042 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 53 آيتون ۽ 5 رڪوع آھن
حٰــمۗ 1ۚ
حا، ميم، .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريحم.
— مولانا محمد مدنيحا ــ ميم
— عبدالسلام ڀُٽوعۗسۗقۗ 2
عين، سين، قاف .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريعسق.
— مولانا محمد مدنيعين ــ سين ــ قاف
— عبدالسلام ڀُٽوكَذٰلِكَ يُوْحِيْٓ اِلَيْكَ وَاِلَى الَّذِيْنَ مِنْ قَبْلِكَ ۙ اللّٰهُ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ 3
اهڙي طرح وحي موڪلي ٿو توڏانهن ۽ انهن ڏانهن جيڪي توکان اڳي هئا الله، غالب، حڪمت وارو .
— مولانا محمد ادريس ڏاھرياهڙيءَ طرح زبردست (۽) حڪمت وارو الله توڏي ۽ انهن ڏي جيڪي توکان اڳ هئا، وحي موڪلي ٿو.
— مولانا محمد مدنياهڙي طرح الله تعالى زبردست حڪمت وارو، توهان ڏي ۽ توهان کان اڳ (رسولن ڏي) وحي موڪليندو رهيو آهي.
— عبدالسلام ڀُٽولَهٗ مَا فِي السَّمٰوٰتِ وَمَا فِي الْاَرْضِ ۭ وَهُوَ الْعَلِيُّ الْعَظِيْمُ 4
ان جوئي آهي جيڪو آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪو زمين ۾ آهي ۽ اهو بلند وڏو آهي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريجيڪي آسمانن ۾ ۽ جيڪي زمين ۾ آهي سو سندس آهي ۽ اهو ئي (سڀ کان) مٿاهون (۽) وڏو آهي.
— مولانا محمد مدنيآسمانن ۽ زمين ۾ جو ڪجهه آهي سو سڀ ان جو ئي آهي. اهوئي سڀ کان مٿانھون ۽ وڏي عظمت وارو آهي.
— عبدالسلام ڀُٽوتَكَادُ السَّمٰوٰتُ يَتَفَطَّرْنَ مِنْ فَوْقِهِنَّ وَالْمَلٰۗىِٕكَةُ يُسَبِّحُوْنَ بِـحَمْدِ رَبِّهِمْ وَيَسْتَغْفِرُوْنَ لِمَنْ فِي الْاَرْضِ ۭ اَلَآ اِنَّ اللّٰهَ هُوَ الْغَفُوْرُ الرَّحِيْمُ 5
ويجها آهن آسمان جو ڦاٽي پون مٿان پنهنجي ۽ ملائڪ تسبيح پڙهن پيا پنهنجي رب جي حمد سان ۽ مغفرت طلب ڪن ٿا انهن جي لاءِ جيڪي زمين ۾ آهن خبردار بيشڪ الله اهوئي بخشڻهار مهربان آهي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريآسمان پنهنجي مٿان ڦاٽڻ تي آهن. ۽ ملائڪ پنهنجي پاليندڙ جي تعريف سان گڏ(سندس) پاڪائي بيان ڪن ٿا ۽ جيڪي زمين ۾ آهن تن لاءِ معافي گهرن ٿا. خبردار! بيشڪ الله ئي معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.
— مولانا محمد مدنياجهو ٿا آسمانَ (الله تعالى جي هيبت کان) مٿان کان ڦاٽي پَون. ملائڪ پنھنجي پالڻھار جي تعريف سان گڏ تسبيح ڪري رهيا آهن ۽ زمين وارن لاءِ بخشش جي دُعا گهري رهيا آهن. خبردار! بيشڪ الله تعالى وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي.
— عبدالسلام ڀُٽووَالَّذِيْنَ اتَّـخَذُوْا مِنْ دُوْنِهٖٓ اَوْلِيَاۗءَ اللّٰهُ حَفِيْــظٌ عَلَيْهِمْ ڮ وَمَآ اَنْتَ عَلَيْهِمْ بِوَكِيْلٍ 6
۽ جن ورتا ان کان سواءِ دوست الله نگهبان آهي انهن تي ۽ ناهين تون انهن تي ذميدار .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ جن الله کانسواءِ ٻيا مددگار ٺهرايا آهن تن تي الله نگاهه رکندڙ آهي ۽ تون انهن جو ذمي وار نه آهين
— مولانا محمد مدنيجن ماڻهن ان کي ڇڏي ٻين کي مددگار بنايو آهي، انهن تي الله تعالى نگاهه رکندڙ آهي. توهان جي مٿان انهن جي ڪابه ذميداري نه آهي.
— عبدالسلام ڀُٽووَكَذٰلِكَ اَوْحَيْنَآ اِلَيْكَ قُرْاٰنًا عَرَبِيًّا لِّتُنْذِرَ اُمَّ الْقُرٰى وَمَنْ حَوْلَهَا وَتُنْذِرَ يَوْمَ الْـجَمْعِ لَا رَيْبَ فِيْهِ ۭ فَرِيْقٌ فِي الْــجَنَّةِ وَفَرِيْقٌ فِي السَّعِيْرِ 7
۽ اهڙي طرح وحي ڪيوسون تو ڏانهن قرآن عربي تانته ڊيڄارين تون مڪہ وارن کي ۽ جيڪي ان جي چوڌاري آهن ۽ ڊيڄارين ڏينهن گڏ ٿيڻ جي کان جو ناهي ڪو شڪ ان ۾ هڪ ٽولي جنت ۾ ۽ ٻي ٽولي جهنم ۾ (هوندي) .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ اهڙي طرح اسان توڏي عربي زبان ۾ قرآن وحي ڪيو ته تون مڪي وارن ۽ ان جي آس پاس وارن کي ڊيڄارين ۽ گڏ ٿيڻ (قيامت) جي ڏينهن کان ڊيڄارين جنهن (جي اچڻ) ۾ ڪو شڪ نه آهي هڪ جماعت جنت ۾ ۽ ٻي جماعت باهه ۾ هوندي.
— مولانا محمد مدنياهڙي طرح اسان توڏي عربي ٻولي ۾ قرآن شريف نازل ڪيو ته جيئن تون مڪي ۽ ان جي پسگردائي وارن کي ڊيڄارين ۽ (کين) ان قيامت واري ڏينھن کان ڊيڄارين جنھن (جي اچڻ) ۾ ڪوبه شڪ نه آهي. (ان ڏينهن) هڪ گروهه جنت ۾ ويندو ته ٻيو گروهه جھنم ۾.
— عبدالسلام ڀُٽووَلَوْ شَاۗءَ اللّٰهُ لَـجَعَلَهُمْ اُمَّةً وَّاحِدَةً وَّلٰكِنْ يُّدْخِلُ مَنْ يَّشَاۗءُ فِيْ رَحْـمَتِهٖ ۭ وَالظّٰلِمُوْنَ مَا لَهُمْ مِّنْ وَّلِيٍّ وَّلَا نَصِيْرٍ 8
۽ جيڪڏهن گھري ها الله ته البته ڪري ها انهن کي امت هڪڙي ۽ پر داخل ڪري ٿو جنهن کي گھري پنهجي رحمت ۾ ۽ ظالم ناهي انهن لاءِ ڪو دوست ۽ نه ڪو مددگار .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ جيڪڏهن الله گهري ها ته انهن کي هڪ جماعت ڪري ها پر جنهن کي گهري ٿو تنهن کي پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪري ٿو.۽ ظالمن جو نه ڪو دوست ۽ نه ڪو مددگار آهي.
— مولانا محمد مدنيجيڪڏهن الله تعالى چاهي ها ته انهن سڀني کي هڪ امت ٺاهي ڇڏي ها پر هُن جي مرضي آهي ته جنھن کي وڻي پنھنجي رحمت ۾ داخل ڪري. ۽ ظالمن جو ڪير به ساٿي ۽ مددگار نه آهي.
— عبدالسلام ڀُٽواَمِ اتَّـخَذُوْا مِنْ دُوْنِهٖٓ اَوْلِيَاۗءَ ۚ فَاللّٰهُ هُوَ الْوَلِيُّ وَهُوَ يُـحْيِ الْمَوْتٰى ۡ وَهُوَ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرٌ 9ۧ
ڇا ورتائون ان کانسواءِ ڪارساز؟ پوءِ الله اهوئي ڪارساز آهي ۽ اهو جيئرو ڪري ٿو مئلن کي ۽ اهو هر شيءِ تي قادر آهي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريڀلا انهن کانسواءِ ٻيا مددگار ٺهرايا آهن ڇا؟ پوءِ الله ئي مددگار آهي ۽ اهو مئلن کي جياري ٿو. ۽ اهو سڀ ڪنهن شئي تي قدرت رکندڙ آهي.
— مولانا محمد مدنياُنهن اُن (اَلله) کي ڇڏي ٻين کي مددگار بنايو آهي. (حالانڪه) مددگار ته الله تعالى آهي. اهو ئي مئلن کي جيئرو ڪري ٿو ۽ هو هر شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي.
— عبدالسلام ڀُٽووَمَا اخْتَلَفْتُمْ فِيْهِ مِنْ شَيْءٍ فَـحُكْـمُهٗ ٓ اِلَى اللّٰهِ ۭ ذٰلِكُمُ اللّٰهُ رَبِّيْ عَلَيْهِ تَوَكَّلْتُ ڰ وَاِلَيْهِ اُنِيْبُ 10
۽ جيڪو اختلاف ڪيو اوهان ان ۾ ڪنهن شيءِ (جي باري) ۾ پوءِ ان جو حڪم الله جي (سپرد) آهي اهو الله منهنجو رب آهي مون ان تي توڪل ڪئي آهي ۽ ان ڏانهن ئي مان موٽان ٿو .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ جنهن به ڳالهه ۾ اوهان اختلاف ڪيو آهي، ان جو فيصلو الله جي حوالي آهي. اهو الله منهنجو پاليندڙ آهي، مٿس مون ڀروسو ڪيو ۽ ان ڏي ئي رجوع ٿيان ٿو.
— مولانا محمد مدني۽ توهان جي هر قسم جي اختلافن جو فيصلو ڪرڻ الله تعالى جي ذمي آهي. اهوئي الله منھنجو پالڻھار آهي. مون ان تي ڀروسو ڪيو ۽ مان ان ڏانھن ئي رجوع ڪريان ٿو.
— عبدالسلام ڀُٽوفَاطِرُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ جَعَلَ لَكُمْ مِّنْ اَنْفُسِكُمْ اَزْوَاجًا وَّمِنَ الْاَنْعَامِ اَزْوَاجًا ۚ يَذْرَؤُكُمْ فِيْهِ ۭ لَيْسَ كَـمِثْلِهٖ شَيْءٌ ۚ وَهُوَ السَّمِيْعُ الْبَصِيْرُ 11
پيدا ڪندڙ آسمانن جو ۽ زمين جو پيدا ڪيائين اوهان جي لاءِ اوهان مان زالون ۽ ڍورن مان جوڙا پکيڙي ٿو اوهان کي ان ۾ ناهي ان جهڙي ڪا شيءِ ۽ اهو ئي ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي.
— مولانا محمد ادريس ڏاھري(اهو ئي) آسمانن ۽ زمين جو پيدا ڪندڙ آهي. اوهان لاءِ اوهان مان جوڙا (زالون) ۽ جانورن مان به جوڙا پيدا ڪيا اٿس. اهڙيءَ طرح ڪرڻ سان اوهان کي پکيڙي ٿو. ان جهڙي ڪا شئي نه آهي. ۽ اهو ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي.
— مولانا محمد مدنيهو آسمانن ۽ زمين جو پيدا ڪندڙ آهي. جنهن توهان جي لاءِ توهان جي پنهنجي جنس مان ئي جوڙا پيدا ڪيا (اهڙي طرح) جانورن جا به جوڙا ٺاهيا. اهڙي طريقي سان توهان کي (زمين تي) ڦھلائي ٿو. (ڪائنات جي) ڪابه شيءِ ان جھڙي نه آهي. هو خوب ٻڌندڙ ۽ خوب ڏسندڙ آهي.
— عبدالسلام ڀُٽولَهٗ مَقَالِيْدُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۚ يَبْسُطُ الرِّزْقَ لِمَنْ يَّشَاۗءُ وَيَقْدِرُ ۭ اِنَّهٗ بِكُلِّ شَيْءٍ عَلِيْمٌ 12
ان جون آهن ڪنجيون آسمانن ۽ زمين جون ڪشادو ڪري ٿو رزق جنهن لاءِ گھري ۽ تنگ ٿو ڪري بيشڪ اهو هر شيءِ ڄاڻندڙ آهي.
— مولانا محمد ادريس ڏاھريآسمانن ۽ زمين جون ڪنجيون ان وٽ ئي آهن. جنهن لاءِ گهري ٿو تنهن جي روزي ڪشادي ڪري ٿو ۽ (جنهن لاءِ گهري ٿو تنهن جي) تنگ ڪري ٿو. بيشڪ اهو سڀ ڪنهن شئي کي ڄاڻندڙ آهي.
— مولانا محمد مدنيآسمانن ۽ زمين جي خزانن جون ڪُنجيون (۽ ڪنٽرول) ان وٽ ئي آهن. هُو جنھن جو چاهي رزق ڪشادو ڪري ۽ جنھن جو چاهي گهٽائي ٿو. بيشڪ هو هر شيءِ کي خوب ڄاڻندڙ آهي.
— عبدالسلام ڀُٽوشَرَعَ لَكُمْ مِّنَ الدِّيْنِ مَا وَصّٰى بِهٖ نُوْحًا وَّالَّذِيْٓ اَوْحَيْنَآ اِلَيْكَ وَمَا وَصَّيْنَا بِهٖٓ اِبْرٰهِيْمَ وَمُوْسٰى وَعِيْسٰٓى اَنْ اَقِيْمُوا الدِّيْنَ وَلَا تَتَفَرَّقُوْا فِيْهِ ۭ كَبُرَ عَلَي الْمُشْرِكِيْنَ مَا تَدْعُوْهُمْ اِلَيْهِ ۭ اَللّٰهُ يَجْتَبِيْٓ اِلَيْهِ مَنْ يَّشَاۗءُ وَيَهْدِيْٓ اِلَيْهِ مَنْ يُّنِيْبُ 13
مقرر ڪيائين اوهان جي لاءِ دين مان اهو جو حڪم ڪيائين ان جو نوح کي ۽ اهو جو وحي ڪيوسون توڏانهن ۽ اهو جو حڪم ڪيوسون ان جو ابراهيم کي ۽ موسى کي ۽ عيسى کي هي ته قائم ڪيو دين کي ۽ نه ٽولا ٽولا ٿيو ان ۾ وڏي ٿي مشرڪن تي اها ڳالهه جو سڏين ٿو انهن کي ان ڏانهن الله برگزيدوبنائي ٿو پاڻ ڏانهن جنهن کي گھري ۽ رهنمائي ٿو ڪري پاڻ ڏانهن ان کي جيڪو موٽي ٿو .
— مولانا محمد ادريس ڏاھرياوهان لاءِ اهو دين مقرر ڪيو اٿس جنهن جو نوح کي حڪم ڪيائين ۽ جيڪو اسان توڏي وحي ڪيو ۽ جنهن جو اسان ابراهيم ۽ موسيٰ ۽ عيسيٰ کي حڪم ڪيو ته دين کي قائم ڪريو ۽ ان ۾ ڌار ڌار نه ٿيو. (اي پيغمبر! الله سان) شريڪ ٺهرائيندڙن کي اها (ڳالهه) ڏکي لڳي ٿي جنهن ڏي تون کين سڏين ٿو. الله جنهن کي گهري ٿو تنهن کي پاڻ ڏي ڇڪي ٿو ۽ جيڪو رجوع ٿئي ٿو تنهن کي پاڻ ڏي رستو ڏيکاري ٿو.
— مولانا محمد مدنيهُن توهان جي لاءِ دين جو اهوئي طريقو مقرر ڪيو آهي جنھن جو حڪم نوح ($) کي ڏنو هو ۽ هاڻي جيڪو اسان توڏي به وحي ڪيو آهي ۽ جنھن جو حڪم اسان ابراهيم، موسى ۽ عيسى (ؓ) کي به ڏئي چڪا آهيون ته دين کي مضبوط ۽ قائم رکو، ان ۾ ڪنھن به قسم جو اختلاف پيدا نه ڪريو. تون مشرڪن کي جنھن شيءِ ڏانھن سڏين ٿو، انهن ماڻهن کي اهائي ڳالهه ته ڏکي لڳي ٿي. الله تعالى جنھن کي چاهي پنھنجي قربت (۽ ويجهڙائپ) ۾ وٺندو آهي ۽ جيڪو ماڻهو ان ڏانهن رجوع ڪندو آهي، ان کي ئي سڌو رستو ڏيکاريندو آهي.
— عبدالسلام ڀُٽووَمَا تَفَرَّقُوْٓا اِلَّا مِنْۢ بَعْدِ مَا جَاۗءَهُمُ الْعِلْمُ بَغْيًۢا بَيْنَهُمْ ۭ وَلَوْلَا كَلِمَةٌ سَبَقَتْ مِنْ رَّبِّكَ اِلٰٓى اَجَلٍ مُّسَمًّي لَّقُضِيَ بَيْنَهُمْ ۭ وَاِنَّ الَّذِيْنَ اُوْرِثُوا الْكِتٰبَ مِنْۢ بَعْدِهِمْ لَفِيْ شَكٍّ مِّنْهُ مُرِيْبٍ 14
۽ نه ٽولا ٽولا ٿيا مگر ان کان بعد جو آيو انهن وٽ علم بغاوت ڪرڻ جي ڪري پاڻ ۾ ۽ جيڪڏهن نه هجي ها فرمان جيڪو اڳي ٿيو تنهنجي رب وٽان مدي مقرر ڪيل تائين ته البته فيصلو ڪيو وڃي ها انهن ۾ ۽ بيشڪ جيڪي وارث ڪيا ويا ڪتاب جا انهن کان پوءِ البته شڪ ۾ آهن ان کان ڌوڪي ۾ وجھندڙ.
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ (اُمتون) رڳو وٽن علم اچڻ کانپوءِ پاڻ ۾ ضد جي ڪري ڌار ڌار ٿيون. ۽ (اي پيغمبرﷺ !) جيڪڏهن تنهنجي پاليندڙ کان مقرر مُدت تائين (مهلت ڏيڻ جو) حڪم اڳي نه ٿئي ها ته سندن وچ ۾ (هاڻي ئي) فيصلو ٿي وڃي ها ۽ بيشڪ جن کي انهن (پيغمبرن) کانپوءِ ڪتاب جو وارث ڪيو ويو تن کي ان (دين) ۾ وڏو شڪ آهي.
— مولانا محمد مدني۽ ماڻهن علم اچڻ کان پوءِ ئي پاڻ ۾ ضد ۽ بحث ڪري فرقي بازي پيدا ڪئي. جيڪڏهن تنھنجي پالڻھار جي طرفان مقرر مدت تائين مھلت جو حڪم جاري ٿيل نه هجي ها ته ضرور انهن جي وچ ۾ ڪڏهو ڪو فيصلو ٿي چڪو هجي ها. بيشڪ جن ماڻهن کي پيغمبر سڳورن کان پوءِ ڪتاب جو وارث بنايو ويو، اهي ئي دين جي معاملي ۾ وڏي شڪ ۾ پيل آهن.
— عبدالسلام ڀُٽوفَلِذٰلِكَ فَادْعُ ۚ وَاسْتَقِمْ كَـمَآ اُمِرْتَ ۚ وَلَا تَتَّبِـعْ اَهْوَاۗءَهُمْ ۭ وَقُلْ اٰمَنْتُ بِـمَآ اَنْزَلَ اللّٰهُ مِنْ كِتٰبٍ ۚ وَاُمِرْتُ لِاَعْدِلَ بَيْنَكُمْ ۭ اَللّٰهُ رَبُّنَا وَرَبُّكُمْ ۭ لَنَآ اَعْـمَالُنَا وَلَكُمْ اَعْـمَالُكُمْ ۭ لَا حُـجَّةَ بَيْنَنَا وَبَيْنَكُمْ ۭ اَللّٰهُ يَجْمَعُ بَيْنَنَا ۚ وَاِلَيْهِ الْمَصِيْرُ ۭ15
پوءِ ان جي لاءِ پوءِ سڏ ۽ استقامت ڪر جيئن امر ڪيو ويو آهين ۽ نه تا بعداري ڪر انهن جي سڌن جي ۽ چئو ته ايمان آندو مون ان تي جيڪو نازل ڪيو الله ڪتاب ۽ امر ڪيو ويس مان تانته عدل ڪيان اوهان ۾ الله اسان جو رب آهي ۽ اوهان جو رب آهي اسان جي لاءِ اسان جا عمل آهن ۽ اوهان جي لاءِ اوهان جا عمل آهن ناهي حجت اسان ۾ ۽ اوهان ۾ الله گڏ ڪندو اسان کي ۽ ان ڏينهن ئي موٽڻ آهي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريپوءِ (اي پيغمبر !) تون ان (دين) ڏي ئي سڏ ۽ (ان تي) قائم رهه جيئن توکي حڪم ڪيو ويوآهي ۽ انهن جي خواهشن جي تابعداري نه ڪر ۽ چؤ ته جيڪو به ڪتاب الله نازل ڪيو تنهن تي مون ايمان آندو. ۽ مون کي حڪم ڪيو ويو آهي ته اوهان جي وچ ۾ انصاف ڪريان. الله اسان جو پاليندڙ ۽ اوهان جو پاليندڙ آهي اسان جا ڪم اسان لاءِ آهن ۽ اوهان جا ڪم اوهان لاءِ آهن. اسان جي وچ ۾ ۽ اوهان جي وچ ۾ ڪو جهڳڙو نه آهي. الله اسان سڀني کي گڏ ڪندو. ۽ ان ڏي ئي موٽڻو آهي.
— مولانا محمد مدنيسو (اي نبيﷺ!) ماڻهن کي ان دين ڏي سڏ ۽ توکي جيڪو حڪم ڏنو وڃي ان مطابق ئي دين تي مضبوطيءَ سان ڄمي بيهه. انهن ماڻهن جي مرضيءَ جي پويان نه هَل ۽ چؤ ته الله تعالى جيڪو ڪجهه نازل ڪيو آهي مون ان تي ايمان آندو. مون کي اوهان جي وچ ۾ انصاف ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. الله تعالى ئي اسان جو ۽ توهان جو پالڻھار آهي. اسان جا عمل اسان سان ۽ توهان جا عمل توهان سان آهن. توهان سان، اسان جي ۽ توهان جي وچ ۾ ڪوبه جهڳڙو نه آهي. الله تعالى اسان سڀني کي هڪ هنڌ گڏ ڪندو ۽ ان ڏي ئي سڀني کي موٽڻو آهي.
— عبدالسلام ڀُٽووَالَّذِيْنَ يُحَاۗجُّوْنَ فِي اللّٰهِ مِنْۢ بَعْدِ مَا اسْتُجِيْبَ لَهٗ حُـجَّــتُهُمْ دَاحِضَةٌ عِنْدَ رَبِّهِمْ وَعَلَيْهِمْ غَضَبٌ وَّلَهُمْ عَذَابٌ شَدِيْدٌ 16
۽ اهي ٻانها جيڪي جھڳڙو ڪن ٿا الله ( جي باري) ۾ ان کان پوءِ جو قبول ڪيو ويو ان جي لاءِ حجت انهن جي باطل آهي انهن جي رب وٽ ۽ انهن تي غضب آهي ۽ انهن جي لاءِ عذاب سخت آهي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ جيڪي الله (جي دين) ۾ جهڳڙو ڪن ٿا هن کانپوءِ جو ان کي قبول ڪيو ويو آهي تن جي حجت سندن پاليندڙ وٽ ڪوڙي آهي، ۽ مٿن غضب آهي ۽ انهن لاءِ سخت عذاب آهي.
— مولانا محمد مدني(حقيقت هي آهي ته) دين کي قبول ڪرڻ کان پوءِ جيڪي ماڻهو الله تعالى جي دين ۾ جهڳڙو ڪن ٿا تن جو اهو جهڳڙو ڪرڻ پنھنجي پالڻھار جي نظر ۾ غلط آهي. انهن جي مٿان (الله تعالى جو) غضب آهي ۽ انهن لاءِ سخت عذاب آهي.
— عبدالسلام ڀُٽواَللّٰهُ الَّذِيْٓ اَنْزَلَ الْكِتٰبَ بِالْـحَقِّ وَالْمِيْزَانَ ۭ وَمَا يُدْرِيْكَ لَعَلَّ السَّاعَةَ قَرِيْبٌ 17
الله اهو آهي جنهن نازل فرمايوڪتاب حق سان ۽ ساهمي ۽ ڪير ڄاڻائي ٿو توکي ته شايد قيامت ويجھي آهي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريالله ئي ته آهي جنهن سچو ڪتاب ۽ (انصاف جي) ترازي لاٿي. ۽ توکي ڪهڙي خبر ته متان اها گهڙي ويجهي هجي.
— مولانا محمد مدنياهو الله تعالى ئي آهي جنھن ڪتاب ۽ انصاف (يعني شريعت) کي برحق نازل ڪيو آهي. توهان کي ڪهڙي خبر ته شايد قيامت ويجهو ئي پھتي هجي؟
— عبدالسلام ڀُٽويَسْتَعْجِلُ بِهَا الَّذِيْنَ لَا يُؤْمِنُوْنَ بِهَا ۚ وَالَّذِيْنَ اٰمَنُوْا مُشْفِقُوْنَ مِنْهَا ۙ وَيَعْلَمُوْنَ اَنَّهَا الْـحَقُّ ۭ اَلَآ اِنَّ الَّذِيْنَ يُـمَارُوْنَ فِي السَّاعَةِ لَفِيْ ضَلٰلٍۢ بَعِيْدٍ 18
تڪڙو گھرن ٿا اها اهي جيڪي ايمان نه ٿا آڻين ان تي ۽ جن ايمان آندو ڊڄندڙ آهن ان کان ۽ ڄاڻن ٿا ته بلاشڪ اها حق آهي خبردار بيشڪ اهي شخص جيڪي شڪ ڪن ٿا قيامت ۾ البته گمراهيءَ پرانهيءَ ۾ آهن.
— مولانا محمد ادريس ڏاھريجيڪي ان گهڙيءَ کي نه ٿا مڃين سي ان جي جلد اچڻ جي گهر ڪن ٿا. ۽ جيڪي مڃين ٿا سي ان کان ڊڄندڙ آهن، ۽ ڄاڻن ٿا ته اها حق آهي. خبردار! جيڪي ان گهڙيءَ (جي اچڻ) ۾ جهڳڙو ڪن ٿا سي وڏي گمراهيءَ ۾ آهن.
— مولانا محمد مدنيجيڪي ماڻهو (قيامت) کي مڃين ئي نٿا اُهي ئي ان جي اچڻ لاءِ جلدي مچائين ٿا. باقي جيڪي ماڻهو ان کي مڃين ٿا اهي ته ان کان ڊڄن ٿا، ڇاڪاڻ جو انهن کي خبر آهي ته ان جو اچڻ برحق آهي. خبردار! بيشڪ جيڪي ماڻهو قيامت جي اچڻ کي شڪ جي نگاهه سان ڏسن ٿا سي ئي وڏي گمراهيءَ ۾ پيل آهن.
— عبدالسلام ڀُٽواَللّٰهُ لَطِيْفٌۢ بِعِبَادِهٖ يَرْزُقُ مَنْ يَّشَاۗءُ ۚ وَهُوَ الْقَوِيُّ الْعَزِيْزُ ۧ19
الله مهربان آهي پنهجن ٻانهن مان رزق ڏئي ٿو جنهن کي گھري ۽ اهوئي سگھارو غالب آهي. ع
— مولانا محمد ادريس ڏاھريالله پنهنجن ٻانهن تي مهربان آهي جنهن کي گهري ٿو تنهن کي روزي ڏي ٿو. ۽ اهو ئي طاقت وارو (۽) زبردست آهي.
— مولانا محمد مدنيالله تعالى پنھنجي ٻانهن تي وڏو نرمي ڪندڙ آهي. هو جنھن کي گُهري روزي ڏيندو آهي ۽ اهوئي زبردست طاقت وارو آهي.
— عبدالسلام ڀُٽومَنْ كَانَ يُرِيْدُ حَرْثَ الْاٰخِرَةِ نَزِدْ لَهٗ فِيْ حَرْثِهٖ ۚ وَمَنْ كَانَ يُرِيْدُ حَرْثَ الدُّنْيَا نُؤْتِهٖ مِنْهَا وَمَا لَهٗ فِي الْاٰخِرَةِ مِنْ نَّصِيْبٍ 20
جيڪو ارادو ڪري ٿو آخرت جي پوک جو ته واڌارو ڪنداسون ان لاءِ ان جي پوک ۾ ۽ جيڪو ارادو ڪندو دنيا جي پوک جو ته ڏينداسون ان کي ان مان ۽ ناهي ان لاءِ آخرت ۾ ڪو حصو .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريجيڪو آخرت جي کيتي گهري ٿو تنهن لاءِسندس کيتيءَ ۾ واڌارو ڪريون ٿا ۽ جيڪو دنيا جي کيتي گهري ٿو تنهن کي ان مان ڪجهه ڏيون ٿا، ۽ ان لاءِ آخرت ۾ ڪو حصو نه آهي.
— مولانا محمد مدنيجيڪو ماڻهو آخرت جي پوک چاهيندو آهي ته ان لاءِ اُهائي پوک وڌائيندا آهيون ۽ جيڪو دنيا جي پوک چاهيندو آهي ته ان کي ان مان ئي ڪجهه حصو ڏيندا آهيون پر آخرت ۾ ان جو ڪوبه حصو نه هوندو آهي.
— عبدالسلام ڀُٽو