الھامُ الرحمان

مُترجم: مولانا محمد مدني

مولانا محمد مدني سنڌ جو يگانو عالم نئون مسلمان هو. سندس وڏا ٿاڻي بولا خان کان ڪراچي لڏي آيا هئا. تقسيم کان اڳ ديني تعليم مدرسہ مظهر العلوم کڏي مان حاصل ڪئي هئائين. کڏي جو مدرسو ان وقت سنڌ جي عالمن جي آزاديءَ واري تحريڪ جو مرڪز هو ۽ سڄي برصغير جا عالم اتي پير ڀريندا هئا. مولانا محمد مدني انهن عالمن جي خدمت ۽ شاگرديءَ ۾ علم ۽ فڪر ٻئي حاصل ڪيا. سندس قرآن فهميءَ جو ذوق ۽ اعليٰ فهم ڏسي مربي ۽ استاد مولانا محمد صادق کڏي واري کيس حجاز مقدس مولانا عبيدالله سنڌيءَ وٽ موڪليو جيڪو انوقت اتي جلاوطن ٿي ترسيل هو ۽ حرم شريف ۾ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ کان ايندڙ عالمن کي قرآن حڪيم جي اعليٰ تعليم ڏئي رهيو هو. مولانا مدني اتي وڏو عرصو رهي قرآن مجيد جي حڪمت ۽ تدبر جي اعليٰ تعليم مولانا عبيدالله سنڌي ۽ ٻين عالمن کان حاصل ڪئي. وطن واپس موٽي هُن قرآن مجيد جو سنڌي ترجمو لکيو جيڪو بامحاوره ترجمن ۾ سڀ کان وڌيڪ سولو، قرآني ڊڪشن جي ترجماني ڪندڙ ۽ سنڌي ٻوليءَ جو شاهڪار ترجمو ليکيو وڃي ٿو. مولانا عبدالڪريم قريشي ٻير وارو هن ترجمي بابت چوندو هو ته جيڪڏهن قرآن سنڌيءَ ۾ نازل ٿيڻو هجي ها ته اهو مولانا مدنيءَ واري سنڌيءَ ۾ نازل ٿئي ها. مولانا محمد مدني حرم شريف ۾ مولانا سنڌيءَ جو تفسير به املاءُ ڪيو هو جيڪو ”تفسير الهام الرحمان“ جي نالي سان سندس نياڻي مولانا غلام مصطفيٰ قاسميءَ 5 جلدن ۾ ڇپايو هو.