034 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 54 آيتون ۽ 6 رڪوع آھن
اَلْـحَمْدُ لِلّٰهِ الَّذِيْ لَهٗ مَا فِي السَّمٰوٰتِ وَمَا فِي الْاَرْضِ وَلَهُ الْـحَمْدُ فِي الْاٰخِرَةِ ۭ وَهُوَ الْحَكِيْمُ الْخَبِيْرُ 1
سڀ ساراھ ان الله جي لاءِ (ثابت) آهي جنهن جي ملڪيت آهي جيڪو ڪجھ آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪو ڪجھ زمين ۾ آهي ۽ ان جي لاءِ ئي حمد آهي آخرت ۾ ۽ اهو ئي حڪمت وارو خبر رکندڙ آهي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريسڀ تعريفون ان الله لاءِ آهن جو جيڪي آسمانن ۾ ۽ جيڪي زمين ۾ آهي سو سندس آهي. ۽ ان جي ئي آخرت ۾ تعريف آهي ۽ اهو حڪمت وارو خبر رکندڙ آهي.
— مولانا محمد مدنيسڀ تعريفون الله تعالى جي لاءِ ئي آهن جيڪو آسمانن ۽ زمين جي هر هڪ شيءِ جو مالڪ آهي، آخرت ۾ به سندس ئي تعريفون هونديون. هو وڏي حڪمت وارو ۽ خبر رکندڙ آهي.
— عبدالسلام ڀُٽويَعْلَمُ مَا يَـلِجُ فِي الْاَرْضِ وَمَا يَخْرُجُ مِنْهَا وَمَا يَنْزِلُ مِنَ السَّمَاۗءِ وَمَا يَعْرُجُ فِيْهَا ۭ وَهُوَ الرَّحِيْمُ الْغَفُوْرُ 2
ڄاڻي ٿو اهو جيڪو داخل ٿئي ٿو زمين ۾ ۽ جيڪو نڪري ٿو ان مان ۽ جيڪو نازل ٿئي ٿو آسمان مان ۽ جيڪو چڙهي ٿو ان ۾ ۽ اهو ئي مهربان بخشڻهار آهي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريجيڪي زمين ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ جيڪي ان مان نڪري ٿو ۽ جيڪي آسمان مان لهي ٿو ۽ جيڪي ان ۾ چڙهي ٿو تنهن کي ڄاڻي ٿو ۽ اهو نهايت رحم وارو معاف ڪندڙ آهي.
— مولانا محمد مدنيهن کي سڀ خبر آهي ته زمين جي اندر ڪهڙي شيءِ داخل ٿئي ٿي ۽ (وري) ان مان ڪهڙي شيءِ ٻاهر نڪري ٿي، آسمانن مان ڪهڙي شيءِ (هيٺ) نازل ٿئي ٿي ۽ (وري) آسمان ڏي ڪهڙي شيءِ مٿي چڙهي ٿي ۽ هو وڏو رحم ڪندڙ ۽ وڏو معاف ڪندڙ آهي.
— عبدالسلام ڀُٽووَقَالَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا لَا تَاْتِيْنَا السَّاعَةُ ۭ قُلْ بَلٰى وَرَبِّيْ لَتَاْتِيَنَّكُمْ ۙ عٰلِمِ الْغَيْبِ ۚ لَا يَعْزُبُ عَنْهُ مِثْـقَالُ ذَرَّةٍ فِي السَّمٰوٰتِ وَلَا فِي الْاَرْضِ وَلَآ اَصْغَرُ مِنْ ذٰلِكَ وَلَآ اَكْبَرُ اِلَّا فِيْ كِتٰبٍ مُّبِيْنٍ ڎڎ 3
۽ چيو انهن جن ڪفر ڪيو ته نه ايندي اسان وٽ قيامت فرماءِ ته هائو قسم آهي منهنجي رب جو ته البته ضرور ايندي اوهان وٽ غيب ڄاڻندڙ نه ٿو ڳجهو ٿئي ان کان وزن ذري جو آسمانن ۾ ۽ نه زمين ۾ ۽ نه ننڍي (ڪا شيءِ) ان کان ۽ نه وڏي مگر ڪتاب روشن ۾ آهي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ ڪافر چون ٿا ته اها گهڙي اسان تي نه ايندي. چئو ته ائين نه آهي مون کي پنهنجي پاليندڙ جو قسم آهي ته اها ضرور اوهان تي ايندي (ان پاليندڙ جو قسم) جيڪو ڳجهه کي ڄاڻندڙ آهي جنهن کان ذري جيترو نڪي آسمانن ۾ ۽ نڪي زمين ۾ ڳجهو رهي ٿو ۽ نه ذري کان تمام ننڍي ۽ نه تمام وڏي شيءِ آهي پر اها ظاهر ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ (لکيل) آهي
— مولانا محمد مدنيڪافر چون ٿا ته اسان جي مٿان قيامت نه ايندي. (کين) چؤ ته آخر ڇو نه ايندي؟ مون کي پنھنجي پالڻھار ۽ ڳجهه جي ڄاڻيندڙ جو قسم! ته اها توهان جي مٿان ضرور ايندي، ان (پالڻهار) کان ته آسمانن ۽ زمين جي ذري جيتري به شيءِ لڪيل نه آهي، چاهي اها شيءِ ذري کان به ننڍي ڇو نه هجي يا ذري کان وڏي به ڇو نه هجي. (اهي) سڀ هڪ پڌري ڪتاب ۾ لکيل آهن.
— عبدالسلام ڀُٽولِّيَجْزِيَ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ ۭ اُولٰۗىِٕكَ لَهُمْ مَّغْفِرَةٌ وَّرِزْقٌ كَرِيْمٌ 4
تانته بدلو ڏئي انهن کي جن ايمان آندو ۽ ڪيائون صالح عمل اهي انهن جي لاءِ بخشش ۽ رزق ڀلو آهي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريهن لاءِ ته جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي بدلو ڏئي. انهن لاءِ ئي معافي ۽ عزت واري روزي آهي.
— مولانا محمد مدني(قيامت جي اچڻ جو مقصد هي آهي ته) جيئن هو (پالڻھار) انهن ماڻهن کي بدلو ڏي جن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا. اهڙن سڀني ماڻهن لاءِ بخشش به آهي ته عزت واري روزي به آهي.
— عبدالسلام ڀُٽووَالَّذِيْنَ سَعَوْ فِيْٓ اٰيٰتِنَا مُعٰجِزِيْنَ اُولٰۗىِٕكَ لَهُمْ عَذَابٌ مِّنْ رِّجْزٍ اَلِــيْمٌ 5
۽ جيڪي ڊوڙيا اسان جي آيتن جو مقابلو ڪندڙ اهي انهن جي لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب جي سزا آهي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ جن اسان جي آيتن (جي مقابلي) ۾ (اسان کي) عاجز ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪئي تن لاءِ ئي دردناڪ عذاب جي سزا آهي
— مولانا محمد مدني۽ جيڪي ماڻهو اسان جي آيتن کي بي وس ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، انهن سڀني لاءِ دردناڪ عذاب آهي.
— عبدالسلام ڀُٽووَيَرَى الَّذِيْنَ اُوْتُوا الْعِلْمَ الَّذِيْٓ اُنْزِلَ اِلَيْكَ مِنْ رَّبِّكَ هُوَ الْــحَقَّ ۙ وَيَهْدِيْٓ اِلٰى صِرَاطِ الْعَزِيْزِ الْـحَمِيْدِ 6
۽ سمجهن ٿا اهي شخص جيڪي ڏنا ويا علم ته جيڪو نازل ڪيو ويو توڏانهن تنهنجي رب جي طرفان اهو حق آهي ۽ هدايت ڪري ٿو غالب، ساراھ ڪيل (الله) جي واٽ ڏانهن .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ (اي پيغمبرﷺ!) جن کي علم ڏنو ويو آهي سي سمجهن ٿا ته جيڪي تو ڏي تنهنجي پاليندڙ جي طرفان نازل ڪيو ويو آهي سو حق آهي ۽ زبردست (۽) ساراهيل (الله) جو رستو ڏيکاري ٿو.
— مولانا محمد مدني(اي نبيﷺ!) جن ماڻهن کي علم ڏنو ويو آهي سي سڀ خوب ڄاڻن ٿا ته هي (قرآن) بلڪل برحق آهي جيڪو تنھنجي مٿان نازل ڪيو ويو آهي سو زبردست تعريف جي لائق (پالڻھار) جو رستو ڏيکاري ٿو.
— عبدالسلام ڀُٽووَقَالَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا هَلْ نَدُلُّكُمْ عَلٰي رَجُلٍ يُّنَبِّئُكُمْ اِذَا مُزِّقْتُمْ كُلَّ مُـمَزَّقٍ ۙ اِنَّكُمْ لَفِيْ خَلْقٍ جَدِيْدٍ 7ۚ
۽ چيو انهن جن ڪفر ڪيو ته ڇا ڏس ڏيون اوهان کي اهڙي مڙس جو جيڪو خبر ڏئي ٿو اوهان کي ته جڏهن ذرا ذرا ڪيا ويندؤ هر طرح ذرا ڪرڻ ته بيشڪ اوهان البته نئين پيدائش ۾ (ايندؤ) .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ ڪافر (هڪ ٻئي کي) چون ٿا ته ڇا اسين اوهان کي اهڙو مرد ڏسيون جو اوهان کي ٻڌائيندو ته جڏهن اوهين بالڪل ذرا ٿي ويندو تڏهن اوهان کي نئين سر بنايو ويندو.
— مولانا محمد مدنيڪافر هڪ ٻئي کي چون ٿا ته (اچو) اسان توهان کي هڪ اهڙي شخص جو ڏس ڏيون جيڪو هڪ (عجيب) خبر ٻڌائي ٿو ته جڏهن توهان مري ڳري ذرا ذرا ٿي ويندا ته توهان کي وري نئين سر پيدا ڪيو ويندو.
— عبدالسلام ڀُٽواَفْتَرٰى عَلَي اللّٰهِ كَذِبًا اَمْ بِهٖ جِنَّةٌ ۭ بَلِ الَّذِيْنَ لَا يُؤْمِنُوْنَ بِالْاٰخِرَةِ فِي الْعَذَابِ وَالضَّلٰلِ الْبَعِيْدِ 8
ڇا بهتان هنيائين الله تي ڪوڙو يا ان ۾ چريائپ آهي؟ بلڪه جيڪي نه ٿا ايمان آڻين آخرت تي، عذاب ۽ پرانهين گمراهيءَ ۾ آهن .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريڇا الله تي ڪوڙ ٺاهيو اٿس؟ يا ان کي ڪو سوداءُ آهي؟ (ائين نه آهي) پر جيڪي آخرت تي ايمان نه ٿا آڻين سي عذاب ۽ وڏي گمراهيءَ ۾ آهن.
— مولانا محمد مدنيلڳي ايئن ٿو ته هو الله تعالى تي ڪوڙ هڻي ٿو يا وري مٿس ڪو چريائپ جو دورو آهي (اِيئن هرگز نه آهي) بلڪه جيڪي ماڻهو آخرت تي ايمان نٿا آڻين سي عذاب ۾ هوندا ۽ اهي ئي ماڻهو (دنيا ۾) گمراهي ۾ پيل آهن.
— عبدالسلام ڀُٽواَفَلَمْ يَرَوْا اِلٰى مَا بَيْنَ اَيْدِيْهِمْ وَمَا خَلْفَهُمْ مِّنَ السَّمَاۗءِ وَالْاَرْضِ ۭ اِنْ نَّشَاْ نَخْسِفْ بِهِمُ الْاَرْضَ اَوْ نُسْقِطْ عَلَيْهِمْ كِسَفًا مِّنَ السَّمَاۗءِ ۭ اِنَّ فِيْ ذٰلِكَ لَاٰيَةً لِّكُلِّ عَبْدٍ مُّنِيْبٍ 9ۧ
ڇا پوءِ نه ڏٺائون ان ڏانهن جيڪو سندن اڳيان آهي ۽ جيڪو سندن پويان آهي آسمان ۽ زمين مان جيڪڏهن گهرنداسون ته ڳهرائينداسون انهن کي زمين ۾ يا ڪيرائينداسون انهن تي ٽڪرو آسمان مان بيشڪ ان ۾ البته نشاني آهي هر ٻانهي رجوع ڪندڙ جي لاءِ .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريپوءِ جيڪو آسمان ۽ زمين سندن اڳيان ۽ سندن پويان آهي تنهن ڏي نه ڏٺو اٿن ڇا؟ ته جيڪڏهن گهرون ته انهن کي زمين ۾ ڳهائي ڇڏيون يا آسمان جا ڪي ٽڪرا مٿن ڪيرايون. بيشڪ ان ۾ سڀ ڪنهن رجوع ڪندڙ ٻانهي لاءِ (وڏي) نشاني آهي.
— مولانا محمد مدنيڇا هي ماڻهو نٿا ڏسن ته سندن اڳيان ۽ پويان آسمان ۽ زمين گهيرو ڪري بيٺا آهن. جيڪڏهن اسان چاهيون ته کين زمين ۾ ڳھائي ڇڏيون يا مٿن آسمان جا ٽڪرا ڪيرائي ڇڏيون. بيشڪ انهن ڳالهين ۾ گهري نظر رکندڙ ٻانهي لاءِ وڏي نشاني آهي.
— عبدالسلام ڀُٽووَلَقَدْ اٰتَيْنَا دَاوٗدَ مِنَّا فَضْلًا ۭ يٰجِبَالُ اَوِّبِيْ مَعَهٗ وَالطَّيْرَ ۚ وَاَلَنَّا لَهُ الْحَدِيْدَ ۙ10
۽ البته تحقيق ڏني سون داؤد کي پاڻ وٽان ڀلائي اي جبلؤ! سهڻي نموني تسبيح پڙهو ان سان گڏ ۽ پکين کي (ان جو فرمانبردار ڪيوسون) ۽ نرم ڪيوسون ان لاءِ لوھ .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ بيشڪ اسان دائود کي پنهنجي طرفان بزرگي ڏني (۽ حڪم ڪيوسون ته) اي جبلو ۽ پکيو! ان سان گڏ مٺي آواز سان پڙهو ۽ ان لاءِ لوهه کي نرم ڪيوسون.
— مولانا محمد مدنياسان دائود ($) کي پنھنجي خاص فضل سان نوازيو هو (۽ اسان حڪم ڏنو ته) اي جبلو ۽ پکيو! توهان سڀ هُن سان گڏ (الله تعالى جي تسبيح) بيان ڪريو ۽ اسان ان لاءِ لوهه کي نرم ڪيو.
— عبدالسلام ڀُٽواَنِ اعْمَلْ سٰبِغٰتٍ وَّقَدِّرْ فِي السَّرْدِ وَاعْمَلُوْا صَالِـحًا ۭ اِنِّىْ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ بَصِيْرٌ 11
(ان کي حڪم ڪيوسون) ته ٺاھ ويڪريون زرهون ۽ اندازو رک ڪڙيون ٺاهڻ ۾ ۽ ڪيو ڀلا ڪم بلاشڪ مان جيڪي ڪيو ٿا ڏسندڙ آهيان .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري(۽ انکي) چيوسون ته ڊگهيون زرهون بناءِ ۽ ڪڙين بنائڻ ۾ اندازي جو خيال رک ۽ (اي دائود جي اولاد! شڪر گذار ٿيءُ) اوهين چڱو ڪم ڪريو. بيشڪ جيڪي ڪريو ٿا سو آءُ ڏسندڙ آهيان.
— مولانا محمد مدنيته جيئن ان مان وڏيون وڏيون زرهون ٺاهي ۽ انهن زرهن ۾ لڳندڙ ڪڙين جو هڪ قالب (يعني سانچو ) ٺاهي. (اي دائود جو اولاد!) توهان نيڪ عمل ڪندا رهو، توهان جيڪو به عمل ڪريو ٿا، بيشڪ اهو سڀ منهنجي نظر ۾ آهي.
— عبدالسلام ڀُٽووَلِسُلَيْمٰنَ الرِّيْحَ غُدُوُّهَا شَهْرٌ وَّ رَوَاحُهَا شَهْرٌ ۚ وَاَسَلْنَا لَهٗ عَيْنَ الْقِطْرِ ۭ وَمِنَ الْجِنِّ مَنْ يَّعْمَلُ بَيْنَ يَدَيْهِ بِاِذْنِ رَبِّهٖ ۭ وَمَنْ يَّزِغْ مِنْهُمْ عَنْ اَمْرِنَا نُذِقْهُ مِنْ عَذَابِ السَّعِيْرِ 12
۽ سليمان جي لاءِ واء (مطيع ڪيوسون) صبح ان جي مهينو آهي ۽ شام ان جي مهينو آهي ۽ وهايوسون ان جي لاءِ چشمو پگهريل ٽامي جو ۽ جنن مان اهي به هئا جيڪي ڪم ڪن پيا ان جي اڳيان سندس رب جي اذن سان ۽ جيڪو بي فرماني ڪندو انهن مان اسان جي امر کان ته چکائينداسون ان کي عذاب ڀڙڪندڙ باھ جو .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ سليمان لاءِ واه کي (تابعدار ڪيوسون) ان جو صبح جو گشت هڪ مهيني جو پنڌ ۽ ان جو شام جو گشت هڪ مهيني جو پنڌ هو ۽ ان لاءِ اسان پگهاريل ٽامي جو چشمو وهايو ۽ جنن مان اهڙن کي (سندس تابع ڪيوسون) جيڪي ان جي اڳيان سندس پاليندڙ جي حڪم سان ڪم ڪندا هئا ۽ (اسان چيو هو ته) جيڪو انهن مان اسان جي حڪم کان ڦرندو تنهن کي باهه جي عذاب جو مزو چکائينداسون.
— مولانا محمد مدني۽ سليمان ($) جي لاءِ هوا کي تابع ڪيوسين. صبح جي وقت ان جو هلڻ هڪ مھيني پنڌ هلڻ جي برابر ۽ شام جي وقت ان جو هلڻ هڪ مھيني پنڌ هلڻ جي برابر هو. (يعني هاڻي سندس ٻه مهينا پنڌ هلڻ وارو سفر هوا جي ڪري صبح کان شام تائين مڪمل ٿي ويندو هو). اسان ان جي لاءِ (زمين مان) پگهريل ٽامي جا چشما ڪڍيا ۽ جِنّن مان ڪجهه جنّ به سندس تابع ڪري ڏنا، جيڪي پنھنجي پالڻھار جي حڪم سان (سليمان$جي) ڪم ۾ لڳا پيا هوندا هئا ۽ انهن مان جيڪو به اسان جي حڪم جي خلاف ورزي ڪندو هو ته کيس ڀڙڪندڙ باهه جو عذاب چکائيندا هئاسون.
— عبدالسلام ڀُٽويَعْمَلُوْنَ لَهٗ مَا يَشَاۗءُ مِنْ مَّحَارِيْبَ وَتَمَاثِيْلَ وَجِفَانٍ كَالْجَــوَابِ وَقُدُوْرٍ رّٰسِيٰتٍ ۭ اِعْمَلُوْٓا اٰلَ دَاوٗدَ شُكْرًا ۭ وَقَلِيْلٌ مِّنْ عِبَادِيَ الشَّكُوْرُ 13
ٺاهين پيا ان جي لاءِ جيڪي گهري پيو پڪيون جايون ۽ مورتون ۽ پيالا حوضن جيڏا ۽ نه چرندڙ ديڳيون اي داؤد جا اولاد شڪر ڪيو ۽ ٿورا آهن منهنجي ٻانهن مان شڪر ادا ڪندڙ .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريجيڪي گهرندو هو سو ان لاءِ بنائيندا هئا. جيئن محلات ۽ تصويرون ۽ حوضن جيڏا ٿالهه ۽ هڪ هنڌ رهڻ واريون ديڳيون. اي دائود جي اولاد! شڪر گذار ٿي ڪم ڪريو. ۽ منهنجن ٻانهن مان شڪر گذار ٿورا آهن.
— مولانا محمد مدنيپوءِ (سليمان$ ) جيڪا شيءِ ٺاهڻ چاهيندو هو ته هي جِنَّ ان شيءِ جي ٺاهڻ ۾ لڳي ويندا هئا. جيئن وڏا محل،تصويرون، وڏن وڏن حوضن جھڙا ٽبَ ۽ ٿالهه (يعني هاڏر) ۽ وڏيون وڏيون ديڳيون جيڪي پنھنجي جاءِ تان نه هٽائي سگهبيون هيون. اي دائود جو اولاد! توهان شڪر گذار ٻانهن وانگر عمل ڪريو، منھنجا ٿورڙا ئي ٻانها شڪر ادا ڪندا آهن.
— عبدالسلام ڀُٽوفَلَمَّا قَضَيْنَا عَلَيْهِ الْمَوْتَ مَا دَلَّهُمْ عَلٰي مَوْتِهٖٓ اِلَّا دَاۗبَّةُ الْاَرْضِ تَاْكُلُ مِنْسَاَتَهٗ ۚ فَلَمَّا خَرَّ تَبَيَّنَتِ الْجِنُّ اَنْ لَّوْ كَانُوْا يَعْلَمُوْنَ الْغَيْبَ مَا لَبِثُوْا فِي الْعَذَابِ الْمُهِيْنِ ۭ14
پوءِ جڏهن حڪم ڪيو اسان ان تي موت جو ته نه ڏس ڏنو انهن کي ان جي موت تي مگر اڏيهي کائي پئي ان جي لٺ کي پوءِ جڏهن ڪري پيو ته ظاهر ٿيو جنن تي ته جيڪڏهن غيب ڄاڻن ها ته نه گهڻو وقت رهن ها عذاب خوار ڪندڙ ۾ .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريپوءِ جڏهن مٿس موت جو حڪم ڪيوسون ته سندس موت جي خبر انهن (جنن) کي اڏوهيءَ کان سواءِ ٻي ڪنهن نه ڏني جنهن سندس لٺ کي کاڌو ٿي، پوءِ جڏهن ڪريو تڏهن جنن کي معلوم ٿيو ته جيڪڏهن اهي غيب ڄاڻن ها ته خوار ڪندڙ عذاب ۾ نه رهن ها.
— مولانا محمد مدنيپوءِ جڏهن اسان مٿس موت جو حڪم جاري ڪيو ته هنن (جنن) کي زمين جي هڪڙي جيت (يعني اڏوهي) کان سواءِ ٻئي ڪنهن به خبر نه ڏني. هو جيت سندس لٺ کي آهستي آهستي کائيندو رهيو جڏهن هو هيٺ ڪري پيو ته پوءِ جِنن تي اهو راز کليو. (ته سليمان $ وفات ڪري چڪو آهي).جيڪڏهن کين واقعي غيب (يعني ڳجهه) جي خبر هجي ها ته هو اهڙي ذلت واري عذاب کي وڌيڪ نه ڀوڳين ها.
— عبدالسلام ڀُٽولَقَدْ كَانَ لِسَـبَاٍ فِيْ مَسْكَنِهِمْ اٰيَةٌ ۚ جَنَّتٰنِ عَنْ يَّـمِيْنٍ وَّ شِمَالٍ ڛ كُلُوْا مِنْ رِّزْقِ رَبِّكُمْ وَاشْكُرُوْا لَهٗ ۭ بَلْدَةٌ طَيِّبَةٌ وَّرَبٌّ غَفُوْرٌ 15
البته تحقيق هئي سبا جي قوم وارن جي لاءِ سندن ڳوٺ ۾ نشاني ٻه باغ سڄي پاسي کان ۽ کٻي پاسي کان کائو پنهنجي رب جي رزق مان ۽ شڪر ڪيو ان جي لاءِ شهر پاڪ ۽ رب بخشڻهار .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريبيشڪ سبا جي (قوم) لاءِ سندن گهرن ۾ (وڏي) نشاني هئي. (انهن کي) ساڄي ۽ کاٻي پاسي کان ٻه باغ هئا (کين چيوسون ته) پنهنجي پاليندڙ جي روزي کائو ۽ سندس احسان مڃيو (اوهان جو هيءَ) شهر سٺو ۽ پروردگار معاف ڪرڻ وارو آهي.
— مولانا محمد مدنيسبا قوم لاءِ سندن رهڻ وارن علائقن ۾ وڏي نشاني هئي، انهن جي ساڄي کاٻي ٻه باغ هئا (کين چيو ويو ته) پنھنجي پالڻھار جو رزق کائو ۽ ان جو شڪر ادا ڪريو، جو شھر پاڪيزه آهي ۽ پالڻھار معاف ڪرڻ وارو آهي.
— عبدالسلام ڀُٽوفَاَعْرَضُوْا فَاَرْسَلْنَا عَلَيْهِمْ سَيْلَ الْعَرِمِ وَبَدَّلْنٰهُمْ بِجَنَّتَيْهِمْ جَنَّتَيْنِ ذَوَاتَىْ اُكُلٍ خَـمْطٍ وَّاَثْلٍ وَّشَيْءٍ مِّنْ سِدْرٍ قَلِيْلٍ 16
پوءِ منهن موڙيائون پوءِ وهائيوسون انهن تي تيز سيلاب ۽ مٽائي ڏناسون انهن کي عيوض ٻن باغن انهن جي ٻه باغ ڪسارن ميون ۽ لئن ۽ ڪجھ ٿورين ٻيرين وارا .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريپوءِ انهن منهن موڙيو. پوءِ اسان مٿن بند جي ٻوڏ موڪلي. ۽ اسان کين سندن (انهن) ٻن باغن جي بدلي ۾ (ٻيا) ٻه باغ ڪُساري ميوي ۽ لئي ۽ ڪجهه ٿورين ٻيرين وارا ڏنا.
— مولانا محمد مدنيپر (شڪر ڪرڻ بجاءِ) انهن منھن موڙيو. اسان مٿن (بند کي ٽوڙي) پاڻيءَ جو هڪ وڏو سيلاب آندو ( جنهن کان پوءِ اُهي سرسبز باغ سيلاب سبب ختم ٿي ويا) پوءِ انهن ٻن باغن جي جاءِ تي اسان کين ٻيا ٻه اهڙا باغ ڏنا جن ۾ ڪَڙا ميوا، ليُون ۽ ڪجهه ٻيرين جا وڻ هئا.
— عبدالسلام ڀُٽوذٰلِكَ جَزَيْنٰهُمْ بِـمَا كَفَرُوْا ۭ وَهَلْ نُجٰزِيْٓ اِلَّا الْكَفُوْرَ 17
اها سزا ڏني سون انهن کي سببان ان جي جو ڪفر ڪيائون ۽ نه سزا ڏينداسون مگر بي شڪر کي .
— مولانا محمد ادريس ڏاھرياهو بدلو اسان کين سندن ڪفر جي ڪري ڏنو ۽ اسين ناشڪر کانسواءِ ٻئي کي سزا نه ٿا ڏيون.
— مولانا محمد مدنياسان کين اهو ناشڪري جو بدلو ڏنو. شڪر نه ڪرڻ وارن کي اسان اهڙو ئي بدلو ڏيندا آهيون.
— عبدالسلام ڀُٽووَجَعَلْنَا بَيْنَهُمْ وَبَيْنَ الْقُرَى الَّتِيْ بٰرَكْنَا فِيْهَا قُرًى ظَاهِرَةً وَّقَدَّرْنَا فِيْهَا السَّيْرَ سِيْرُوْا فِيْهَا لَيَالِيَ وَاَيَّامًا اٰمِنِيْنَ 18
۽ ڪياسون سندن وچ ۾ ۽ انهن ڳوٺن جي وچ ۾ جو برڪت رکي سون انهن ۾ ڳوٺ ظاهر ۽ بندوبست ڪيوسون انهن ۾ سير جو سير ڪيو انهن ۾ راتيون ۽ ڏينهن امن وارا ٿيندڙ .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ سندن وچ ۾ ۽ انهن ڳوٺن جي وچ ۾ جن (جي پيداوار) ۾ برڪت رکي سون اسان (شاهي رستي تي هلندڙن لاءِ) پڌرا ڳوٺ بنايا ۽ انهن جي وچ ۾ اسان اچ وڃ لاءِ (خاص اندازي سان) منزلون مقرر ڪيون (چيوسون) ته انهن ۾ راتيون ۽ ڏينهن بي ڊپا ٿي گهمو ڦرو!
— مولانا محمد مدنياسان سبا قوم ۽ (ٻين) برڪت ڀرين ڳوٺن جي وچ ۾ ٻيا مشهور ڳوٺڙا آباد ڪيا ۽ اسان انهن جي وچ ۾ هڪ اندازي سان منزلون مقرر ڪيون ۽ کين چيو ته توهان انهن ڳوٺن جي وچ ۾رات ڏينھن امن ۽ سلامتي سان هلندا رهو.
— عبدالسلام ڀُٽوفَقَالُوْا رَبَّنَا بٰعِدْ بَيْنَ اَسْفَارِنَا وَظَلَمُوْٓا اَنْفُسَهُمْ فَـجَعَلْنٰهُمْ اَحَادِيْثَ وَمَزَّقْنٰهُمْ كُلَّ مُمَــزَّقٍ ۭ اِنَّ فِيْ ذٰلِكَ لَاٰيٰتٍ لِّكُلِّ صَبَّارٍ شَكُوْرٍ 19
پوءِ چيائون اي اسان جا رب! پرانهين ڪر اسان جي سفرن ۾ ۽ ظلم ڪيائون پنهنجي نفس تي پوءِ بنايوسون انهن کي آکاڻيون ۽ ذرا ذرا بنايوسون انهن کي صفا ذرا بلاشڪ ان ۾ البته نشانيون آهن هر صبر ڪندڙ، شڪر ڪندڙ جي لاءِ .
— مولانا محمد ادريس ڏاھريپوءِ انهن چيو. ته اي اسان جا پاليندڙ! اسان جي مسافرين (جي پنڌ) ۾ دوري ڪر ۽ پاڻ تي ظلم ڪيائون پوءِ اسان انهن کي (ٻين لاءِ) آکاڻيون بنايو ۽ کين بالڪل ٽيڙي پکيڙي ڇڏيوسون. بيشڪ ان ۾ سڀڪنهن صبر ڪندڙ شڪر ڪندڙ لاءِ (وڏيون) نشانيون آهن.
— مولانا محمد مدنيپوءِ هو (ناشڪري ڪندي) چوڻ لڳا ته اي اسان جا پالڻھار!اسان جي سفر کي ڊگهوبناءِ اهڙيءَ طرح انهن ماڻهن پنھنجو پاڻ تي ظلم ڪيو. ۽ اسان به کين تاريخ جو قصو بنائي تتر بتر ڪري ڇڏيو. بيشڪ انهن ڳالهين ۾ صبر ۽ شڪر ڪرڻ وارن لاءِ وڏيون نشانيون آهن.
— عبدالسلام ڀُٽووَلَقَدْ صَدَّقَ عَلَيْهِمْ اِبْلِيْسُ ظَنَّهٗ فَاتَّبَعُوْهُ اِلَّا فَرِيْقًا مِّنَ الْمُؤْمِنِيْنَ 20
۽ البته تحقيق سچو ڪري ڏيکاريو انهن تي شيطان پنهنجو گمان پوءِ ان جي تابعداري ڪيائون مگر ٽولي هڪڙي مؤمنن مان .
— مولانا محمد ادريس ڏاھري۽ بيشڪ ابليس انهن جي باري ۾ پنهنجي گمان کي سچو ڪري ڏيکاريو جو مومنن جي هڪ ٽوليءَ کان سواءِ ٻين سندس تابعداري ڪئي
— مولانا محمد مدنياهڙي قوم جي باري ۾ ابليس جو گمان صحيح نڪتو ته مؤمنن جي هڪ ٽولي کان سواءِ ٻين سڀني ان (ابليس) جي پيروي ڪئي.
— عبدالسلام ڀُٽو