089 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 30 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
وَالْفَجْرِ 1ۙ
قسم آهي فجر جو .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريصبح (جي وقت) جو قسم آهي
— مولانا محمد مدنيقسم آهي فجر (جي وقت) جو.
— عبدالسلام ڀُٽووَلَيَالٍ عَشْرٍ 2ۙ
۽ ڏهن راتين جو .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ ڏهن راتين جو
— مولانا محمد مدنيقسم آهي ڏهن راتين جو.
— عبدالسلام ڀُٽووَّالشَّفْعِ وَالْوَتْرِ 3ۙ
۽ ٻڌيءَ جو ۽ اڪيءَ جو .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ ٻڌيءَ جو ۽ اڪيءَ جو
— مولانا محمد مدنيقسم آهي ٻڌي ۽ اِڪي انگن جو.
— عبدالسلام ڀُٽووَالَّيْلِ اِذَا يَسْرِ 4ۚ
۽ رات جو جڏهن وڃڻ لڳي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ رات جوجڏهن گذري ٿي
— مولانا محمد مدني۽ قسم آهي رات جو جڏهن اها وڃڻ لڳي.
— عبدالسلام ڀُٽوهَلْ فِيْ ذٰلِكَ قَسَمٌ لِّذِيْ حِجْرٍ 5ۭ
ڇا ان ۾ قسم آهي عقل واري لاءِ .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريڇا انهن شين ۾ ڪو عقل واري لاءِ قسم آهي
— مولانا محمد مدنيڇا انهن سڀني ڳالهين کان پوءِ به عقل وارن لاءِ ڪو قسم باقي رهجي ويو آهي؟
— عبدالسلام ڀُٽواَلَمْ تَرَ كَيْفَ فَعَلَ رَبُّكَ بِعَادٍ ۽ 6
ڇا نه ڏٺو تو ته ڪيئن ڪيو تنهنجي رب عاد سان .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري(اي پيغمبر) ڇا تو نه ڏٺو ته تنهنجي پاليندڙ عاد (جي قوم)
— مولانا محمد مدنيڇا تو نه ڏٺو ته الله تعالى عاد قوم سان ڪهڙي حالت ڪئي؟
— عبدالسلام ڀُٽواِرَمَ ذَاتِ الْعِمَادِ ۽ 7
ارم جي قوم مان وڏن ٿنڀن جا صاحب .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريٿنڀن وانگر قدآور ارم (جي قوم) سان ڪيئن ڪيو
— مولانا محمد مدنيوڏن ٿنڀن واري ارم قوم سان (به)
— عبدالسلام ڀُٽوالَّتِيْ لَمْ يُخْلَقْ مِثْلُهَا فِي الْبِلَادِ ۽ 8
اهي جو نه پيدا ڪيو ويو انهن جو مثال شهرن ۾ .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريجنهن جهڙو شهرن ۾ ڪو نه پيدا ڪيو ويو
— مولانا محمد مدنيان جھڙي طاقتور قوم ته ڪنھن به ملڪ ۾ پيدا نه ڪئي وئي.
— عبدالسلام ڀُٽووَثَـمُوْدَ الَّذِيْنَ جَابُوا الصَّخْرَ بِالْوَادِ 9
۽ ثمود وارن سان جن ڪٽيا پٿر واديءَ ۾ .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ ثمود (جي قوم) سان (به) جن وادي القريٰ ۾ ڇپن کي گهڙيو هو
— مولانا محمد مدنيثمود قوم سان جيڪي واديءَ ۾ جبلن کي ٽُڪي گهر ٺاهيندا هئا (تن سڀني سان ڪھڙو سلوڪ ڪيو؟)
— عبدالسلام ڀُٽووَفِرْعَوْنَ ذِي الْاَوْتَادِ ۽ 10
۽ فرعون ميخن واري سان .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ ڪلن واري فرعون سان (به)
— مولانا محمد مدني۽ ميخن واري فرعون سان ڇا حشر ڪيو؟
— عبدالسلام ڀُٽوالَّذِيْنَ طَغَوْا فِي الْبِلَادِ ۽ 11
جن سرڪشي ڪئي هئي شهرن ۾ .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريجيڪي شهرن ۾ پنهنجي حد کان لنگهي ويا
— مولانا محمد مدنيجن، شھرن ۾ بغاوت ڦھلائي ڇڏي هئي.
— عبدالسلام ڀُٽوفَاَكْثَرُوْا فِيْهَا الْفَسَادَ ۽ 12
پوءِ گهڻو ڪيائون ان ۾ فساد .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريپوءِ انهن ۾ گهڻو فساد ڪيائون
— مولانا محمد مدني۽ انهن ماڻهن شھرن ۾ فساد به مچائي ڇڏيو هو.
— عبدالسلام ڀُٽوفَصَبَّ عَلَيْهِمْ رَبُّكَ سَوْطَ عَذَابٍ ڌ 13
پوءِ وسايائين انهن تي تنهنجي رب چهبڪ عذاب جو .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريپوءِ تنهنجي پاليندڙ مٿن عذاب جو چهبڪ وهايو
— مولانا محمد مدني۽ پوءِ تنھنجي پالڻھار انهن جي مٿان عذب جو چَهبڪ وسايو.
— عبدالسلام ڀُٽواِنَّ رَبَّكَ لَبِالْمِرْصَادِ ۭ14
بيشڪ تنهنجو رب البته گَهٽَ ۾ آهي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريبيشڪ تنهنجو پاليندڙ گهٽ واري هنڌ ۾ (عملن کي ڏسندڙ) آهي
— مولانا محمد مدنيبيشڪ تنھنجو پالڻھار ته (ڏوهارين جي) تاڪ ۾ آهي.
— عبدالسلام ڀُٽوفَاَمَّا الْاِنْسَانُ اِذَا مَا ابْتَلٰىهُ رَبُّهٗ فَاَكْرَمَهٗ وَنَعَّمَهٗ ڏ فَيَقُوْلُ رَبِّيْٓ اَكْرَمَنِ ۭ15
پوءِ پر انسان جڏهن آزمايو ان کي ان جي رب پوءِ عزت ڏئي ٿو ان کي ۽ نعمت ڏئي ٿو ان کي پوءِ چوي ٿوته منهنجي رب مون کي عزت ڏني آهي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريپوءِ به انسان کي جڏهن سندس پاليندڙ آزمائي ٿو پوءِ ان کي عزت ڏئي ٿو ۽ نعمت ڏئي ٿو ته هو چوي ٿو ته منهنجي پاليندڙ مون کي عزت ڏني
— مولانا محمد مدني۽ جڏهن انسان کي سندس پالڻھار عزت ۽ نعمتون ڏئي آزمائيندو آهي ته پوءِ چوندو آهي ته منھنجي پالڻھار مون کي وڏي عزت ڏني.
— عبدالسلام ڀُٽووَاَمَّآ اِذَا مَا ابْتَلٰىهُ فَقَدَرَ عَلَيْهِ رِزْقَهٗ ڏ فَيَقُوْلُ رَبِّيْٓ اَهَانَنِ ۚ16
۽ پر جڏهن آزمائي ٿو ان کي پوءِ تنگ ڪري ٿو ان تي ان جو رزق پوءِ چوي ٿو ته منهنجي رب مون کي خوار ڪيو آهي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ جڏهن ان کي هن طرح آزمائي ٿو جو مٿس سندس روزي تنگ ڪري ٿو ته چوي ٿو ته منهنجي پاليندڙ مون کي خوار ڪيو
— مولانا محمد مدنيپر جيڪڏهن ان کي گهٽ روزي ڏيئي آزمائيندو آهي ته چوڻ لڳندو آهي ته منھنجي پالڻھار مون کي ذليل ڪري ڇڏيو.
— عبدالسلام ڀُٽوكَلَّا بَلْ لَّا تُكْرِمُوْنَ الْيَتِيْمَ ۙ17
هرگز نه بلڪ نه ٿا عزت ڪيو يتيم جي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريائين نه آهي، پر اوهين يتيم جي عزت نه ٿا ڪريو
— مولانا محمد مدنيهرگز نه! بلڪه توهان يتيم جي عزت نٿا ڪريو.
— عبدالسلام ڀُٽووَلَا تَحٰۗـضُّوْنَ عَلٰي طَعَامِ الْمِسْكِيْنِ ۙ18
۽ نه ٿا حرص ڏياريو مسڪين کي کاڌي کارائڻ تي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ نه ڪي هڪ ٻئي کي مسڪين کي کاڌي ڏيڻ جي رغبت ڏيو ٿا.
— مولانا محمد مدني۽ هڪ ٻئي کي مسڪين کي کاڌي کارائڻ جو شوق به نٿاڏياريو.
— عبدالسلام ڀُٽووَتَاْكُلُوْنَ التُّرَاثَ اَكْلًا لَّمًّا ۙ19
۽ کائو ٿا ورثي جو مال سمورو .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ مئلن جو مال ته ميڙي سيڙي کائو ٿا
— مولانا محمد مدنيميراث جو مال به ميڙي سيڙي کائي ويندا آهيو.
— عبدالسلام ڀُٽووَّتُحِبُّوْنَ الْمَالَ حُبًّا جَمًّا ۭ20
۽ محبت رکو ٿا مال سان گهڻي محبت .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ مال سان محبت گهڻي رکو ٿا
— مولانا محمد مدني(اصل ۾) توهان مال سان تمام گهڻي محبت رکو ٿا.
— عبدالسلام ڀُٽو