پاڪستان جي سرپرست سائين سيد اختر حسين شاھ نقوي جي خواهش آهي ته ان کي وري ڇاپيو وڃي، ان ڪري انهن به ان ٽائيپ تي همٿايو ۽ تعاون فرمايو. جيتوڻيڪ ان ترجمي کي وري هڪ ڀيرو ٻيهر غور سان نظر مان گذارڻ جي ضرورت آهي ان شاءَ الله وقت سر ضروري اصلاح کي انجام ڏنو ويندو. پاڪ پالڻهار قرآن جي سڀني خادمن کي اجر عظيم عطا فرمائي، سندن ڪاوشن کي قبول فرمائي ۽ سندن توفيقات خير ۾ اضافو فرمائي.
غلام قاسم تسنيمي
28 رمضان 1438