099 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 8 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
اِذَا زُلْزِلَتِ الْاَرْضُ زِلْزَالَهَا 1ۙ
جڏهن ڌوڏي ويندي زمين سخت ڌوڏڻ .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريجڏهن زمين کي چڱيءَ طرح ڌڏايو ويندو
— مولانا محمد مدنيجڏهن زمين کي پنھنجي پوري شدت سان ڌوڏيو ويندو.
— عبدالسلام ڀُٽووَاَخْرَجَتِ الْاَرْضُ اَثْقَالَهَا 2ۙ
۽ ڪڍندي زمين پنهنجا ڳرا بار .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ زمين پنهنجا ڳرا بار ڪڍندي
— مولانا محمد مدني۽ زمين پنھنجي (اندر جا) سمورا ڳرا بار ٻاهر ڪڍندي.
— عبدالسلام ڀُٽووَقَالَ الْاِنْسَانُ مَا لَهَا 3ۚ
۽ چوندو انسان ڇا ٿيو آهي ان کي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ ماڻهو چوندو ته ان کي ڇا ٿيو آهي
— مولانا محمد مدني۽ انسان (حيرت مان) چوندو ته هن زمين کي ڇا ٿي ويو آهي؟
— عبدالسلام ڀُٽويَوْمَىِٕذٍ تُحَدِّثُ اَخْبَارَهَا 4ۙ
ان ڏينهن بيان ڪندي پنهنجون خبرون ان سببان جو .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريان ڏينهن اها پنهجيون سڀ خبرون ٻڌائيندي
— مولانا محمد مدنيپوءِ هوءَ پنھنجي مٿان گذريل سڀ احوال ٻڌائيندي.
— عبدالسلام ڀُٽوبِاَنَّ رَبَّكَ اَوْحٰى لَهَا 5ۭ
تنهنجي رب ان ڏانهن حڪم موڪليو هوندو .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريهن ڪري ته (اي پيغمبر) تنهنجي پاليندڙ ان کي حڪم ڪيو آهي
— مولانا محمد مدنيڇوته تنھنجي پالڻھار ان کي حڪم ڏنو هوندو.
— عبدالسلام ڀُٽويَوْمَىِٕذٍ يَّصْدُرُ النَّاسُ اَشْتَاتًا ڏ لِّيُرَوْا اَعْـمَالَهُمْ 6ۭ
ان ڏينهن ورندا ماڻهو ٽولا ٽولا ٿي تانته پنهنجا اعمال ڏيکاريا وڃن .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريان ڏينهن ماڻهو (حساب جي جاءِ کان) جدا جدا حالتن ۾ ٿي موٽندا ته انهن کي سندن عمل ڏيکارجن
— مولانا محمد مدنيپوءِ ان ڏينھن ماڻهو ٽولا ٽولا ٿي ڪري موٽندا ته جيئن اُنهن کي سندن اعمال ناما ڏيکاريا وڃن.
— عبدالسلام ڀُٽوفَـمَنْ يَّعْمَلْ مِثْقَالَ ذَرَّةٍ خَيْرًا يَّرَهٗ 7ۭ
پوءِ جيڪو ڪندو ذره جيترو قدر ڀلائي ته ڏسندو اها .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريپوءِ جيڪو شخص ذري جيتري ڀلائي ڪندو ته ان کي ڏسندو.
— مولانا محمد مدنيپوءِ جنھن ماڻهوءَ ذري برابر به نيڪي ڪئي هوندي سو ان کي ڏسندو.
— عبدالسلام ڀُٽووَمَنْ يَّعْمَلْ مِثْقَالَ ذَرَّةٍ شَرًّا يَّرَهٗ 8ۧ
۽ جيڪو ڪندو ذره جيترو قدر برائي ته اها ڏسندو .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ جو شخص ذري جيتري بڇڙائي ڪندو ته ان کي ڏسندو
— مولانا محمد مدني۽ جنھن ماڻهو ذري برابر به برائي ڪئي هوندي سو ان کي ڏسندو.
— عبدالسلام ڀُٽو