بيان الرحمان

مُترجم: علامه عبدالوحيد جان سرھندي

حضرت علامه عبدالوحيد جان سرهندي جي ولادت باسعادت 22 ڊسمبر 1963 مطابق 5 شعبان 1383هه بروز آچر دار الارشاد درگاهه عاليه ٽنڊو سائينداد ۾ حضرت خواجه عبدالحميد جان مجددي سرهندي جي گهر ٿي جن جو سلسلهءِ نسب خليفهءِ ثاني سيدنا حضرت عمر ابن الخطاب رضي الله تعاليٰ عنه سان وڃي ملي ٿو. سندن ابتدائي تعليم و تربيت ننڍپڻ کان ئي سندن ڏاڏي امام العارفين حضرت آغا غلام علي جان ڪئي. ميٽرڪ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪرڻ کان پوءِ کين موري ۾ مدرسه رحمانيه ۾ ديني تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ داخل ڪرايو ويو جتي کين مدرسي جي مدرس حضرت مولانا مفتي عزيز الله صاحب جن خاص توجه سان پڙهايو
اٺن سالن ۾ درسِ نظامي پورو ڪيائون ان دوران مولوي، عالم ۽ فاضل جا امتحان فرسٽ پوزيشن ۾ پاس ڪيائون ٻئي طرف وفاق طرفان منظور ٿيل نتظيم المدارس اهلِ سنت پاڪستان لاهور کان سَنَد شهادت العالميه (ايم اي) ممتاز پوزيشن ۾ پاس ڪيائون. فارغ التحصيل ٿيڻ کان پوءِ سنڌ يونيورسٽي مان ايم اي عربي جي ڊگري فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ۾ حاصل ڪيائون جنهن تي يونيوريسٽي طرفان کين ”سونو تمغو“ بطورِ اعزاز ڏنو ويو.
پاڻ 29 سالن جي عمر ۾ قرآن پاڪ جو سنڌي ترجمو ۽ تفسير لکڻ شروع ڪيائون ۽ هاڻي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ الله تعاليٰ جا لک احسان، ڪروڙين ڪرم جو هن ترجمي جي اشاعت جو محبوب ترين ڪم اسان جي حصي ۾ آيو. ان سموري ڪم جي تڪميل ۾ اسان جي ڪاتب فقير فيض محمد سڪندري پتافي ۽ ٻين دوستن نهايت خوض اسلوبي سان ساٿ ڏنو آهي. الله تعاليٰ پنهنجي حبيب ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جي صدقي سڀني تعاون ڪندڙن کي جزاءِ خير سان نوازي آمين
پروگرام مطابق پهرين مرحلي ۾ ڪم کي آسان ڪندي پنجن پنجن پارن جا جلد شايع في سبيل الله تقسيمِ عام ڪيو ويو. هن وقت بفضلِ تعاليٰ مڪمل ٽيهن پارن جي ترجمي کي يڪجا ڪري هڪ جلد ۾ شايع ڪري رهيا آهيون ۽ هي سعادت جناب عبدالقدوس راڄڙ حاصل ڪري رهيو آهي.

خادم العلماء
سيد قمرالزمان شاهه
لطيف آباد نمبر 2، حيدرآباد سنڌ